بلاگنئون

هڪ مُرڪ پنهنجي لاءِ

مرڪ جنھن کي اسان حاصل خوشي چوندا آھيون، جڏھن ڪا دلي خواھش پوري ٿيندي آھي اسان جي چھري تي ۽ چپن تي خوشي جي لھر اچي ويندي آھي، جيڪا سڄي چھري جي رونق ھوندي آھي ڪنھن جي ملڻ سان يا وري ڪنھن جي اچڻ سان اسان جي دل خوشي ۾ نه پئي ماپجندي آهي. اسان جي چپن تي خوشي بھار وانگر وکريل ھوندي آھي  يا وري ڪا کل ۽ خوشيءَ واري يا ڀوڳ ۽ مشڪري واري ڳالھه اسان جي چپن تي مرڪ آڻيندي آھي.

مرڪ جو واسطو خوشين سان گھڻو ھوندو آھي، جڏھن انسان کي ڪو غم وڪوڙيندو آھي پوءِ ڄڻ چپن تان مرڪ غائب ٿي ويندي آهي ڄڻ مرڪ تي تالا لڳي ويندا آھن، پوءِ چھرو ڄڻ بيابان ٿر جي ويران ريگستان وانگر اداس لڳندو آھي، جتي رڃ واڪا ڪري رهي هوندي آهي، ڄڻ جتي بھار جي مند جو ڪو آسرو ئي نه هجي، پوءِ اکيون به ڄڻ خشڪ سمنڊ جي پٽيءَ جو منظر پيون پيش ڪنديون آھن، ڄڻ ڪي خواب سمنڊ جي پٽيءَ تي اداس لاوارث بيٺل ھجن يعني ھڪ مرڪ جي غائب ٿيڻ جي ڪري ھڪ خوبصورت چھرو ڄڻ ته ويران ٿيو وڃي.

چوندا آھن ته خوشيءَ کان وڌيڪ ڪا خوراڪ ناھي ۽ غم کان وڌيڪ  ڪو مرض ناھي، يعني ڏک انسان کي ڪيترين ئي بيمارين ۾ مبتلا ڪري ڇڏين ٿا ۽ خوش ٿيڻ سان انسان جي دل ۽ دماغ صحتمند ۽ تازو توانو محسوس ڪن ٿا. اڄڪلهه جي دور ۾ ڏسجي ته ڪافي ماڻھو  ڪنهن نه ڪنهن پريشانيءَ ۾ گهيريل آھن، اڪثر ماڻهن جو موڊ خراب ھوندو آھي، جڏھن ڪنھن جي دعوت تي ويندا آھن ڪنھن پارٽي ۾ اتي پنھنجن دوستن سان انجواءِ ڪندا آھن جڏھن ڪو دوست ڪنهن يادگار تصوير ڪڍڻ جي فرمائش ڪندو آهي ۽ پوءِ اڪثر اهو چيو ويندو آهي ته ٿورو مرڪو ته جيئن تصوير سٺي اچي. ان جو مطلب اهو آهي ته مرڪ اسان جي چهري کي خوبصورتي بخشي ٿي ۽ حقيقت ۾ به جڏهن اسان پنهنجون تصويرون ڏسندا آهيون ته مرڪندڙ چهرا واقعي ڏاڍا خوبصورت لڳي رهيا هوندا آهن.

 يعني اسان ٻين کي خوش ڪرڻ لاءِ چپن تي ڪوڙي مرڪ آڻي خوش ٿيڻ جي ايڪٽنگ ڪريون ٿا، پر جڏھن اسان اڪيلا ٿيون ٿا ۽ ڪنهن ڏک يا غم سبب اسان جي مرڪ غائب ٿي وڃي ٿي ته پوءِ نه صرف اسان پر اسان جي ارد گرد جا ماڻهو به اسان جي چهري کي ڏسي اداس ٿي وڃن ٿا.

بھرحال اسان کي گهرجي ته اسان مثبت ڳالهين بابت سوچيون  ته جيئن اسان جو ذهن خوش رهي ۽ اسان جي چهرن تي مسڪراهٽ برقرار رهي. ان سان اهو ٿيندو ته نه صرف اسين پاڻ خوش رهي سگهون ٿا، بلڪه اسان جي ارد گرد رهڻ وارا ماڻهو به خوش محسوس ڪندا ۽ خوشي ايتري ڪا مهانگي به ڪونهي صرف هڪ مرڪ سان حاصل ڪري سگهجي ٿي.