پھرين جولاءِ ١٩٧٠ ۾ ون يونٽ کي ٽوڙيو ويو. پھرين جولاءِ سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ اهڙو ڏينهن آهي جيڪو ياد ڏياريندو رهي ٿو ته سڃاڻپ، زبان ۽ وسيلن لاءِ ٿيندڙ جدوجهد ڪڏهن به رائيگان نٿي وڃي. هي ڏينهن سنڌي قوم لاءِ جدوجهد، اتحاد ۽ قومي شعور جي علامت بڻجي ويو آهي. ميرپورخاص ۾ ماما يوسف لغاري ۽ اسان جو ڪٽنب ويجھڙائپ ۽ محبت سان رھيو آھي. يوسف اسان جو ۽ جڳ جو مامو ھو ۽ بابو (دادا روچي رام) يوسف جو مامو آھي. ڇاڪاڻ جو ماما يوسف جي امان اسان جي ڪامريڊ غلام حيدر جي ڀيڻ ھئي، جن سان نبي سر روڊ کان وٺي ڀائپي کان ٿورا سرس تعلقات ھئا. ون يونٽ جي تحريڪ سان منھنجي واقفيت بس ٤ مارچ جي ھيرو ماما يوسف تائين ھئي. ھڪ ڏينھن ھڪ نوجوان ڇوڪري ميرپورخاص ۾ ڪجھه ڪامريڊ ساٿين سان گڏ اسان جي گھر ٽڪڻ آئي، ڪنھن جلسي ۾ آئي ھئي ته بابو کين گھر وٺي آيو ھو، ھي ١٩٦٧ کان ٿورو پوءِ جو زمانو ھو. آئون ڪو نون يا ڏھن سالن جو ھوندس. گھر ۾ ڳالھه ھئي ته ھي بھادر سنڌي ڇوڪري اختر بلوچ آھي جيڪا سنڌ جي حقن لاءِ بک ھڙتال تي ويٺي ھئي.
ون يونٽ جو نظريو پاڪستان جي سياسي تاريخ جو هڪ اهڙو دور آهي، جيڪو وفاقيت، قوميتن جي سڃاڻپ ۽ سياسي انصاف بابت وڏا سوال اٿاري ٿو. هي پاليسي 1955ع ۾ لاڳو ڪئي وئي، جنهن تحت پاڪستان جي اولهه وارن علائقن (موجوده پاڪستان) کي هڪ واحد انتظامي يونٽ يعني “ون يونٽ” ۾ ضم ڪيو ويو، جڏهن ته اوڀر پاڪستان (اڄ جو بنگلاديش) ٻيو يونٽ رهيو.
1953۾ مسلم ليگ بنگال ۾ ھارائي وئي ۽ ھتي اسان وٽ اولھه واري پاسي حڪمراني تي قابض سڪندر مرزا جي سازشي ٽولي بنگال جي جائز عددي برتري کان بچڻ ۽ سندس حڪومت ڪرڻ جي حق کسڻ لاءِ ۽ سدائين اقتدار ۾ رھڻ جي خواھش آڌار اولھه ۾ چئن ئي صوبن کي ملائي ون يونٽ ٺاھيو جنھن جو مقصد بنگال جي آبادي کي متوازن ڪرڻ ھو.
ان برابريءَ کي متوازن ڪرڻ جي ڪوشش تحت، 22 نومبر 1954ع تي وفاقي حڪومت اهو فيصلو ڪيو ته پنجاب، سنڌ، بلوچستان، خيبر پختونخواهه ان وقت NWFP۽ رياستون گڏ ڪري هڪ “اولهه پاڪستان” ٺهرايو وڃي، جنهن کي 14 آڪٽوبر 1955ع تي باضابطا ون يونٽ جو نالو ڏنو ويو.
04 مارچ 1967ع تي سنڌ جي شاگردن، اديبن، سياسي ڪارڪنن ۽ قومپرستن ون يونٽ خلاف هڪ وڏي احتجاجي مظاهري جو اعلان ڪيو. سنڌ جي مختلف شهرن، خاص ڪري ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو ۽ ٻين هنڌن تي شاگردن مظاهرا ڪيا. هن ڏينهن سنڌ جي ڌرتيءَ لاءِ قربانيون پيش ڪيون ويون، ڪيترائي شاگرد زخمي ٿيا، ڪيترن کي گرفتار ڪيو ويو. ون يونٽ جا اثر ائين ٿيا جو ننڍن صوبن جي سڃاڻپ ختم ٿي وئي، ٻولين، ثقافتن ۽ قومي حقن تي وار ٿيو. اختيار صرف مرڪز ۽ خاص ڪري پنجاب وٽ محدود ٿي ويا، وسيلن جي ورڇ ۾ ناانصافي شروع ٿي. سنڌ جي باشعور ماڻهن، اديبن، شاعرن، سياسي اڳواڻن ۽ شاگردن هن غير منصفاڻي پاليسي جي سخت مخالفت ڪئي. هيءَ جدوجهد وقت سان گڏ هڪ عوامي تحريڪ ۾ تبديل ٿي وئي. سنڌ جي شاعرن ۽ اديبن ون يونٽ کي “سنڌ جي وجود تي حملو” قرار ڏنو. شيخ اياز، تنوير عباسي، سراج الحق ميمڻ، تاج جويو ۽ ٻين باشعور ليکڪن لکڻين وسيلي سنڌ جي قومي سڃاڻپ لاءِ آواز اٿاريو.
جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي، خان غفار خان، صمد اچڪزئي ۽ ٻين اڳواڻن ون يونٽ جي خلاف صوبن جي حقن جي حمايت ۾ ون يونٽ خلاف سياسي جدوجهد ڪئي. سنڌي شاگرد تحريڪن جو به وڏو ڪردار رهيو، جن ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ ٻين شهرن ۾ مظاهرا ڪيا ۽ سنڌي شاگرد تحريڪ ۾ گرمي آندي. خاص طور تي سنڌ يونيورسٽي ۽ ڪراچي جي شاگردن، ون يونٽ خلاف باقاعده مهم هلائي. 1960ع واري ڏهاڪي ۾ ڪيترائي شاگرد گرفتار به ٿيا. اخبارن ون يونٽ خلاف مضمون ڇاپيا. قومي آواز جي حمايت ڪئي وئي ته جيئن سنڌ جي الڳ سڃاڻپ محفوظ رهي.
سنڌ سميت بلوچستان،NWFP ۽ ٻين قوميتن جي سخت دٻاءُ سبب، آخرڪار 1 جولاءِ 1970ع تي جنرل يحيٰ خان ون يونٽ کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. صوبن کي ٻيهر سندن اصل حيثيت ڏني وئي ۽ سنڌ جي قومي سڃاڻپ بحال ٿي. ون يونٽ جو تجربو وفاقي نظريي ۽ پاڪستان جي قومي وحدت لاءِ ناڪام ثابت ٿيو. سنڌ جي ماڻهن جي ان قرباني ۽ جدوجهد سبب، نه رڳو سنڌ جي سڃاڻپ قائم رھي، پر پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ هڪ اهم باب پڻ لکجي ويو. هي واقعو اڄ به ياد ڏياريندو رهي ٿو ته مرڪزيت نه، پر صوبائي خود مختياري ئي پائيدار گڏيل ملڪ جو بنياد آهي.