بلاگنئون

”ستي بيبي“ جي تخليقڪار هڪ بهترين ليکڪا

سنڌ جي سر زمين سدائين علم و ادب سان زرخيز ۽ شاهوڪار رهي آهي، جنهن جو مثال دنيا ۾ ڏئي سگهجي ٿو. حيدرآباد به روحاني، علمي ۽ ادبي سرگرمين جو هميشه  مرڪز  رهيو آهي. سنڌ جي عظيم ۽ ناميارن ڪيترن ئي علمي ادبي شخصيتن جو شمار به محبتن ۽ هوائن جي شهر حيدرآباد سان جڙيل آهي. چون ٿا ته جنهن حيدرآباد ۾ رهي زندگي گذاري ڏٺي هن کي ٻيو ڪو به شهر نه وڻندو آهي. اڄ منهنجي قلم هيٺ آيل شخصيت جو تعلق منگهن ۽ هوائن جي شهر سان آهي، جيڪا علم ۽ ادب جي ميدان ۾ ڪنهن کان گهٽ نه رهي آهي ۽ گهڻن کان چار وکون اڳتي وڌيل آهي. اها آهي سنڌ جي بهترين علمي ۽ ادبي شخصيت “محترمه ارشاد سومرو” جيڪا ڪنهن به تعارف جي محتاج نه رهي آهي.

ڊسمبر مهيني جي 27 تاريخ سرد گذار موسم ۾ سنڌ جي هي مان واري شخصيت لاڙڪاڻي ضلعي جي رتيديري شهر ۾ محمد هاشم سومرو (جيڪو سرڪاري ملازم سان گڏ تر جو زميندار به هو) جي گهر پيدا ٿي. سندس چوڻ موجب سندس پيدائش ته ڊسمبر ۾ ٿي، پر بابا 2 اپريل لکرائي. عورتن جي روايت موجب هن به ڄم جو سال نه ٻڌايو. سندس ڇٺيءَ جو نالو ارشاد رکيو ويو. سومرا ذات جي حساب سان پورو نالو ارشاد سومرو سڏجڻ لڳي. اڳتي هلي ادب سان واسطو ٿيس ته “ارشاد ناز سومرو” جي نالي سان لکڻ لڳي، پر هاڻوڪي ادبي کيتر ۾ ارشاد سومرو جي نالي سان لکي  ۽ سڃاتي وڃي ٿي.

اصل رتوديرو ضلعي لاڙڪاڻي جي مشهور علمي ۽ ادبي شخصيت ارشاد سومرو جي هاڻوڪي رهائش (ڪيترن ئي سالن کان) هوائن جي شهر حيدرآباد ۾ آهي. ڇهن ڀائرن ۽ ڀيڻن جي وچ ۾ پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جي پنجون نمبر اولاد آهي. هن کان وڏا ٻه ڀائر ۽ ۽ ٻه ڀينرون، پاڻ پنجين نمبر تي ۽ هڪ ڀاءُ ننڍو اٿس.

سنڌ جي انتهائي تعليم يافته گهراڻي جي باصلاحيت ارشاد سومرو جو تعليمي ڪيريئر سندس اباڻي شهر جي گورنمينٽ پرائمري گرلز اسڪول رتيديري کان شروع ٿيو. اڳتي هلي سکر بورڊ مان مئٽرڪ 1982 ۾ ۽ انٽر 1984 ۾ (پرائيوٽ) طور پڙهي. بي اي 1992 ۽ ايم اي (سنڌي) 1994 ۾ خيرپور يونيورسٽي مان، سي ٽي 1995 بورڊ آف ڪريڪيولم ڄامشورو، بي ايڊ 1998 ۾ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد، ايم ايڊ 2003 شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جڏهن ته ايم فل هن سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ڪئي.

شاندار علمي ڪيريئر رکندڙ ارشاد سومرو پنهنجي عملي زندگيءَ جو آغاز به شاندار نموني ڪيو. هن بيڪن هائوس(BSS) جهڙي وڏي ۽ بهتري درسگاهه ۾ 2001 کان 2018 تائين سنڌي سبجيڪٽ طور پڙهايو ۽ هن وقت روڪفورڊ ڪيمبرج اسڪول (RCS) ۾ ميٽرڪ ۽ انٽر جي سنڌي سبجيڪٽ ٽيچر طور پنهنجون خدمتون سر انجام ڏيئي رهيون آهن.

هن وقت سنڌي ادب ۾ شهرت جي بلندين تي پهچندڙ ارشاد سومرو ادبي کيتر ۾ پنهنجي ننڍي وهي ۾ پير پائيندي 1997 کان لکڻ شروع ڪيو ۽ پهرين لکڻي گيت جي صورت ۾ 2004 ۾ سرتيون رسالي ۾ شايع ٿي ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي سندس نالو ادبي دنيا ۾ ڇانئجي ويو.

ارشاد جون مختلف لکڻيون سرتيون، مهراڻ، گل ڦل، عبرت اخبار، عبرت مئگزين، سنڌ ايڪسپريس، سوڀ، سويرا ميگزين، سرهاڻ ميگزين، آجيان اخبار، هزار داستان ۽ همسري ميگزين ۾ اڃان تائين شايع ٿينديون رهنديون آهن.

سنڌ جي هر فن مولا ليکڪا جنهن ڪهاڻيون، شاعري، مضمون، ڪالم، ناول  لکيا آهن. هن  پنهنجي ادبي استاد بابت هڪ سوال  جي جواب ۾ چيو: “وقت وڏو استاد آهي”

سنڌ جي وڏي ليکڪا جنهن لکڻ جي ميدان ۾ پاڻ ملهايو آهي. سندس هن وقت تائين ست ڪتاب ڇپجي پڙهندڙن جي جي هٿن تائين پهچي چڪا آهن، انهن ۾ ٽي شاعري، ٻه ڪهاڻين جا مجموعا، هڪ ناول ۽ هڪ مضمونن جو ڪتاب شامل آهن. ڇپيل ڪتابن جو تفصيل ڪجھه هن طرح آهي:

(1) گهڙي غمن جي ڀاري آهي  (شاعري)  2015

(2) درد جو ڇو انت نه آ؟ (شاعري) 2016

(3) ڌرتي جي دانهن (مضمون) 2018

(4) صدين جي اڃ  (ڪهاڻيون) 2021

(5)  سنڌ سموري گهايل ڇو؟  (شاعري) 2021

(6) ڏات جي ڏيھه ۾  (ناول) 2022

(7) ستي بيبي  (ڪهاڻيون)  2023

ان کان علاوه ٽي شاعري جا گڏيل مجموعا:

(1) پير پير جو پنهنجو پنڌ

(2) سنڌ جون عورت شاعرائون

(3)  مهڪيا گل گلاب جا

ايندڙ ڪتابن بابت  چيائين تقريبن ستن ڪتابن جو مواد سهيڙيل آهي جيڪي جلد ڇپرائي پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچائيندس.

بهترين ڪهاڻيڪاره، شاعره ۽ ناول نگار ارشاد سومرو شاعري ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي شاعرن جو سرتاج ۽ شيخ اياز کي ۽ نثر ۾ امر جليل ۽ آغا سليم کي پسند ڪندڙ کان سياستدان جي پسند بابت پڇيم ته چيائين “جيڪو سنڌ ۽ سنڌين جي حقن جي لاءِ ڪم ڪري ۽ آواز اٿاري” اهو ئي سياستدان وڻندو اٿم.

سنڌ جي مهان ليکڪا جيڪا هر ادبي محفل، ادبي فنڪشن، مشاعرن ۽ مذاڪرن ۾ هر وقت سرگرم نظر ايندي شرڪت ڪندي آهي. هن پنهنجي علمي ۽ ادبي خدمتن عيوض ڪيترائي ايوارڊ حاصل ڪيا آهن.

تعليمي ايوارڊن ۾A G P وارن بيسٽ ٽيچر جو ايوارڊ، بيڪن هائوس اسڪول سسٽم وارن ڏهه سالا ٽيچر ايوارڊ، R C C وارن به بيسٽ ٽيچر جو ايوارڊ ڏنو ۽ هن سال ئي 2025 ۾ آل سنڌ پرائيويٽ اسڪول ٽيچر ايسوسئيشن طرفان ايجوڪيشن ايوارڊ به مليو، جيڪا پنهنجي خوشنصيبي ٿي سمجهي.

ادبي ايوارڊن ۾ :

* بيسٽ ڪهاڻي “ستي بيبي”  تي سنڌ راڻي ايوارڊ  2019/20

* – بزم روح رهاڻ طرفان بهترين ڪهاڻيڪار/شاعره جو ايوارڊ 2021 .

* – بزم پاڪستان اردو ميگزين ڪراچيءَ طرفان بيسٽ ليکڪ جو ايوارڊ 2020/21

* – مخدوم طالب المولي’ مڃتا سرٽيفڪيٽ 2022

*-  سرهاڻ ميگزين مڃتا سرٽيفڪيٽ 2022

* – ستي بيبي ڪهاڻين جي ڪتاب کي  “ترقي پسند مصنفين” طرفان سال 2023 جو بيسٽ ڪتاب جو ايوارڊ مليو.

*-  سويرا مڃتا بهترين شاعره جو  ايوارڊ 2024

*-  آجيان اخبار مڃتا سرٽيفڪيٽ 2025

سنڌ جي گهڻ رخي ليکڪا مٿين ايوارڊن ۽ سرٽيفڪيٽن جو تفصيل ٻڌائيندي رب جو شڪرانا ادا ڪندي چيو ته اهي سڀ ايوارڊ منهنجي رب پاڪ جا احسان آهن. مان رب پاڪ جا جيترا ب شڪرانا بجا آڻيان اوترا گهٽ آهن، انهن ادارن جا به اڻ ڳڻيا احسان جن منهنجي ڪم کي مان بخشيو ۽ مڃتا جي عزتن سان نوازيو.

سنڌي ادب جي جاکوڙي ۽ هر وقت لکندڙ ليکڪا ارشاد سومرو کان ڪجھه هلڪا ڦلڪا سوال ڪيم.

ڪهڙن ادبي تنظيمن سان هن وقت وابستا آهيو ؟

چيائين هن وقت سنڌي ادبي سنگت عورت شاخ حيدرآباد سان آهيان.

وڻندڙ شهر؟

اباڻو شهر رتوديرو ۽ حيدرآباد.

وڻندڙ رنگ ڪپڙن ۾؟

آسماني ۽ گلابي.

وڻندڙ موسم؟

 دل جي موسم سٺي آهي ته هر موسم سٺي ٿي لڳي. تڏهن به برسات جي موسم وڻندي اٿم.

قصص الانبياءَ پسنديده ڪتاب.

وڻندڙ خوشبوءِ؟

رابيل جي

 وڻندڙ فنڪار ۽ موسيقي بابت چيائين ته سرمد سنڌي، عابده پروين ۽ صنم ماروي هر وقت وڻندا اٿم.

جڏهن ته کيس وڻندڙ کاڌن ۾ دال ۽ چانور پسند آهن، ستن ڪتابن جي تخليقڪار ارشاد سومرو کا پڇيم ته زندگي ڇا آهي ؟

رب پاڪ جو خوبصورت تحفو  جيڪو ڏکن سکن جو سنگم آهي.

 محبت ڇا آهي؟

محبت رب پاڪ جو عطيو آهي، جيڪو نصيب وارن کي نصيب ٿيندو آهي.

مرد ۽ عورت توهان جي نظر ۾؟

عورت ۽ مرد خدا پاڪ جي بهترين تخليق آهي، اگر مرد ۽ عورت پنهنجا فرض ايمانداري سان سر انجام ڏين ته هي دنيا جيئري ئي جنت آهي.

رشتيدارن جي پيار مان مطمئن آهيو؟

انتهائي مختصر جواب ڏيندي هڪ لفظ چيائين “بلڪل”

سڀ کان وڌيڪ عزيز هو پنهنجي ڀائٽي کي ٿي سمجهي جنهن لاءِ پيار جو اظهار هنن لفظن سان ڪيائين: “جيڪا منهنجي لاءِ ڪل ڪائنات  برابر آهي”

ڪا خوشي جنهن توهانجي زندگي بدلائي ڇڏي هجي ؟

بيڪن هائوس اسڪول سسٽم ۾ 2001 ۾ مليل نوڪري، جنهن منهجي زندگي بدلائي ڇڏي.

ڪو اهڙو غم جيڪو وسري نه سگهيو هجي؟

غمزده ٿيندي چيائين ها، جوان ڀاءَ جو وڇوڙو جيڪو ڪڏهن به ناهي وسريو. بلڪل اڄ به جيءُ جهوري ٿو ڇڏي.

ڪا اهڙي خواهش جيڪا پوري ٿي هجي ته توهان تمام گهڻا خوش ٿيا هجو؟

منهنجي ڪتابن جي ڇپائي تي تمام گهڻي خوشي ٿيندي اٿم. انهي کانسواءِ منهنجي ڪتابن جي مهورتي تقريب ممتاز مرزا آڊيٽوريم حيدرآباد ۾ ٿي هئي، جنهن جي صدارت سنڌ جي سر موڙ شاعر امداد حسيني ۽ خاص مهمان سنڌ جو قومپرست رهنما محترم رسول بخش پليجو هئا. ڪمپيئرنگ نصير مرزا ڪئي هئي، انهي محفل کي زندگي جي يادگار محفل سمجهندي تمام گهڻي خوشي حاصل ٿي هئي ۽ ڪڏهن به نه وساري سگهي آهيان.

ڪا اهڙي خواهش جيڪا اڃان پوري نه ٿي هجي ؟

ليڪچرار ٿيڻ جي خواهش اڻ پوري رهجي وئي، ٽي دفعا ڪميشن پاس ڪئي، پر شايد نصيب ۾ نه هئي.

طبيعت ۾ ڪيئن آهيو ؟

وچ ٿري

آخر ۾ پڙهندڙن لاءِ پيغام؟

“جيئو ۽ جيئڻ ڏيو، ڪنهن کي سک نٿا ڏئي سگهو ته ڏک به نه ڏيو”

سنڌ جي ڏاهي ليکڪا جنهن جا ست ڪتاب اچي چڪا آهن، انهن مان ڪهاڻين جي مجموعي “ستي بيبي” انتهائي گهڻي شهرت حاصل ڪئي ۽ سندس ناول “ڏات جي ڏيھه ۾” به تمام گهڻو مشهور ٿي شهرت جي بلندين تائين پهتو، سنڌي ادب جي افق تي ارشاد سومرو جو نالو چوڏهين جي چنڊ جيان ستارن جي جهرمٽ ۾ چمڪي رهيو آهي. سنڌي انسائيڪلو پيڊيا ۾ سندس نالو درج ٿي چڪو آهي. منهنجي دعا آهي ته ادب جي کيتر ۾ سدائين مهڪندي ۽ مرڪندي رهي، سدائين کلندي ۽  لکندي رهي ۽ پنهنجو نالو روشن ڪندي رهي، زندگي جون خوشين واريون بهارون ماڻيندي رهي، سدا خوش هجي پنهنجن سان، زندگي سان ۽ خوشين سان، پڙهندڙن کي سندس ايندڙ ڪيترن ئي ڪتابن جو انتظار رهندو.

***