گهر جي اڱڻ ۾ ڀرت پئي ڀريوسون ته منهنجون ڳوٺ جون سهيليون اچي ويون ۔ادي ڇا پيون ڪريو؟ مائي بختاور کي ڏسو يا پئي پنا ڪارا ڪري يا پئي ڪتاب پڙهي وري ڏسو ته پئي کڻ کڻڨي ۽ ڀرت ڀري. “سهٿ وڏي آواز چيو” سکين سڀني کلي ڏنو ۔هائو ادي ماسي جمي اٿس هٿن جي وينجهار، ۔سو ڀاڻيجي گهٽ ڪونه هوندي ۔حليمان ڳالهه کي ٽوپو ڏنو۔۔ ڀلي ڀلي ڪري آيون اديون ۔بختاور سڀني کي گلي لڳائي ملي۔ مائي بختاور اڄ تنهنجي هٿن جي چانهه به پيئنديوسون ۽ ڀرت تي توکان ڳالهيون به ٻڌبيون، ثمرين چيو “۔ڀلي ڪري جي ڪري آيون ۔ اوهين ويهو ته آئون چانهه ٺاهي اچان” ۔۔بختاور چانهه سکين ۾ ونڊيندي ڳالهين جي ڳوٿري کولي وڏي۔ ڀيڻ چون ائين ٿا ته فن جي شروعات تڏهن ٿي جڏهن پکي پنهنجي ماديءَ لاءِ آکيرو جوڙيو ۽ ۔عورت ته بنيادي طور هڪ سرجڻهار (پيدا ڪندڙ) آهي. هونئن ته عورت نسل کي اڳتي ٿي وڌائي، ۔پر هوءَ اٽي مان ماني ٺاهي پنهنجن پيارن کي پيش ڪري ٿي، ۔کير ولوڙي منجهائس مکڻ ۽ لسي ٿي ٺاهي، ۔ ايئن هن ۾ ٺاهڻ ۽ اڏڻ جي حس قدرت ڪجهه زياده ئي رکي آهي. ۔ڀرت ڀرڻ ۽ ان ۾ حسناڪيون پوئڻ به عورت جو خاصو رهيو آهي ۔ شايد ڀرت سنڌو سڀيتا جو پڻ حصو هجي۔؟ پاڻ وٽ جيڪو ٽوپي جو ڪم ٿئي تنهن کي ڀرت چئجي ۔ٿو. ڀرت لاءِ عورت وٽ ٻه اوزار هوندا آهن هڪ سئي ٻي آر ، ۔وري ٻنهي جو ڪم ۽ ڪارج به الڳ سئي سبڻ ۽ ڀرڻ جي ڪم اچي ته آر وري اڻت جي ڪم ڀرت جا پاڻ وٽ ڪيئي قسم آهن، پر خاص مشهور ڪچو ۽ پڪو آهن. ۔