بلاگنئون

ڪچو ۽ پڪو ڀرت

گهر جي اڱڻ ۾ ڀرت پئي ڀريوسون ته منهنجون ڳوٺ جون سهيليون اچي ويون ۔ادي ڇا پيون ڪريو؟ مائي بختاور کي ڏسو يا پئي پنا ڪارا ڪري يا پئي ڪتاب پڙهي وري ڏسو ته پئي کڻ کڻڨي ۽ ڀرت ڀري. “سهٿ وڏي آواز چيو” سکين سڀني کلي ڏنو ۔هائو ادي ماسي جمي اٿس هٿن جي وينجهار، ۔سو ڀاڻيجي گهٽ ڪونه هوندي ۔حليمان ڳالهه کي ٽوپو ڏنو۔۔ ڀلي ڀلي ڪري آيون اديون ۔بختاور سڀني کي گلي لڳائي ملي۔ مائي بختاور اڄ تنهنجي هٿن جي چانهه به پيئنديوسون ۽ ڀرت تي توکان  ڳالهيون به ٻڌبيون، ثمرين چيو “۔ڀلي ڪري جي ڪري آيون ۔ اوهين ويهو ته آئون چانهه ٺاهي اچان” ۔۔بختاور چانهه سکين ۾ ونڊيندي ڳالهين جي ڳوٿري کولي وڏي۔ ڀيڻ چون ائين ٿا ته فن جي شروعات تڏهن ٿي جڏهن پکي پنهنجي ماديءَ لاءِ آکيرو جوڙيو ۽ ۔عورت ته بنيادي طور هڪ سرجڻهار (پيدا ڪندڙ) آهي. هونئن ته عورت نسل کي اڳتي ٿي وڌائي، ۔پر هوءَ اٽي مان ماني ٺاهي پنهنجن پيارن کي پيش ڪري ٿي، ۔کير ولوڙي منجهائس مکڻ ۽ لسي ٿي ٺاهي، ۔ ايئن هن ۾ ٺاهڻ ۽ اڏڻ جي حس قدرت  ڪجهه زياده ئي رکي آهي. ۔ڀرت ڀرڻ ۽ ان ۾ حسناڪيون پوئڻ به عورت جو خاصو رهيو آهي ۔ شايد ڀرت سنڌو سڀيتا  جو پڻ حصو هجي۔؟ پاڻ وٽ جيڪو ٽوپي جو ڪم ٿئي تنهن کي ڀرت چئجي ۔ٿو. ڀرت لاءِ عورت وٽ ٻه اوزار هوندا آهن هڪ سئي ٻي آر ، ۔وري ٻنهي جو ڪم ۽ ڪارج به الڳ  سئي سبڻ ۽ ڀرڻ جي ڪم اچي ته آر وري اڻت جي ڪم  ڀرت جا پاڻ وٽ ڪيئي قسم آهن، پر خاص مشهور ڪچو ۽ پڪو آهن. ۔

ڪچو ڀرت ۽ پڪو ڀرت:

۔ڪچي ڀرت ۾ ڌاڳو رنگ ۽ سيبا هلڪا استعمال ٿين ۔ ننڍيون نينگريون ڪچي ڀرت سان سکڻ جي شروعات ڪن ٿيون. ڇو ته اهو ڪنهن حد تائين سولو ۽ آسان ٿئي ٿو. جڏهن ته پڪي ڀرت ۾ ڌاڳو مضبوط ۽ رنگ به پڪو استعمال ٿئي ٿو ۔ڀلا ڀلي جو ڇيهه ڪونهي سو هر هٿ جو سٽاءُ ۽ نفاست الڳ الڳ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ڀرت شايد سنڌ اندر خاص طور وچولي لاڙ ۽ ٿر ۾ گهڻو ڀريو وڃي ٿو ۽ ان جو واهپو ججهو ٿئي ٿو، ۔جتي چولا، گج، ڪنجرا ۽ ڪنجريون ڀريون ۽ پهريون وڃن ٿيون ۔جن ۾ ٽڪون، ٽونئر ۽ رنگ برنگي ڀرت جا ڀريل گل ڊزائينون شامل ٿين ٿيون. ۔ٽوپيون، رومال ۽ اڳٺ پڻ ٺاهيا وڃن ٿا، ۔هاڻ ٽيڪنالاجي هٿ جي هنر کي کائي هڙپ ڪري وئي آهي، ۔پر اهو ڀرت اڄ به ناياب آهي. ۔گهٽ ۾ گهٽ شادين مرادين تي ڀرت ڀريل وڳا اڄ به استعمال ٿين ۔ٿا. شهرن جا ماڻهو ان کي هٿ جو هنر چئي وڏي چاهه سان پسند ڪن ٿا. ۔سنڌي ڀرت وري بلوچي ڀرت سان ملي جلي ٿو، پر منجهن وڏو فرق آهي، جيئن بلوچي جيڪي سنڌ ۾ رهن ۽ پاڻ کي ٻروچ سڏائين تن جون عورتون گهگها استعمال ڪن ۔جيڪي ججهي ڪپڙي مان ٺهيل هجن ٿا، ۔انهن تي پڻ پڪي جو ڀرت ٿئي ٿو، ۔پر ٿر اندر ڪنجرو جيڪو ناياب ٿيندو پيو وڃي، ۔هي گج جو هڪ قسم ئي آهي، جيڪو ڪنوار پرڻي ويل پائيندي آهي. ۔ان ڪنجري تي پڪي ڀرت جو وڏو ڪم ٿيل ٿئي ٿو. ۔شايد عورت اهو تصور ڪائنات ۾ پکڙيل آسمان جي رات جي منظر مان کنيو آهي ۔جيئن آسمان ۾ تارا جڳ مڳ جرڪندا آهن، تيئن تيئن ڪنجري ۾ پوئيل ٽڪون به تارن جهڙو ڏيک ڏينديون آهن.۔ پڪي ڀرت ۾ هرمچ وري چولن تي ڀرجي ۔ مڪو به پانچن ۽ ٽوپين ۾ استعمال ٿئي ۔مڪو سونهري رنگ جو هڪ خاص قسم جو ڌاڳو ٿئي، ۔جيئن ڪنجري تي ماسي جمون پڪي جو ڪم لاجواب ڪري تيئن وري ماسي نور (نوري) چولي کي چار چنڊ لڳايو ڇڏي. هڪڙي ڳالهه جي وضاحت ڪندي هلان ته گج وڏي عمر جون عورتوں پائينديون آهن، ۔ڪنجري شادي شده عورتون پائين جڏهن ته ڪنجرو خاص طور ڪنوار ئي پائيندي آهي ۔بنيادي طور ڪٽائي ۽ ساخت ۾ اهي هڪ جهڙا ٿين ٿا، پر مٿن ڀريل ڀرت مان ئي خبر پوندي ته هي گج آهي، هي ڪنجري آهي ۽ هي ڪنجرو آهي. ۔اها سنڌي ٻولي جي وسعت ۽ شاهوڪاري جي نشاني آهي جو هڪ شيءِ جا گهڻا نالا آهن. ڀرت جو اهو ڪچو پڪو ڪم رڳو ويسن وڳن تي ڪونه ٿئي، پر اهو کٽن تي وڇائڻ لاءِ چادرن، پلنگن جي چادرن، ۔ڪرسين ۽ صوفن تي رکيل گاديلن تي پڻ ٿئي. ۔شل اهي سئي کي سورڻ وارا هٿ سلامت هجن، اها سئي سلامت هجي ۔جنهن سئي جو ذڪر ڀٽائي گهوٽ به ڪيو آهي ۔سنهي سئي سبيو مون مارن من ۔محفل تي ماٺار ڇانيل هئي، سڀئي سکيون من لڳائي ٻڌي رهيون هيون۔ پريان سريل جي وڻ ۾ ڪا ڪوئل ڪو ڪو ڪري رهي هئي ۽ ايمان جيڪا سڀني چاچن ۽ پڦي جي شهزادي گڏي آهي تنهن چيو بوا ڪوڪو  سڀئي سکيون حيرت مان ايمان کي ڏسڻ لڳيون، توَڻ جو وقت ٿي ويو هو هرڪا پنهنجي پنهنجي گهر رواني ٿي وئي.

***