پاڪستان هڪ وفاقي ملڪ آهي جنهن جو چار اڪائيون گڏجي رياست پاڪستان ٺاهين ٿيون، پر افسوس جي ڳالهه آهي ته جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ترقيءَ جي لحاظ کان اسان کي صرف هڪ صوبو ترقي ڪندي نظر اچي ٿو ۽ ٻيا صوبا پنجاب جي ترقيءَ کي ڏسي رشڪ ڪندي نظر اچن ٿا.
ٻين ٽن صوبن ۾ نه انفرااسٽرڪچر، نه ئي تعليمي ادارا تعمير ٿيندي نظر اچن ٿا. ٻين سڀني ڳالهين کي ٿوري دير جي لاءِ وساري ٿو ڇڏجي، اسان هن وقت صرف روڊن ۽ رستن جي ڳالهه ڪريون ته وفاق جي طرفان موٽرويز جا منصوبا وڌيڪ پنجاب ۾ مڪمل ٿيا آهن، پر سنڌ کي هڪ موٽروي M-9 جي نالي تي (ڪراچي ۽ حيدرآباد موٽروي) ڏنو ويو، جيڪو بدقسمتيءَ سان اسان جي پراڻي روڊ کي ٿوري مرمت ڪري عوام کي هڪ لالي پاپ طور ڏنو ويو، ان روڊ تي سنڌ جي عوام کان تمام ڳرا ٽيڪس ورتا وڃن ٿا، پر روڊ جي حالت تمام خراب آهي.
سڄي دنيا کي خبر آهي ته موٽروي ڇاکي چيو ويندو آهي ۽ ان جا ڪهڙا پروٽوڪول هوندا آهن. انهن پروٽوڪولز کي نظر انداز ڪري هن وقت سپر هاءِ وي کي موٽروي جي نالي تي هلايو پيو وڃي، جنهن جو عوام کي ڪوبه فائدو نظر نٿو اچي. موٽروي هڪ خاص اهميت وارو روڊ هوندو آهي، ان جي داخلي ۽ خارجي هنڌن تي ڪنٽرول موجود هوندو آهي ته جيئن مقامي ٽريفڪ سڌي رستي تي داخل نه ٿي سگهي، پر M-9 تي اسان کي گڏهه گاڏا به نظر ايندا ته رستي تي چڙهي ايندڙ جانور به نظر ايندا، چنگچي رڪشائون، موٽر بائيڪون هر قسم جي اها ٽريفڪ جيڪا موٽروي تي ممنوع آهي جيڪا گاڏين جي مقرر رفتار کي ڍرو ڪري سگهي ٿي اها اسان کي نظر ايندي. جڏهن ته ٽول پلازه تي گاڏين کان هر ٻن مهينن کانپوءِ اضافي ٽول ٽيڪس ورتو وڃي ٿو، جيڪو سنڌ جي عوام جي مٿان هڪ اضافي بار آهي.
موٽروي جي چوڌاري مڪمل طور تي فينسنگ ٿيل هوندي آهي ته جيئن تيز رفتار گاڏين کي ڪنهن به حادثي کان بچائي سگهجي. سنڌ جي ڊي پي جو سڀ کان وڏو حصو ادا ڪندڙ صوبو آهي. هن وقت اهو چئي سگهجي ٿو ته هتي ڪوبه موٽروي موجود ناهي.
جڏهن ته پنجاب ۾ موٽرويز جو هڪ وسيع ۽ ترقي يافته نيٽ ورڪ موجود آهي، جنهن ۾ M-1 (پشاور اسلام آباد موٽروي) جيڪو خيبر پختونخواهه کان شروع ٿئي ٿو، پر ان جو وڏو حصو پنجاب مان گذري ٿو، اسلام آباد راولپنڊي کي ڳنڍي ٿو. M-2 هي (لاهور اسلام آباد موٽروي) جو پهريون مڪمل موٽروي هو ۽ پنجاب جي ٻن وڏن شهرن کي ڳنڍي ٿو. M-3 (لاهور عبدالحڪيم موٽروي) جيڪو لاهور کان اڳتي عبدالحڪيم تائين پهچي ٿو. M-4 هي پڻ پنجاب جي اندر هڪ اهم موٽروي آهي جيڪو پنڊي ڀٽيان کان ملتان موٽروي سڏجي ٿو. M-5 هي پنجاب کي سنڌ سان ڳنڍي ٿو، ان کي ملتان سکر موٽروي به چئجي ٿو. M-11 اهو پڻ پنجاب جي اندر موجود آهي جيڪو تمام اهم موٽروي آهي جيڪو سيالڪوٽ ۽ لاهور کي ڳنڍي ٿو. M-14 هي ڊي آءِ جي خان ۽ هاڪلا موٽروي سڏجي ٿو جيڪو پنجاب مان گذري ٿو، پر ان جي نسبت سکر حيدرآباد موٽروي جنهن کي M-6 سڏجي ٿو، جيڪو سنڌ جي لاءِ انتهائي اهم منصوبو آهي اهو اتر پاڪستان کي ڏکڻ ۾ ڪراچي پورٽن کي سڌو سنئون ڳنڍيندو.
ان روڊ جي تعمير جو ڪم ڪجهه وقت اڳ شروع ٿيو هو، پر فنڊن جي مڪمل دستيابي نه هجڻ سبب اڃان تائين مڪمل نه ٿي سگهيو آهي. هن وقت لاهور رائيونڊ 16 ڪلو ميٽر موٽروي جو منصوبو منظور ڪيو ويو آهي. سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي هڪ اجلاس ۾ هن منصوبي تي سخت تنقيد ڪئي وئي. سينيٽر قرت العين مري جي صدارت هيٺ ڪميٽي ۾ سوال اٿاريا ويا ته ڇا هي موٽروي صرف هڪ گهر لاءِ ٺاهيو پيو وڃي؟ رائيونڊ روڊ لاهور هن وقت اهم ريئل اسٽيٽ حب بڻجي چڪو آهي.
هتي ڪيتريون ئي نيون ۽ مشهور هائوسنگ سوسائٽيون قائم ٿيون آهن، جن ۾ ليڪ سٽي لاهور، اتحاد ٽائون، الڪبير ٽائون، ڪنگز ٽائون وغيره شامل آهن. هنن سوسائٽين جي لاءِ جديد سهولتن، وسيع روڊن ۽ شهري ڍانچي سان گڏ ٻين ڪيترين ئي اهم شين جي تعمير جاري آهي. پنجاب ۾ جيڪڏهن ڪو ترقي جو منصوبو شروع ٿي مڪمل ٿئي ٿو ته ان تي اسان کي ڪوبه اعتراض ناهي، پر جڏهن 16 ڪلو ميٽرن جي رستي جي لاءِ 25 ارب جو بجيٽ ۽ 306 ڪلو ميٽر ڊگهي روڊ لاءِ 15 ارب رپين جو بجيٽ رکيل هجي ته اتي سنڌ جو عوام جيڪي سوال اٿاري ٿو انهن کي ڪير به روڪي نٿو سگهي. سکر حيدرآباد موٽروي جو نه ٺهڻ سنڌ جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ وڏو چئلينج آهي، هي منصوبو سي پيڪ جو به اهم حصو آهي.
هن رستي جو نه ٺهڻ مطلب ته سنڌ کي سي پيڪ منصوبي جي فائدن کان محروم رکڻ آهي، جنهن جي ڪري سنڌ ڪيترين ئي سرگرمين ۾ پوري پاڪستان کان ڪٽيل رهجي ويندو، جنهن ۾ سياحت ۽ رابطي جي کوٽ سڀ کان اهم ڳالهه آهي. موجوده حڪومت کي ان ڳالهه جو چڱيءَ طرح احساس آهي ته ان کي پوري ملڪ جي عوام جي پٺڀرائي حاصل نه آهي.
ان جي باوجود به حڪومت عوام دوست فيصلا نه ڪري رهي آهي، جنهن جو نتيجو يقينن حڪمران طبقي کي ڪنهن حادثي جي صورت ۾ ئي نظر اچي سگهي ٿو. جيڪڏهن ملڪ ۾ چونڊون ڪرايون ويون ته يقينن پنجاب ۾ مسلم ليگ کي پي ٽي آءِ وڏو چئلينج ڏيندي، پر شايد ٻئي ڪنهن به صوبي ۾ مسلم ليگ کي ڪاميابي ملي نه سگهندي ۽ پوءِ کيس اهڙي حڪومت ئي ڪرڻي پوندي جهڙي هن وقت ڪري رهي آهي.
ان لاءِ ضروري آهي ته مسلم ليگ هڪ حڪمران وفاقي پارٽيءَ جي طور تي پنهنجون ذميداريون پوريون ڪري ۽ صرف لاهور جي پارٽي بنجڻ جي بجاءِ پوري پاڪستان جي وفاقي حڪومت بنجڻ جي ذميداري پوري ڪري ۽ نڀائي پوري پاڪستان کي پنهنجو سمجهي ۽ برابريءَ سان سڄي پاڪستان ۾ ترقيءَ جا منصوبا شروع ڪري مڪمل ڪرائي ته جيئن پاڪستان جو عوام مٿس اعتماد ڪري سگهي.