چئن ماڻهن تي ٻڌل هڪ بين الاقوامي مهم جوئي ڪندڙ ٽيم برفاني ڇپ ڪرڻ سبب ڪوهه پيما افختار حسين زندگيءَ جي بازي هارائي ويٺو ۽ ٻيا زخمي ٿي پيا. افتخار حسين جنهن جو تعلق گلگت بلتستان پاڪستان سان هو، هو هڪ بهادر مائونٽينيئر هو.
ڪي ٽو سمنڊ جي سطح کان 8 هزار 611 ميٽر بلنديءَ تي آهي. هيءَ دنيا جي ٻئي نمبر تي بلند ترين چوٽي آهي، جيڪا مقامي ۽ غير ملڪي سياحن کي پنهنجو پاڻ ڏانهن ڇڪيندي رهندي آهي. گذريل گرمين جي موسم ۾ گلگت بلتستان جي انتظاميه ڪي ٽو تي مٿي پهچڻ جي خواهشمند ڪوهه پيمائن مان 175 کي اجازت نامه جاري ڪيا، حالانڪه هيءَ اوچائي نهايت خطرناڪ آهي ۽ موسم تمام سخت هوندي آهي.
هيءَ چوٽي مائونٽ ايورسٽ کانپوءِ ڪوهه پيما جي لاءِ تمام گهڻي پرڪشش چوٽيءَ واري جڳهه آهي. ان تي چڙهڻ ۽ اتي مهم جوئي ڪرڻ ڪوهه پيما جي همت ۽ مهارت جو امتحان هوندو آهي. ان چوٽيءَ تي چڙهڻ کانپوءِ ڪوهه پيما کي شهرت ۽ سڃاڻپ ملندي آهي ته انهن ڪي ٽو کي سر ڪري ورتو ۽ ڪي ٽو جي چوٽيءَ تي چڙهي انهن ماڻهن جي لسٽ ۾ پنهنجو نالو لکرايو جن اهو ايڊوينچر ڪيو. اڪثر ڪوهه پيما ڪي ٽو تي چڙهي پنهنجي ملڪ جو جهنڊو لڳائيندا آهن ۽ پنهنجي ملڪ سان پنهنجي محبت جو اظهار ڪندا آهن. ڪجهه ڪوهه پيما سائنس ۽ ريسرچ جي سلسلسي ۾ به مٿي ويندا آهن ته جيئن اهي موسم بابت معلومات حاصل ڪري سگهن ۽ گليشيئرز جي حالت کي ڏسي سگهن ۽ ايتري چوٽيءَ تي پهچڻ کانپوءِ انساني جسم جو مطالعو ڪري سگهن.
هن جبل تي ڪوهه پيمائي ڪندي ويهن کان وڌيڪ ڪوهه پيما مختلف حادثن جو شڪار ٿي پنهنجي جان وڃائي ويٺا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ته ڪوهه پيما غائب ٿي ويندا آهن ۽ سندن لاش به نه ملندو آهي. بهرحال هي هڪ شوق آهي، جستجو آهي ۽ سڄي دنيا ۾ اها هڪ اهڙي سرگرمي آهي جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو پنهنجو پئسو خرچ ڪري پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي ان ايڊوينچر جي لاءِ خطرناڪ چوٽيءَ تي چڙهڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، ان جي مڪمل رٿا بندي ڪن ٿا، ان جي لاءِ تربيت حاصل ڪن ٿا، پر ان جي باوجود به حادثا رونما ٿي وڃن ٿا.
عام طور تي جڏهن به ڪا ٽيم بلندي طرف ويندي آهي ته ان کي سيفٽي بريفنگ ڏني ويندي آهي، روڊ ميپ ۽ موسم جي اڳڪٿي ڪري ٻڌايو ويندو آهي. ان کان علاوه انهن کي ريسڪيو پلان جي باري ۾ پوري آگاهي ڏني ويندي آهي ۽ انهن سان گڏ ڪجهه ماهر گائيڊ به گڏ هوندا آهن جيڪي انهن کي رستو ڏيکاريندا آهن ۽ مشڪلاتن کان خبردار ڪندا آهن، پر جيئن ته هي هڪ خوفناڪ مهم جوئي آهي، جتي موسم جي باري ۾ ڪابه اڳڪٿي نٿي ڪري سگهجي. موسم جي اوچتي خراب ٿيڻ سان اڪثر حادثا ٿي پوندا آهن يا ڪجهه ڪوهه پيما پنهنجي گائيڊ جي هدايتن کي نظر انداز ڪري ٽيم کان ڌار ٿي ويندا آهن ۽ حادثي جو شڪار ٿي ويندا آهن.
بهرحال حادثن جي صورت ۾ اسان کي اڃان وڌيڪ بهتر رهنمائي ۽ بندوبست ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن وڌ کان وڌ پرڏيهي ڪوهه پيما پاڪستان جي ڪي ٽو ڏانهن اچي سگهن ۽ انهن کي اهي سڀئي سهولتون مهيا ٿي سگهن جيڪي مائونٽ ايورسٽ يا ٻين دنيا جون بلند چوٽيون جن تي ڪوهه پيمائي ٿيندي رهي ٿي، موجود آهن. جيئن ته ڪي ٽو هڪ خوبصورت ۽ دنيا جو ٻئي نمبر تي بلند ترين جبل آهي، ان جي لاءِ اسان کي وڌيڪ محتاط رهڻ گهرجي ته جيئن گهٽ کان گهٽ حادثا ٿين. ڇو ته حادثن ٿيڻ جي صورت ۾ پرڏيهه کان ايندڙ مائونٽينير دل برداشته ٿي سگهن ٿا. اسان کي افتخار حسين جي فيملي سان همدردي آهي، جنهن همت ۽ بهادري ڏيکاريندي ڪي ٽو جي چوٽيءَ تي پهچڻ جي ڪوشش ڪئي، پر حادثي جو شڪار ٿي ويو.