بلاگنئون

موسمياتي چيلينج ۽ سرڪاري اپاءَ

ملڪ جي وڏي حصي ۾ جاري برساتن ۽ نتيجي ۾ آيل ٻوڏ جي تباهي هڪ اهڙو الميو آهي، جنهن کي ڪو هڪ ادارو به منهن نه ٿو ڏئي سگهي، ضرورت ان ڳالھه جي آهي ته ان معاملي تي سموري قوم گڏ ٿئي. تنهنڪري اسان جي اڳواڻن کي ٻين مسئلن ۽ معاملن ڏانهن بي مقصد توجھ ڏيندي افسوس ٿو ٿئي. مثال 2022 جي ٻوڏ ۾ ان وقت جي وزيراعظم کي سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ هيليڪاپٽر مان کاڌي پيتي جا پارسل اڇلائي ڏنا. هڪ ٻي وڊيو ۾ ڏيکاريو ويو ته سنڌ جو وڏو وزيرسيد مراد علي شاھه ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ان وقت جي وزيراعظم ميان شهبازشريف سان گڏ سکر ۾ قائم امدادي ڪيمپ ۾ وڃي رهيا هيا. پر انهن ليڊرن اهڙي ڪم ۾ پوءِ به دير ڪئي، ڇاڪاڻ ته انهن ڏينهن ۾ ٽن چئن هفتن کان شديد برسات ٿي رهي هئي. انهن کي اها وضاحت ڪرڻي پوندي ته ايترن ڏينهن جي دير کانپوءِ فوج کي مدد لاءِ ڇو گهرايو ويو ۽ اڳ ۾ ڇو نه گهرايو ويو. ان سان گڏ جڏهن ته سڄي ملڪ کي خبر آهي ته اسان جا ڪجهھ سياسي اڳواڻ ڪيترا امير آهن، اهي پنهنجي کيسي مان هڪ رپيو به خرچ ڪرڻ کانسواءِ ٻاهرين امير ملڪن کي چندي جي اپيل ڪري رهيا هيا. جيتوڻيڪ اهي خاموشي سان فنڊ ڏئي پئي سگهيا، اهو ڪافي ناهي پر جيڪڏهن اهي محسوس ڪن ٿا ته ٻوڏ متاثر ماڻهن سان ملڻ ۽ پاڻيءَ ۾ ڦاٿل ماڻهن لاءِ کاڌي پيتي جا پارسل موڪلڻ سان انهن کي عام ماڻهو پوءِ هڪ سٺي نظر سان ڏسي سگهن ٿا ته پوءِ اهي پنهنجي کيسي مان به خرچ ڪن ته جيئن سماج جا ٻيا امير ماڻهو به ان جو مثال ڏئي سگهن.

اتي هڪ اعتراض اهو به هو ته هڪ سياسي رهنما کي پيسا ورهائيندي ڏيکاريو ويو ته هو بي گهر ماڻهن جي مدد ڪري رهيو هو. هن کي شايد اهڙي طرح پئسا ورهائڻ ۾ اهو محسوس ٿيو هجي ته هو وڏو سخي آهي، پر درد اهو آهي ته هن ان طريقي سان ماڻهن جي عزت نفس مجروح ڪئي جيڪا سوشل ميڊيا تي انتهائي ناپسند ڪئي وئي هئي ان ڪري ته ان وقت ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻهن جي مدد ان صورت ممڪن نه هئي، پر انهن جي بنيادي ضررورتن کي منهن ڏيڻ ئي سياسي مڙسي هئي پر ان وقت ماڻهن کي ان ڳالھه ۾ به تماشو لڳو ته هو انهن جي مستقل مدد ڪرڻ بجاءِ انهن ماڻهن جي عارضي مدد ڪري رهيا هيا، جيئن اهي ماڻهو هڪ اسٽيشن تي ڦاٿل هجن ۽ اها اسٽيشن جڏهن ٽپي ويندا ته مسئلا پوئتي رهجي ويندا پر ارباب اختيار ماڻهن کي ان ڳالهھ تي ڌيان ڏيڻو پوندو ته جيڪي به مسئلا اٿن يا تڪڙا ٿي پون ته انهن جي امداد ماڻهن جي هٿئون ڪئي وڃي، پر انهن جي مستقل امداد لاءِ ڪي ادارا جوڙيا وڃن ته جيئن انهن جي امداد ڪنهن شخص جي مرهونِ منت نه هجي پر رياست جي ادارن جو بار هجي ته اهي انهن جي امداد ڪندا رهن جيستائين اهي وري گهر وسائڻ جي پوزيشن ۾ نه اچن.

سموري ملڪ سان گڏ ڏکڻ پنجاب جا ڪيترائي ضلعا ٻڏي ويا هيا، اتي ماڻهن کي اها شڪايت هئي ته انهن جو گهربل امدادي ڪم مڪمل ناهي ٿي سگهيو. ان وقت پنجاب جي ضمني چونڊن ۾ پ پ کي شڪست ملڻ کانپوءِ ماڻهن کي اميد هئي ته مسلم ليگ (ن) جا اڳواڻ اتي سرگرم نظر ايندا. پر مسلم ليگ (ن) جي ڪنهن به سينئر اڳواڻ ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ جو ڪو ثبوت نه ڏٺو. انهن متاثر ماڻهن جي همدردي ظاهر ڪرڻ ۾ جو ڪو ثبوت نه ڏنو، جن جا گهر ڊهي ويا آهن ۽ جن پنهنجو سڀ ڪجهھ وڃائي ڇڏيو هيو. خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ به وڏي پئماني تي تباهين جي هڪجهڙي ڪهاڻي ٻڌائي وئي، اتي جي حڪومتن به  ان سنگينيءَ کي منهن ڏيڻ ۾ سستي ڏيکاري. انگن اکرن موجب 30 لک ماڻهو بي گهر ٿيا. جيڪو ڪنهن حد تائين هڪ حيران ڪندڙ انگ آهي. ان سستي جو مطلب اهو هيو ته ملڪ ۾ ادارن جي کوٽ آهي جن تي سرڪار انهن ڪمن جي لاءِ ڀاڙي سگهي ۽ جنهن جي لاءِ حڪومت اها ڳالھه چوڻ ۾ يقين هجي ته اهي ماڻهن جي مدد ڪري رهيا آهن ۽ انهن جي ريهيبليٽيشن ۾ ترت اپاءَ وٺي ڪمن کي اڪلائي رهيا آهن، پر اها ڳالهھ به سمجهڻ جهڙي آهي ته اسان مان هر هڪ کي پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻو پوندو ته جيئن فطرت طرفان متاثر ٿيل ماڻهن کي ڪجهھ وقتي رليف حاصل ٿي سگهي. اڌ ارب ڊالر ان وقت جيڪي بين الاقوامي تنظيمن پاران واعدو ڪيا ويا ته ڏنا ويندا سي ڪافي نه هيا.

پر سرڪار کي انهن ماڻهن کان وڌيڪ آسرو هو ته هڪ ڀيرو ٻيهر ٻوڏ جو پاڻي گهٽجي ويندو، بنيادي ڍانچي اندر جيڪي نقص هوندا اهي ظاهر ٿي ويندا، ان کانپوءِ آساني سان فصلن ۽ جانورن جي نقصان جو صحيح اندازو لڳائي سگهبو. ان ڪري اسان مان هر هڪ تي فرض هو ته وقت سر اڳتي وڌجي ها ۽ ادارن جي اڻهوند جي ڪري وقت سر انهن ماڻهن کي تحفظ ڏئي سگهجي ها. اها ڳالھه به سمجهڻ گهرجي تي جيڪڏهن ٻهراڙيءَ جي ماڻهن کان گذران جو سامان ٻوڏن کسي ورتو ته پوءِ انهن وٽ روزگار جي تلاش ۾ شهري مرڪزن ڏانهن وڃڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو نه هو ته جيئن هو پنهنجي خاندان جو پيٽ پالي سگهن، ان ڪري لڏپلاڻ جو رجحان پوءِ وڌي ٿو وڃي، روزگار، صحت، تعليم ۽ بنيادي سهولتن جي اڻهوند جي ڪري ماڻهن جي زندگي عذاب بڻجي ٿي وڃي، جنهن جي ڪري سماجي برايون ۽ بدامني به وڌي ٿي وڃي، ماڻهن جي جان مال به خطري ۾ اچي وڃي ٿي، ماڻهن ۾ وبائي بيماريون وچڙي ٿيون وڃن.

گذريل سال جي ٻوڏ جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ 9 بلين ڊالرن کان وڌيڪ امداد جو واعدو ڪيو ويو هو جڏهن ته 30 ارب ڊالرن کان وڌيڪ نقصان ٿيو هو. اهو اڃان تائين طئي ناهي ڪيو ويو ته رقم جو ڪيترو حصو گرانٽس بمقابلا قرضن جي صورت ۾ هوندو. اهو هڪ اهڙو نقطو آهي، جيڪو ماضي ۾ پاڪستان جي فنڊن کي روڪڻ لاءِ بار بار اٿاريو ويو هو. ڪرپشن ۽ بدانتظامي هن دليل کي منهن ڏيڻ ۾ اهم عنصر طور سامهون اچي ٿي. اهڙي قسم جي دليل کي ڊونر ۽ وصول ڪندڙ ٻنهي جي نقطه نظر کان حل ڪرڻ ڏکيو آهي. ملڪ ۾ لکين ڪروڙين ٻوڏ متاثر آهن، جن کي مدد جي سخت ضرورت آهي. 2022 ۾ ترقي يافته ملڪن پاران “موسم جي بحالي” تي بحث مباحثو ڪيو ويو هو، جنهن بعد ۾ صنعتي انقلاب کي ماحولياتي تبديلي جو ذميوار قرار ڏنو ويو هو. حقيقت ۾ تازي سائنسي تحقيق پڻ “نوآبادياتي سسٽم” جنهن جو پاڪستان شڪار آهي، کي موسمياتي تبديلي جي هڪ اهم محرڪ طور پيش ڪيو وڃي ٿو. موسمياتي تبديلي تي بين الاقوامي حڪومتي پينل جي تازي رپورٽ، جيڪا نوآبادياتي تي موسمياتي تبديلي جي اثر جو جائزو وٺي ٿي، “نوآبادياتي سسٽم” کي نه رڳو موسمياتي بحران جي سبب طور تي، پر هڪ جاري مسئلي جي طور تي پڻ پيش ڪري ٿو. ان ڪري ترقي يافته ملڪن جي ڪلهن تي ذميداري جو وڏو بار وجهي ٿو. اهو مڃڻ ته اڳوڻن نوآبادين جهڙوڪ آزادي حاصل ڪرڻ کانپوءِ ملڪ نوآبادياتي تسلط ۽ ماضيءَ جي آباديءَ جي اثرن کان آزاد ٿي ويو آهي، سو خيال گمراھه ڪندڙ آهي.

ڏکڻ ايشيا ۾ آزاديءَ کانپوءِ رياستن کي سندن ئي اڳواڻن پاران “نوآبادياتي” بڻايو ويو ۽ اها ڪالونائيزيشن خود مقامي حڪمرانن جي ڪوششن ذريعي وجود ۾ آئي، اقتدار جي خال کي ڀرڻ لاءِ جيڪو ڪالونائيزر ڇڏي ويا. انهن پنهنجي اڳوڻي آقائن جي بدعملن کي ورثي ۾ آڻڻ ۾ جلدي ڪئي ۽ انهن کي خراب ڪري پنهنجي ڪنٽرول کي مضبوط ڪيو، انهي طريقي سان رياست تي انهن جي گرفت کي يقيني بڻائي ها. پوءِ اها ڪا به تعجب جي ڳالھه ناهي ته موسمياتي تبديلين جي اثرن کي گهٽائڻ لاءِ ذميوار وزارتون ۽ ادارا بنيادي ڍانچي ۽ گهربل ماهرن جي کوٽ ۾ آهن. پاڪستان جو عالمي سطح تي اخراج جو حصو ترقي يافته قومن جي مقابلي ۾ ڪجهھ به ناهي. پاڪستاني حڪومت جي اندر ڪرپشن جو مطلب اهو ناهي ته ڪنهن به بدلجندڙ ماحول جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي ڪوشش نه ڪئي وئي آهي. مختلف اين جي اوز پاران ڪوششون ان ڳالھه جو ثبوت آهن ته هو پنهنجي ذاتي مفادن کي الڳ ڪرڻ لاءِ انهن جي مدد ڪن، جن کي انهن جي گهرن ۽ زندگين کي ٻيهر تعمير ڪرڻ ۾ مدد ڪن. حقيقت ۾ انهن مان ڪيترن ئي اين جي اوز سان لاڳاپيل رضاڪار سرڪاري مشينري پنهنجي ٻوڏ جي امدادي سرگرميون شروع ڪرڻ کان اڳ ئي ڏورانهن هنڌن تي متاثر علائقن ۾ پهچي ويا هئا جن نه ڪچا پڪا گهر ٺاهي ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪئي، پر ڳوٺاڻن کي تربيت پڻ ڏني ته جيئن گهٽ قيمت تي تعميراتي مٽيريل استعمال ڪري مقامي طور تي اهڙا پائيدار گهر ٺاهي سگهجن. اهو ضروري آهي ته موسمياتي تبديلي جي وچ ۾ لاڳاپن کي سمجهڻ ۽ ان قسم جي ترقياتي نمونن جو تعاقب ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ پاڪستاني حڪومت ترقيءَ لاءِ هڪ مضبوط منصوبي جي شروعات ڪئي آهي، جيڪو The Living Indus آهي. جنهن ۾ سنڌوءَ جي ماحولياتي صحت کي بحال ڪرڻ لاءِ اڳڀرائي ڪرڻ آهي ۽ مضبوط ڪرڻ لاءِ عمل جو سڏ به آهي. ترقي يافته ملڪن جو ڊونرز جي حيثيت ۾ اهو ضروري آهي ته انهن جي ٽيڪس ادا ڪندڙن جي محنت سان ڪمايل پئسو ماڻهن تائين پهچي. اهو انهن ملڪن لاءِ به هڪ فرض هجڻ گهرجي ته هو مالياتي وهڪري کان باخبر رهڻ لاءِ هڪ مضبوط نگراني وارو نظام قائم ڪن ۽ ادارن ۽ فردن جي صلاحيت کي مضبوط ڪن ۽ ٽيڪنالاجي جي منتقلي جي ذريعي انهن جي مدد ڪن.