ڪنهن به معاشري جي ترقي جو دارومدار اتان جي ادب اخلاقيات تهذيب، تمدن ۽ سماجي قدرن سان جڙيل هجي ٿو، اهي سڀئي قدر ان خطي جي سڃاڻپ ٿين ٿا جنهن سان قوم، ٻوليون ۽ ملڪ ترقي ڪندا آھن. قومن جي ترقيءَ ۾ اهي سڀئي عناصر وڏو ڪردار دا ڪن ٿا، جن ۾ اخلاقي قدر ماڻھپو ۽ شناسائي شامل هجي ٿي. ان کان علاوه سائنسي اعتبار سان به دنيا ڏي نظر ڪبي ته اها ڪافي اڳتي وڌي چڪي آھي.
هن هلندڙ دور ۾ هر ايندڙ ڏينهن تي دنيا ۾ سائنسي اعتبار کان ڪافي حيران ڪندڙ ايجادون سامهون اچي رهيون آھن، جن سان انساني عقل دنگ رهجي وڃي ٿو، ڪمپيوٽر، موبائل فونون، روبوٽ، سولر پليٽون ۽ سيٽلائيٽ ۽ ان سسٽم سان ڳنڍيل ٻين شين سميت سوشل ميڊيا جا سوين پليٽ فارم ان ڳالھه جي گواهي ڏين ٿا ته زندگي جي ابتدا کان اڄ تائين پوري دنيا ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي حيرتناڪ تجربا ڪري ڪاميابيون ماڻيون آھن ۽ يقينن انهن سڀني شين ۾ انساني هٿن سان گڏ علم، عقل ۽ فڪر جو ڳانڍاپو به شامل رهيو آھي. پوري دنيا ۾ هن وقت به جدت جو سفر رڪيو ناهي، پر اي آءِ وغيره جي صورت ۾ جديد کان جديد شيون مارڪيٽ ۾ متعارف ٿي رهيون آھن جن جو ڪو انت ڏسڻ ۾ نٿو اچي ۽ اميد ڪئي پئي وڃي ته ايندڙ پنجويهن سالن يعني 2050 تائين پوري دنيا شايد جديد نظام سان مڪمل طور ڳنڍجي ويندي.
عام انساني ڪم محدود ٿي ويندا، ماڻھن جي جاءِ تي اڪثر هنڌن تي سائنسي اوزار روبوٽ يا اي آءِ وسيلي دنيا جا وڏي ۾ وڏا ڏکيا ڪم به مڪمل ڪري سگهبا، ان سڄي صورتحال ۾ جڏهن اسان پاڻ ڏي يا پنهنجي خطي ڏي نظر ڪنداسين يا تجزيو ڪنداسين ته اسان ڪٿي بيٺا آھيون ۽ اسان جو مستقبل ڪٿي بيٺل نظر اچي رهيو آھي ته جواب ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ ڪمن يا باصلاحيت نوجوانن جي جدوجهد جي باقي رڳو ڪاريءَ وارا ڪک نظر ايندا. اسان جيڪڏهن ڏسون ته سائنسي ايجادن ڏانهن مائل ڇو نه ٿياسين ان سوال جو جواب ڏکيو هجي يا سولو، پر هڪ ڳالھه ذھن ۾ ضرور کٽڪي ٿي ته ماضيءَ وانگر مستقبل ۾ به اسان کي سائنس کانسواءِ ٽائيم پاس ڪرڻ لاءِ استعمال ڪرڻ جي باقي ان جي ايجادن سان ڪابه دلچسپي ناهي، نه ئي اسان ڪڏهن اهو سوچيو آھي ته جيڪڏهن دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ھڪ سائنسي شيءِ ايجاد ٿي آھي ته اسان ان کان وڌيڪ ڪا ٻي شيءِ ايجاد ڇو نٿا ڪري سگهون؟ انهن سڀني ڳالهين کان علاوه هڪ افسوسناڪ ڳالھه اها به آھي ته اسان جو نوجوان زندگيءَ جي هر شعبي کي مذاق سمجهي نظر انداز ڪندو اڳتي وڌندو رهيو آھي، جنهن ڪري ان جي نقصانن جا اثر اسان جي ايندڙ نسلن تي چٽا پٽا پئجي رهيا آھن. جيڪڏهن سوشل ميڊيا جي ڳالھه ڪنداسين ته هن وقت اسان جا نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون سوشل ميڊيا تي جيڪو غير اخلاقي مظاهرو ڪري رهيا آھن يا ائين کڻي چئون ته مغربي ڪلچر کي اڳيان آڻي رهيا آھن ته ان تي به افسوس کانسواءِ ڪجھه ڪري نٿو سگهجي.
ڇو ته دنيا اندر سوشل ميڊيا هڪ اهڙو پليٽ فارم بڻجي چڪو آھي جتي ماڻھو ٽائيم پاس کان وٺي نيون ايجادون سکي رهيا آھن، پئسا ڪمائي زندگي آسان بڻائي رهيا آھن، تعليمي ڪورس ڪري رهيا آھن ۽ ان کان به اڳتي دنيا سان جڙي گهڻو ڪجھه ڪري پنهنجي ملڪن ۽ قوم جو نالو روشن ڪري رهيا آھن، پر ان جي ابتڙ اسان وٽ خصوصن سنڌي نوجوانن ڏي نظر ڪنداسين ته انهن مان اڪثر ماڻهن سوشل ميڊيا کي صرف مذاق ٺاهي ڇڏيو آھي، جتي هو هر قسم جي غير اخلاقي حرڪت ڪري خوش ٿي رهيا آھن. هن وقت خاص طور فيس بُڪ تي نوجوان نسل جيڪا روش اختيار ڪئي آھي ان تي افسوس سان گڏ حيرت به ٿئي ٿي ته اسان جي سنڌي قوم هزارين سالن جي شاندار تاريخ رکندڙ ڪيڏي مهذب قوم آھي، پر ڪجھه ڇڇورن جي بي حيائي سبب بدنامي ڏانهن ڌڪجي رهي آھي. فيس بُڪ تي گارگند کان وڌي ڪري هاڻ نازيبا فوٽو ۽ وڊيوز وائرل ڪرڻ هڪ رواج بڻجي رهيو آھي ۽ شرم جي ڳالھه آھي ته اهڙا فيس بوڪي وري هڪٻئي جا نمبر ڏئي اهي وڊيوز واٽس ايپ وسيلي هڪٻئي کان گهرن ٿا جيڪو ڏاڍو خطرناڪ عمل آھي جنهن کي ترت روڪڻ وقت جي ضرورت بڻجي پئي آھي.
اها به حقيقت آهي ته فيس بڪ تي موجود سڀ ماڻهو ان قسم جي نازيبا حرڪتن ڪرڻ وارا يا ڇڇوري طبيعت رکڻ وارا ماڻهو ناهن، پر هتي واپاري، سياستدان، اديب، شاعر، استاد بلڪه زندگي جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ باڪردار سٺا انسان به موجود آھن. خاص طور ڪيترن ئي پرديدار گهراڻن جون نياڻيون به هن پليٽ فارم تي موجود آھن جن کي پڻ پريشانيون ٿي رهيون آھن. فيس بڪ يا ٽڪ ٽاڪ سميت ٻين سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي ڪي بگڙيل نوجوان وقتي دل جي تسڪين لاءِ سوشل ميڊيا جو ماحول خراب ڪري فحاشي ۽ عريانيت پکيڙي رهيا آهن ۽ پنهنجي ئي قوم جي نياڻين ۽ نوجوانن جي زندگي ۾ ترقي ڪري اڳتي نڪرڻ وارا رستا سوڙھا ڪرڻ ۾ ڄاڻائي اڻڄائي ۾ هڪ قسم جو ڄڻ ته ڪردار ادا ڪري رهيا آھن جن کي هن وقت روڪڻ تمام ضروري ٿي پيو آھي.
سوشل ميڊيا وسيلي ڏينهون ڏينهن وڌندڙ بداخلاقي ۾ ڪجھه اهڙا ڪردار به آھن جيڪي ٽڪ ٽاڪ يا مزاحيه انداز ۾ نه رڳو فحاشي ڦھلائڻ جا ذميوار آھن، پر انهن کي اخلاقي طور طريقن جي به شايد ڪا خبر ناهي بس هو جائز ناجائز نموني شھرت حاصل ڪرڻ ۽ پئسي ڪمائڻ جي چڪر ۾ سنڌ جي نوجوانن جي مستقبل سان کيڏي رهيا آھن. بي حيائي کي عام ڪري رهيا آھن، جن جي خلاف پيمرا سميت حڪومت پاران سوشل ميڊيا کي ڪنٽرول ڪندڙ ڌرين کي هن طرف فوري توجھه ڏئي سوشل ميڊيا تي فحاشي وارين وڊيوز ۽ فوٽو اپلوڊ ڪندڙ ڌرين سميت انهن ويب سائيٽن ۽ ڌرين خلاف قانوني قدم کڻڻو پوندو. ڇو ته پاڪستان هڪ اسلامي ۽ جمهوري ملڪ آھي هتي جي تهذيب، ادب ۽ اخلاقيات کي پائمال ڪرڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني وڃي، جيڪو خلاف ورزي ڪري ان خلاف فورن قانون حرڪت ڪري کيس ڪٽھڙي ۾ بيهاري سزا ڏياري ته جيئن قوم جي ٻچن جي مستقبل سان آئنده ڪير کيڏي نه سگهي.