بلاگنئون

وفاقي گهرو وزير جو يوٽرن ۽ پريشان زائرين

ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستان، ايران ۽ عراق زائرين کي بهتر سهولتن جي فراهمي لاءِ گڏيل ورڪنگ گروپ جوڙڻ جو فيصلو تهران ۾ ٽن ملڪي گهرو وزيرن جي ڪانفرنس دوران ڪيو ويو هو، جتي ٽنهي ملڪن زائرين کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو هو. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو هو ته ايندڙ سال جنوري کان پاڪستاني زائرين انفرادي طور تي عراق جو سفر نه ڪري سگهندا، ان مقصد لاءِ گروپ آرگنائيزر جي رجسٽريشن جو عمل شروع ڪيو ويو آهي، جيڪو غير قانوني طور عراق ۽ ايران ويندڙن کي روڪڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.

هن چيو ته آرگنائيزر زائرين جي واپسي جا به ذميوار هوندا ۽ ان نئين نظام تي ايران ۽ عراق ٻنهي جي مڪمل حمايت حاصل هئي. محسن نقوي ايراني ۽ عراقي حڪومتن طرفان پاڪستاني زائرين جي تحفظ تي سندن ٿورا مڃيا هئا. سندس چوڻ هو ته پاڪستان هر فورم تي ايران جي حق ۾ آواز اٿاريندو رهندو، ڇو ته پاڪستان ۽ ايران پاڻ ۾ ڀائر هئا، آهن ۽ هميشه رهندا. سندس اهو بيان اڄ به رڪارڊ تي موجود آهي، پر ٺيڪ هڪ هفتي بعد محسن نقوي هڪ ٽوئيٽ ذريعي پنهنجي ملڪ جي زائرين کي رستي ذريعي زيارت تي وڃڻ کان روڪي ڇڏيو، جنهن ۾ سبب ڄاڻايو ته بلوچستان حڪومت سان ڳالهه ٻولهه بعد اهو فيصلو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته بلوچستان سميت پوري ملڪ اندر اڳ جي مقابلي ۾ امن و امان جي صورتحال تمام گهڻي بهتر آهي. پوءِ گهرو وزير کي اچانڪ ڪو خوفناڪ خواب ڏسڻ ۾ آيو جو رستي ويندي غريب زائرين جي رستا روڪ ڪئي وئي.

جيڪڏهن گهڙي کن لاءِ گهرو وزير جو اهو بيان صحيح به مڃجي ته پوءِ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته زائرين کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ يا سندن جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ ڪنهن جي ذميواريءَ ۾ شامل آهي؟ اھو ڪهڙو دانشمندانه فيصلو آهي جو مسافر گاڏيءَ ۾ ويٺا آهن ۽ توهان چئو ٿا ته اهي ان رستي تان سفر نٿا ڪري سگهن. سدائين ائين ٿيندو آهي ته جڏهن هڪ رستو بند ٿيندو آهي ته ان جو متبادل رستو اڳواٽ ڳولهي وٺبو آهي، پر وفاقي گهرو وزير بنا ڪنهن رستي ڏيڻ جي بيان جاري ڪري سمهي پيو آهي. ان سيڪيورٽي معاملي تي ڪنهن سان به مشاورت ڪرڻ به مناسب نه سمجهو. آخر اهو ڪنهن جي ونگار پيو وهي؟ ان عمل سان آمريڪا، اسرائيل ۽ انڊيا بيحد خوش ٿيا آهن جو پنهنجي ماڻهن کي پاڙيسري ملڪن (ايران ۽ عراق) ڏي وڃڻ کان روڪي رهيا آهيو. اهو ايران ته توهان جو ڀاءُ هو/آهي ۽ رهندو وارو بيان ڇو وسري ويو. ايران ۾ هڪ بيان ۽ پاڪستان ۾ ان خلاف بيان بازي ڪرڻ منافقت آهي.

گهرو وزير جي بقول ته هي فيصلو پرڏيهي معاملن واري وزارت، بلوچستان حڪومت ۽ سيڪيورٽي ادارن سان تفصيلي صلاح مشوري کانپوءِ ڪيو ويو، جنهن جو مکيه مقصد عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ۽ قومي سلامتي کي يقيني بڻائڻ آهي. مسافرن کي سفر کان روڪڻ سان ڪهڙي جان ۽ مال جو تحفظ پيا ڪريو. اهو خيال توهان کي پارا چنار ۽ ڪي پي ڪي جي عوام لاءِ ڇو نٿو اچي، جتي ڪيترن ئي مهينن کان شهرن ڏانهن اچ وڃ بند لڳي پئي آهي. اهي علائقا غزا جو ڏيک ڏيئي رهيا آهن. ماضيءَ ۾ زميني رستن جي بندش، سيڪيورٽي خدشن، هنگامي طبي سهولتن جي عدم دستيابي ۽ هزارين زائرين جي اذيتناڪ مشڪلاتن رستن تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار، ناقص انتظام ۽ مسافرن جو حادثن جو شڪار ٿيڻ باوجود زائرين پنهنجي مدد پاڻ تحت پنهنجي حفاظت پاڻ ڪندا رهيا آهن.

توهان جا سيڪيورٽي ادارا ته ان وقت ميدان ۾ ايندا آهن جڏهن ڪا واردات ٿي ويندي آهي يا ڪو حادثو پيش اچي ويندو آهي. حقيقت اها آهي ته ڪوئيٽا کان تفتان بارڊر تائين توهان جو مقرر ڪيل ڪانوائي سسٽم به ناڪارا بڻيل آهي ۽ زائرين جي پريشانيءَ جو سبب بڻيل آهي پوءِ هن ڀيري وفاقي حڪومت کي زائرين جو ڇو فڪر لڳو آهي. جيڪڏهن گهرو وزير کي زائرين جو ايترو ئي فڪر آهي ته پوءِ کيس ذميوار قدم کڻڻ گهرجي ها ۽ زائرين کي متبادل رستو ڏيئي ها. جيڪڏهن سندس فيصلي موجب هوائي سفر کي ترجيح ڏني  ويئي آهي ته پوءِ کيس ڪرائي جو به خيال رکڻ گهرجي.

هڪ غريب زائر سڄو سال پنهنجي پونجي جمع ڪري بس جو ڪرايو ئي ڪري سگهي ٿو اهو جهاز جو ڪرايو ڪيئن برداشت ڪري سگهندو. توهان کي ته هن اهم موقعي تي ايران ۽ عراق وانگر سهولتون ڏيڻ گهرجن. وزيراعظم محمد شهباز شريف لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته زائرين لاءِ وڌ کان وڌ پروازن جو بندوبست ڪيو وڃي. پوءِ ڇا اهي پروازون زائرين کي مفت ۾ کڻي وينديون، حڪومت جي ذميواري آهي ته انهن پروازن جا ڀاڙا عام ماڻهو جي پهچ ۾ رکي ته جيئن گهٽ آمدني وارا زائرين به هن زيارت ۾ حصو وٺي سگهن. ان حوالي سان، اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ جي تجويز ڏني آهي ته جيڪڏهن سرڪار کي رستن تي دهشتگرديءَ جو خدشو آهي ته پوءِ زائرين کي ڪراچي کان سامونڊي رستو اختيار ڪرڻ گهرجي. ڊاڪٽر صاحب جو مشورو اکين تي، پر هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته حڪومت دهشتگرديءَ جو مقابلو ڇو نٿي ڪري. ڇا آڱرين تي ڳڻڻ وارا دهشتگرد حڪومت کان ڏاڍا ٿي ويا آهن. ائٽمي ملڪ هوندي اسان چند دهشتگردن جو خاتمو نٿا ڪري سگهون. اسان پنهنجا رستا محفوظ نٿا بڻائي سگهون.

جيتوڻيڪ ماضيءَ ۾ اهڙيون تجويزون غور هيٺ آيون آهن، پر حڪومت پاران ان تي سنجيدگي سان عمل نه ڪيو ويو آهي، هاڻي جڏهن وري ساڳي صورتحال پيدا ڪئي ويئي آهي ته پوءِ اڄ پنهنجي مستقبل کي محفوظ بنائڻ لاءِ مستقل متبادل رستو اختيار ڪرڻو پوندو جيڪو ڊگهي مدت لاءِ قومي مفاد ۾ هجي. ان لاءِ سڀني مڪتب فڪر، سماجي حلقن ۽ زائرين کي اعتماد ۾ وٺڻ سرڪار جي ذميواريءَ ۾ شامل آهي، پر هن وقت هنگامي طور حڪومت کي هوائي سفر جي سهولتن کي سستو، اثرائتو ۽ منظم بڻائڻ گهرجي ته جيئن هي پاڪ سفر عبادت جي لائق ٿي سگهي ۽ غريب زائرين پنهنجي عقيدت ڀريو اظهار ڪري سگهن. هونئن به حڪومت کي عوامي مفاد کي ذهن ۾ رکندي سوچڻ گهرجي ته جيئن انتشار کان بچي سگهجي.