ايڊيٽوريلنئون

پاڻيءَ جي لنگهن ۾ تعميرات سبب ڪي پي ڪي ۾ وڏي تباهي 

خيبر پختونخواهه ۾ تازين برساتن ۽ ڪلائوڊ برسٽ کانپوءِ ٻوڏ جي ڪري تمام گهڻو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي. صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي چيو آهي ته صوبي ۾ برساتن ۽ ٻوڏ جي ڪري 327 ماڻهون پنهنجيون قيمتي جانيون وڃائي ويٺا آهن. PDMA اهو به چيو آهي ته بونير جو علائقو وڌيڪ متاثر ٿيو آهي. انهيءَ سان گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ جاني نقصان ۾ اضافو ٿيو آهي، جتي غير معمولي ٻوڏ وڏي پيماني تي تباهي پکيڙي آهي.  گلگت بلتستان ۾ 12 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 9 ماڻهن جون قيمتي جانيون ضايع ٿيون آهن. خيبر پختونخواهه ۾ ڪلائوڊ برسٽ يا ڪڪر ڦاٽڻ جي ڪري اچڻ واري ٻوڏ هڪ ڏينهن ۾ سوين ماڻهن جي جان ورتي آهي. انهن ۾ صوبائي حڪومت جي هڪ هيليڪاپٽر جي عملي جا 5 رڪن به شامل آهن. هيليڪاپٽر امداد ۽ بچاءُ جي ڪوشش دوران مهمند ۾ ڪري تباهه ٿي ويو.

برساتن ۽ ٻوڏ وارين حالتن کي ايترو خراب ڪري ڇڏيو آهي جو حڪومت مڙني سياحن کي موسمي صورتحال کان آگاهه ڪرڻ ۽ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هتي اسين اها ڳالهه ڪندا هلون ته سنڌ ۾ 2022 جي برساتن ۽ ٻوڏ تمام گهڻو نقصان ڪيو هو. موسمياتي تبديلي جي ڪري دنيا ۾ مندون تبديل ٿيون آهن، جنهن ڪري گهڻيون برساتون ۽ ٻوڏون اچي رهيون آهن. انهيءَ جو اعتراف ترقي يافته ملڪن ۽ اقوام متحده جهڙن ادارن پڻ ڪيو آهي ته شاهوڪار ملڪن جي صنعتي ترقي ۾ ٻارڻ، ڪاربان ۽ دونهون پيدا ڪري ٿو.

جنهن جي ڪري عالمي گرمي پد وڌي ويو آهي. عالمگير موسمياتي تبديلي جي ڪري پاڪستان ۾ به مندون تبديل ٿي رهيون آهن. پاڪستان ۾ موسم جي تبديلي جي ڪري گرمي پد ۾ اضافو ٿيو آهي. برساتون ۽ ٻوڏون وڌيون آهن ۽ گليشيئرن جي پگهرڻ ۾ واڌ ٿي آهي. اداري جو چوڻ آهي ته ماحولياتي تبديلي جي ڪري عالمي گرمي پد ۾ 1.5 ڊگري سيلسيئس جو اضافو ٿيو آهي.

انهيءَ ڪري موسمن کان متاثر ملڪن کي خود کي مستحڪم ٿيڻ لاءِ وڏي پئماني تي سرمائيڪاري جي ضرورت پوي ٿي. 2022 جي برساتن ۽ ٻوڏن جي ڪري ٿيل نقصان جي ازالي لاءِ ترقي يافته ملڪن، اقوام متحده ۽ عالمي مالياتي ادارن پاڪستان ۽ سنڌ صوبي جي مدد ڪئي آهي. انساني جانين جي نقصان جو ازالو ته ممڪن ناهي، پر صوبائي حڪومت کي گهرجي ته ايندڙ وقت ۾ پنهنجي انفرااسٽرڪچر کي تعمير ڪري ۽ مضبوط بڻائي ته جيئن اهو سياحن ۽ مقامي ماڻهن جي رهائش لاءِ محفوظ هجي، ان لاءِ ضروري آهي ته رهائشي منصوبن کي پاڻيءَ جي گذرگاهن کان پري تعمير ڪيو وڃي عالمي برادري پاڪستان جي مدد ڪري، انهيءَ کان اڳ اسان جو ملڪ قدرتي آفتن جي اچڻ کان پهرين انهن جي بچاءُ لاءِ اڳواٽ رٿابندي ڪري سگهي ٿو. ملڪ جي وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتون به قدرتي آفتن کان بچاءُ لاءِ اڳواٽ رٿابندي ڪن ته جيئن انساني جان ۽ مال کي بچائي سگهجي.

اقوام متحده جو اهو ادارو چوي ٿو ته سال 2022 ۾ پاڪستان ۾ ايندڙ وڏي ٻوڏ ۾ 1700 کان وڌيڪ ماڻهن جان جي بازي هارائي. جڏهن ته انهيءَ آفت 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهن کي متاثر ڪيو. ڊبليو ايم او جو چوڻ آهي ته انهيءَ سيلاب پاڪستان کي مجموعي طور تي 30 ارب ڊالرن جو معاشي نقصان رسايو. انهي برسات ۽ ٻوڏ 80 لک ماڻهن کي بي گهر ڪيو. صوبي پنجاب ۾ تازين برساتن ۾ گهڻو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي. خيبر پختونخواهه ۾ 327 بيوس ۽ معصوم ماڻهن جون قيمتي جانيون پاڻيءَ ۾ لڙهي ويون، جيڪو اسان جي خراب گورننس ۽ انفرااسٽرڪچر جي نشاندهي ڪري ٿو.

اهوئي سبب آهي جو ماڻهن جا گهر، ڳوٺ، رستا ۽ بازارون پاڻيءَ ۾ وهي ويا، ڇو ته اهي پاڻيءَ جي رستن ۾ اڏيا ويا هئا. گلگت بلتستان جا سياحتي مقام به تمام گهڻو متاثر ٿيا آهن. جتي دريائن جي ويجهو ٺهيل عمارتون، هوٽلون وڌيڪ تعداد ۾ متاثر ٿيون آهن. اسانجي وفاقي ۽ صوبائي سرڪارن کي سياحتي مقامن تي غير محفوظ تعميرات جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي. تعميرات جي اجازت ڏيڻ وارن ادارن کي ان ذميداريءَ کان آجو نٿو ڪري سگهجي. ڇو ته جيڪا به تعمير ٿي آهي ان ۾ انهن ادارن جي خوشنودي ۽ موڪل شامل هوندي.

ايڏي وڏي نقصان کانپوءِ انهن ادارن کان به سوال ڪيو وڃي ۽ ذميدار آفيسرن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ انتهائي ضروري آهي. ڇو ته ان قسم جا حادثا نه صرف جاني ۽ مالي نقصان جو سبب بڻجن ٿا، بلڪه اهي پاڪستان جي سياحت مٿان به ڪاري ضرب لڳائين ٿا. ڪوبه ماڻهو مستقبل ۾ پنهنجن ٻارن ٻچن سان اهڙن غير محفوظ علائقن ۾ جتي هوٽلون يا ريسٽورانٽ پاڻيءَ ۾ وهي وڃن، وڃڻ پسند نه ڪندو. ان جي ذميداري سنئين سڌي صوبائي حڪومت ۽ تعميرات واري اداري جي آهي.

اقوام متحده جهڙا عالمي ادارا سالن کان موسمياتي تبديلي متعلق خبردار ڪري رهيا آهن، پر اسان جي ملڪ ۾ لڳي ٿو ته اڳواٽ رٿابندي نالي ڪابه شيءِ ڪونهي. جڏهن ته وفاقي ڪابينا ۾ پلاننگ يعني رٿابندي جي وزارت به موجود آهي. اڃان به وقت آهي ته وفاقي ۽ صوبائي سرڪارون عالمي موسمياتي تبديلي جي رجحان کي ذهن ۾ رکندي رٿابندي ڪن ۽ هڪ مضبوط سياحتي انفرااسٽرڪچر قائم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. پاڻيءَ جا وهڪرا خالي ڪيا وڃن ته جيئن گهڻين برساتن ۽ ٻوڏ جي صورت ۾ ڪنهن به نقصان کان بچي سگهجي. برساتن کانپوءِ واري صورتحال ۾ ڪنهن به درياءَ جي پيٽ ۾ يا پاڻيءَ جي وهڪري ۾ ڪنهن کي به ڪا عمارت تعمير ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وڃي ۽ اهڙي تعميرات ڪرڻ وارن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن ۽ ضرورت هجي ته نئين قانونسازي ڪئي وڃي. نه صرف ڪي پي ڪي ۾، پر سنڌ ۾ به ان تي عمل ٿيڻ گهرجي. جتي سنڌو درياءَ جي رستي ۾ بند ٻڌا ويا آهن انهن بندن کي ٽوڙي انهن وهڪرن کي خالي ڪيو وڃي. ڪچي جي زمينن کي پاڻيءَ جي قدرتي وهڪري جي لاءِ آجو ڪيو وڃي. ان کانسواءِ ٻيو ڪوبه حل ناهي.