ننڍي کنڊ جي ڌرتي صدين کان قافلن جو ميلاپ رهي آهي. دريائن جي ويرن، ڇولين ۽ موجن مستين جيان قومون هتي اينديون رهيون ۽ سمنڊ ۾ ڪرندڙ پاڻيءَ جيان سمنڊ جي سيني ۾ سمائجنديون ويون. آريا آيا ته ڌرتيءَ جي رنگ ۾ رنڱجي ويا، يوناني آيا ته پنهنجيون ديو مالائي ڪهاڻيون مٽيءَ جي ذرڙن ۾ جذب ڪري ويا. ساڪا ۽ پارٿي آيا ته هن ڌرتيءَ جي خوشبوءِ انهن کي واسي ڇڏيو، جو وري واپس نه ٿيا، پر جڏهن اسلام جو قافلو هتي لٿو ته هو پاڻ سان گڏ مڪمل آسمان کڻي آيو. پنهنجي روشني، پنهنجو قانون، پنهنجي روحاني فضا ۽ اها ڪا اهڙي برسات نه هئي جيڪا مقامي ندين ۾ وهي وڃي، بلڪه اهو هڪ الڳ ڪڪر هو، جيڪو پنهنجين ڇانوَ ۾ جيئندو رهيو.
هندو تهذيب هڪ پراڻي پپر جو وڻ هئي، جنهن جون پاڙون زمين ۾ ايتريون ڳوڙهيون هيون جو هر اچڻ وارو پاڇو گهرو ٿي سگهيو هو، مگر پاڙ ۾ لهي نه پئي سگهيو. مسلم تهذيب هڪ نئون وڻ هو، جنهن جي مٽي رڻ جي هئي، جنهن جا پاڇولا عربي ۽ فارسي هوا ۾ جهومندا هئا، ٻئي هڪ ئي باغ ۾ بيٺا هئا، مگر انهن جون پاڙون الڳ الڳ زمينن کان ڇڪيل هيون. تهذيب جو ڇهاءُ به مفاصلي جي زهر جي دوا نه بڻجي سگهيو. مذهب ۽ ثقافت، ٻئي انسانن جا سڀ کان نرم، مگر سڀ کان ضدي پاسا تھ هئا هندو مسلم گڏ هلندا، گڏ واپار ڪندا، هڪ ئي بازار ۾ ٻولي هڻندا هئا، پر جڏهن ڳالھه کاڌي جي ٿانو يا شادي جي چلهي جي ايندي هئي ته هڪ سنهڙي مگر ڦولادي لڪير وچ ۾ بيهي رهندي هئي. اهو مفاصلو محض عقيدي جو نه هو، اهو ڇهاءُ جو به هو، ذائقي جو به، خوشبو جو به. هندو وٽ گوشت جي خوشبو اجنبي هئي، مسلمان وٽ گنگا جي جل جو تقدس ويڳاڻو هو، هڪ جي عبادت ۾ گهنٽيون هيون، ٻئي جي اذان ۾ صدا جو پڙاڏو هوندو هو.
جيتوڻيڪ صوفي ۽ ڀڳتي پل واري حيثيت رکندا هئا، ڪڏهن ڪڏهن اهي دوريون گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون به ڪندا هئا ۽ صوفي مندرن ۽ گرجا گهرن ۾ هندو ۽ مسلمان هڪ ئي چادر تي ويهي دعائون گهرندا هئا. ڀڳتي شاعر پنهنجن گيتن ۾ وحدت جو رنگ ڀريندا هئا، مگر اها پل برسات ۾ ڪاٺ جي پل جيان هئي، وهڪري جي سامهون گهڻي دير تائين قائم نه رهي سگهي. تهذيب جون پاڙون، ڄڻ درياءَ جي هيٺان پهاڙيون هجن، پنهنجي جڳھه تي مضبوط بيٺيون رهيون. مغل درٻار جو ميلاپ به عوامي وڇوٽي کي به نه مٽائي سگهيو. جيتوڻيڪ درٻار ۾، شاعري ۽ مصوري ۾، موسيقي ۽ تعمير جي نموني ۾ هڪ حسين نکار وارو ڏيک ڏيندي هئي، تاج محل جا گنبذ ۽ مندر جا مينار ڄڻ ته هڪ ئي آرٽ جون ٻه ڇوليون لڳنديون هيون، مگر گهٽيءَ پاڙي ۾ اهائي پراڻي لڪير ڇڪيل رهندي هئي. اڪبر جو دين الاهي فلسفي ۾ بلند هو، مگر دلين جي مٽيءَ ۾ ٻج نه ڄمائي سگهيو ۽ پوءِ ڪافي هيٺانهين مٿانهين کانپوءِ ورهاڱو هڪ ڊگهي خاموشي جو ڏرڙ بڻجي هندستان کي ڳڙڪائي ويو.
صدين جو ساٿ، هڪ ئي مٺي ٻولي، هڪ ئي موسمن جو ڇهاءُ، پوءِ به هڪ سرحد هئي، جيڪا ڪڏهن به مٽجي نه سگهي ۽ جڏهن سياسي انڌاريون گُهليون ته اها سرحد ڪاغذ تي نه دلين ۾ لکجي وئي. 1947ع جو ورهاڱو ان لڪير جو نقشو هو، جيڪو تهذيبن جي وچ ۾ صدين کان موجود هو. اهو ورهاڱو صرف زمين جو نه هو، بلڪه اهو خوابن، يادن ۽ تهذيبي آسمانن جو به هو، ٻه قافلا هڪ ئي ڌرتي تي هلندا رهيا، مگر هڪٻئي جي آسمان ۾ ڪڏهن هڪ نه ٿي سگهيا ۽ الڳ ٿي ويا يعني ٿيڻو ئي جو هو، ڇوته روايتي تهذيبون هڪٻئي کي متاثر نه ڪري سگهيون، هڪٻئي جون سڄڻ نه بڻجي سگهيون ته ورهاڱو لکيل ڀت جيان ٿي ويو. هندستان ۾ اهڙيون ٻيون به ڪيتريون ئي ورهاستون ٿيون آهن، ڇوته جنهن انداز ۾ هينئر هندو فعال آهن، ان جو رستو بقا ۾ ئي کلي ٿو، جڏهن سوال پنهنجي بقا جو اچي وڃي ته پوءِ تهذيب به پنهنجي، تمدن به پنهنجو ۽ زمين جو ٽڪرو به الڳ پنهنجو ٿي وڃي ٿو.