شاعريشاعرينئون

شاعري

غزل

ساحر راهو

ڳلن تي لال ڏاڙهُن جي چپن تي ليار جي موسم،

انگُوري نيڻ چاهن ٿا سڄڻ  سهڪار جي موسم.

اُڏن ٿا عرش  وُسعت  ۾  لغڙ ڪاٽا  ٿيڻ  جي  لئه،

فضا ۾ رقص جي آئي  اکين جي تار جي موسم.

ويو آ خواب بچپن  ٿي ڦُٽا کُنڀن جان موهيڙا،

جوانيءَ جُوءِ تي پهُتي سورنهن سينگار جي موسم.

ڳٽا ڳڀرُن جا  ڳاڙها  ٿيا ڇڙي آ  جنگ سرحد تي،

حنا بدلي هٿن تي آ ٽڙي  هٿيار جي موسم.

جُهڳن جي جُوءِ بيواهه جي سُڃي آ سينڌ جهڙي ٿي،

پلُر جي  لپ نه ڍوري ۾ رُٺي وسڪار جي موسم.

ڪفن جو روز مَنڊيءَ ۾ اگهن تي اگهه پيو وڌندو،

جيسين بارُود جي رهندي هتي واپار جي موسم.

مثالي منچ جي  مُمڪن  نه  آ تعمير ڪنهن صُورت،

نه جيسين اوج کي رسندي اعليٰ ڪردار جي موسم.

اسين منصُوري فطرت جا انلحق جي صدا آهيون،

اوهان جي شهر جو شيوو سدا سنگسار جي موسم.

اڱڻ تان ست رنگي انڊلٺي ڪٺي پوءِ پاڻ ڏسنداسين،

ڏُڪر جو ڏيهُه ماڻيندو جڏهن مهڪار جي موسم.

هُئي فالج زده منهنجي زبان تنهنجي اڳيان همدم،

چپن جي تو نه ڦڙڪڻ مان پڙهي اظهار جي موسم.

نه ڇوليون عرش کي ساحر ڇُهڻ جا خواب پالين ٿيون،

ندي ساگر جي ماڻي ٿي نه اڪثر پيار جي موسم.

***

غزل

شاهد شام

هڪ نيل-رنگ ماڙي ۽ رت جي ندي وهي ٿي،

ڪنهن ديو جي چنبي ۾ هڪڙي پَرِي رهي ٿي!

هرڻيون هراس ۾ ۽ ڇرڪيل پکي هي سارا،

هن جهنگ تي اَڄاتي خوشبو اچي ڪَهي ٿي.

هي طلسمي ندي ڏس! موتي ترن ٿا جنهن ۾،

وڻ پاڻ ٿا ڪِرن ۽ ٻيڙِي اچي ٺهي ٿي!

ڪنهن ڄار کي نه پهچي، وچ سير ۾ تري شل!

ڳاڙهي مڇي مهاڻا! مون کان جا هي ٽهي ٿي!

مومل جي هيءَ ماڙي، هي آرسين جي نگري

راڻو اچي ڪهي ٿو، ڊهڪو ڪري ڊهي ٿي.

ڪا سانجهه ويڙهجي وئي تنهنجي رئي جي رنگ ۾،

ڪا باک منهنجي اک ۾ هر شام ڇو لهي ٿي!

سا آڳ هينئڙي ۾، اي شام! رام جي آ،

سيتا اُداس بن ۾ جنهن سان دُکِي رهي ٿي!

***

نثري نظم

عبدالغني شر

ڪڇ، ڀڄ مان توسان ڀرندو آيس،

محبت تنهنجي  ۾ مرندو آيس،

ڦاٽل دل جي ڪاغذ  تي،

تاريخ ساري لکَندو آيس.

تون راڻي بنجي، راج سان نڪتينءَ،

مان پنھنجو خواب ميڙندو آيس.

رڻ ۾ پاڻ کي، ھڪ رات لٿي ھئي،

واهو نديءَ جي واءِ گهلي پئي.

ساهه پِريت ۾، ساٿ نڀائي،

دز ۾ توسان ڊوڙندو آيس.

راتيون کٽي ويون،

ڏينهن لهي ويا،

وصل جا اُهي ڏينهن اچي ويا.

حيدرآباد جو تاريخي،

پڪو قلعو، پِيار ۾ ھو جرڪيو.

درٻارين ھئا، در به کوليا،

گهنڊ وڳا ھئا،

گيتن جي گونجار وڳِي ھئي.

تو نـه مون ڏانهن مور نهاريو،

تون پٽ راڻي بنجي، پِيار اڏاريو.

محبت ڄڻ مهْمان ھئي منهنجي،

سا منهنجي سارو ساهه ھئي.

منهنجي محبت، سادي سگريٽ جهڙي،

ڦلهيار وانگي، رات ڇڻي وئي،

ڳلهڻ وانگي، ڦاٿل ڳالهيون،

دل جي ڌٻڻ ۾ دبجي ويون.

***

غزل

وفا گل محمد جمالي

هر بدن پئي گيت ڳايا شام جو

روح رم جهم پئي جُهومايا شام جو

جيئن ٿڪل هينئڙي مٿان ڪا ڇانوَ ٿئي

مون به بادل ڪي ورايا شام جو

مند جي هُئي گهُرج تڏهن ڪي گهڙيون

خواب اکڙين ها سجايا شام جو

نيڻ نيسارا ڪري وهندا رهيا

هاءِ ! ساجن ياد آيا شام جو

مون به آسن کي کڻي وهنجاريو

ڪڪر ڪارا جيئن ڇايا شام جو

روشنين جي حاصلاتن لئه وفا

ٻاٽ ۾ ڏيئا جلايا شام جو.

***

غزل

آتم دراوڙ

وِهائو تارو وجود تنهنجو،

صبح کي پيارو وجود تنهنجو.

مقيد هوندي به آهي آجو،

ڏهاڳ وارو وجود تنهنجو!

عدم قدم کان سمونڊ وانگي،

سدا اڃارو وجود تنهنجو.

ٻَنِيءَ ٻَنَي تي سوار هو ڪو،

مٿي تي کارو وجود تنهنجو!

سهاڳ رڻ ۾ ابر ڦڙي جيان،

چُميو لڄارو وجود تنهنجو.

ڳچيءَ ٻِيَن جا ٻِيَن کي هوندا،

اکين ۾ ڳارو وجود تنهنجو!

نهار هڪ سان پِڃِي ڇڏي ٿو،

وجود مارو وجود تنهنجو!

مهين دڙي جي جڙاء جھڙو،

جهان کان نيارو وجود تنهنجو.

***

غزل

وفا جانوري

جواني ڏار کوليندي الائي تون ڪٿي هوندينءَ

اوهان کي شام ڳوليندي الائي تون ڪٿي هوندينءَ؟

ندي تي هير تنهنجا پير کڻندي ڪيترو ٿڪجي

اتي خود کي ته لوئيندي الائي تون ڪٿي هوندينءَ

جڏهن تنهنجو ڪو آنچلڙو ڪندو ڳالهيون هوائن سان

لهر توکي ڪا ڇوليندي الائي تون ڪٿي هوندينءَ

هٿن تي رنگ ميندي جا ونواهه ۾ تو مٿان سرتي

نڇاور گل ڪرڻ ايندي الائي تون ڪٿي هوندينءَ؟

وچين ويلي انبن جي ٽار تي ڪاٿي پري کان ئي

اچي  ڪوئل ڪا ڪوڪيندي الائي تون ڪٿي هوندينءَ

سيارا ۽ اونهارا موسمون گذري وڃڻ سان ائين

هوا رخ  پنهنجا موڙيندي الائي تون ڪٿي هوندينءَ

***

زاهده ابڙو

مون ڏاڍو ڳوليو

مون ڏاڍو ڳوليو

فطرت ۾ مذھب کي

مون ڏاڍو ڳوليو

اتي رڳي قانون مليا

مذھب ڪاٿي نه مليو

***