وري گهنٽي وڳي. سوچيم اٿي در کوليان، پر شرير جي ڪمزوري آڏو آئي. اٿڻ جي ناڪام ڪوشش ڪيم، پوءِ ليٽي پيس. ٽن ڏينهن کان بخار ائين چڙهيو آهي جو لهڻ جو نالو ئي نٿو وٺي. گهر جا دوا- دارونءَ وارا سڀ نسخا بدلي بدلي آزمايا، پر ڪجهه فائدو نه ٿيو. سڀ بيڪار ثابت ٿيا. وات جو ذائقو به بدلجي ويو آهي. ٻه چار دفعا چانهه ۾ ڊٻل روٽي ٻوڙي کاڌي ۽ دوا ورتي. سور سان هڏ هڏ ڪُرڪي پيو. سوچ ۾ آهيان، ڪيترا ڏينهن ائين پئي هونديس. ڪم تي چوائي ڇڏيو، پر ٽي ڏينهن تمام گهڻا ٿيندا آهن. نئين ڪم تي نه وڃڻ جا بهانا گهڻا ڏينهن نه هلندا. جڏهن نوڪري ئي عارضي هجي ته اهڙي وقت تي ڪنهن ٻئي کي ڪم تي رکي ٿا سگهن، جيئن مون کي ڪنهن جي جڳهه جي ڀرپائي ڪرڻ لاءِ رکيو اٿن. مان به انهيءَ خالي جڳهه کي ڀرڻ بعد ٽن مهينن کان انهن جي ملازم آهيان.
وڏي سنڪٽ واري حالت ۾ هئس. هن جي جيئري من ۾ هڪ آس هئي ته رام آهي ته مان آهيان، پوءِ مان ڀلي هن کان ڪيترو پري هجان. هاڻ ڪهڙي ناتي سان هن گهر ۾ وڃان؟ هنن جي حياتيءَ ۾ ناتو ٽٽو هو، هاڻ هو هر ٻنڌن ٽوڙي مونکي مُڪت ڪري ويا. پراڻن صحيح- غلط ناتن جي هر ٻنڌن کان مُڪت!
مُڪتيءَ جي چاهنا تڏهن ٿيندي آهي، جڏهن ٻنڌن ۾ گُهٽ وڌڻ لڳي، پر اُها حالت ته چار سال اڳ ئي مُڪتيءَ جو ساڌن بڻجي پئي، جڏهن مون پنهنجي مرضيءَ سان گهر جو تياڳ ڪيو. هڪ گهر جي ديوارن جي قيد مان آزاد ٿي ٻيءَ جڳهه پناهه ورتم. جڏهن رشتن جي وچ ۾ شڪ جي ديوار اچي وڃي، تڏهن ويجهو هئڻ ۽ نه هئڻ جو ڪو مطلب باقي نٿو رهي. ڏيکاءُ دوکو بڻجي ٿو پوي. مون پنهنجي مرضيءَ سان گهر تياڳيو، رشتن جون زنجيرون ڀڃي ڇڏيون.
اُنهيءَ ڳوٺ ۾ جتي مان شادي ڪري رام جي ڌرم پتني بڻجي آيس، اُتي رشتن ۾ سچائي هئي، سادگي هئي، پريم هو، ڏيکاءُ نالي ماتر به نه هو، ڪچا گهر هئا، پر پنهنجائپ جا پڪا ناتا هئا. سڀني جون دليون خوشيءَ جي دولت سان مالامال هيون. اتي چوٽ هڪ انسان کي لڳندي، سور ٻئي کي ٿيندو هو. هڪ جو دک ٻئي کي پنهنجو لڳندو هو. سڀ هڪ ٻئي جا ساٿي، هڪ پريوار جا ڀاتي، هڪ ڇت هيٺ گذر ڪندا رهيا. مون به خود کي خوش نصيب سمجهيو ۽ پوريءَ طرح سان ان گهر ۾ سڀني ڀاتين جي وچ ۾ کير کنڊ ٿي رهڻ جي ڪوشش ڪئي. رام ۽ ان جي پريوار جي هر ڀاتيءَ جي ڪم جو بار پنهنجي جوان ڪهلن تي کڻڻ لڳيس. اها ڳالهه سڀني کي گهڻي وڻي.
شاديءَ بعد ڇهه اٺ مهينا ائين گذريا ڄڻ ڇهه اٺ ڏينهن. منهنجي سس مونکي ڌيءَ وانگر بي پناهه پيار ڪندي هئي. منهنجي ڪنهن به غلطيءَ تي ناراض نه ٿي ڪري پيار سان دنياداريءَ جي سمجهه کان واقف ڪرائيندي هئي.
رام جو وڏو ڀاءُ آنند ۽ ان جي زال شڪنتلا پاڙي ۾ هڪ ڪرائي جي مڪان ۾ پنهنجن ٻن ٻارن سان رهندا هئا. ٻنهي گهرن جا سڀ ڀاتي رات جي مانيءَ کان پوءِ هڪ گهر جي اڱڻ ۾ ملي ڪري ڳالهه ٻولهه، صلاح مشورو ڪري هڪ ٻئي جي راءِ وٺي گهر جو هر ڪو فيصلو ڪندا هئا. ڪابه ڳالهه ڪنهن کان لڪل نه رهندي هئي، انهيءَ ڳالهه مونکي سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪيو. رام جي وڏي ڀيڻ ميران، ڀر واري ڳوٺ ۾ شادي ڪري وئي هئي. عمر ۾ رام کان ويهه سال وڏي هئي. منهنجي شاديءَ تي پنهنجن ٻنهي ٻارن اَمر ۽ آراڌنا کي ساڻ وٺي آئي. تڏهن ان سان ملڻ ٿيو.
امر 18 سالن جو سهڻو شالين نوجوان، منهن تي هميشه غضب جو تاب ۽ اکين ۾ هڪ مٺڙي مُرڪ کڻي هلندو هو. هن جي ڀيڻ آراڌنا عمر 15 سال، هوبهو ماءُ تي ويئي هئي. ٻڌڻ ۾ آيو ته جڏهن 18 سالن ۾ ميران جي شادي ٿي، تڏهن هوءَ آراڌنا جهڙي لڳندي هئي. هاڻ هوءَ ٿلهي ۽ بي ڊولي ٿي ويئي آهي، اها آهي اسان جي پريوار جي سنسٿا جنهن جا ڀاتي، پنهنجائپ جي پريڀاشا کان واقف آهن.
شاديءَ کان چڱن سالن بعد ميران کي ڪئنسر جي ندوري بيماريءَ اچي گهيريو. گهڻي جفاڪشيءَ کانپوءِ هن آراڌنا کي شينهن ڪلهي چاڙهيو. ڇوڪري وڃي ساهرن ۾ وسي اهو سوچي ميران ڪجهه بي فڪر ٿي، هن کي خبر هئي ته هوءَ بچڻ واري نه هئي، انڪري پنهنجي ماءُ ۽ ڀائرن ۽ ڀاڄائين کي هن پارت ڪري امر جو هٿ انهن کي ڏيئي ڇڏيو. ڪجهه ڏينهن جيون جا گذاري هوءَ به پنهنجي ڌام هلي.
ڪجهه مهينن کانپوءِ ماءُ به ڌيءَ جي غم ۾ لاڏاڻو ڪيو.
آنند ۽ شڪنتلا پنهنجن ٻن ٻارن جو بهانو ڏيئي امر کي پاڻ وٽ رهائڻ کان ڪنارو ڪيو. هاڻ رام ۽ مون پنهنجپائيءَ جي مريادا جو مان رکندي هن جوابداريءَ کي قبول ڪيو ۽ بنا ڪنهن ڇڪتاڻ جي امر کي پنهنجي گهر ۾ رهائڻ قبول ڪيو.
وقت سُک سان گذرندو رهيو. رات جو ڪم تان موٽڻ تي رام، امر ۽ مان ٽيئي گڏ ماني کائي، سڄي ڏينهن جي خبرچار هڪ ٻئي کي ڏيئي وڃي آرامي ٿيندا هئاسين. اسان کي ٻه ڪمرا هئا، هڪ اندر ۽ ٻيو ٻاهر اوطاق وانگر. امر ٻاهر سمهندو هو.
پر ائين ٿيو ڪين. جيئن جيئن ڏينهن گذرندا رهيا مونکي لڳو شڪ جو پارو وڌندو رهيو هو. مونکي پريشانيءَ گهيري ورتو. ڪيترا ڀيرا امر جي ڳالهه تي اسان جي وچ ۾ تڪرار ٿيندو رهيو. رام جو شڪ وڌندو ويو، جيون نرڳ ڀاسجڻ لڳو، زندگي ڄڻ زهر ٿي پيئي. سڀني جي منهن تي تالا لڳي ويا. ان کان اڳ جو جيئڻ وڌيڪ مشڪل ٿي پوي، مون بنا ڪنهن کي ٻڌائڻ جي ڀر واري ڳوٺ ۾ نئين سري سان هڪ ناري شالا ۾ شرڻ وٺي اتي ئي وڃي رهڻ جو فيصلو ڪيو، پر ويندي ويندي امر کي اتي جو ڏس پتو ٻڌائي ڇڏيو.
اڃان چار مهينا مشڪل سان مس گذريا ته امر لکيو “مامي رام کي خون ۾ ڪئنسر ٿي آهي، پر نه دوا ٿو وٺڻ چاهي ۽ نه توهان سان ملڻ جو خواهشمند آهي”
اڳيان وڌيڪ لکيائين “منهنجي ڪارڻ اڄ توهان هتي بنواس ڀوڳي رهيا آهيو ۽ هت ماما به دکي آهي ۽ پيڙا کي سهي ڪري پنهنجا ڏينهن گذاري رهيو آهي. توهان جو نالو کڻندي وڌيڪ خفا ٿي ڪري اتان اٿي هليا ويندا آهن. حالت اهڙي ٿي آهي جو نه مان ئي ڪجهه ڪري ٿو سگهان، نه توهان، پر مان خود کي گنهگار محسوس ڪندو آهيان. الاجي ڇو توهان جي سُکي سنسار ۾ منهنجو قدم نامناسب ثابت ٿيو آهي. توهان گهر هوندي بي گهر ٿي ويا آهيو، اهو ٻوجهه منهنجي من تان لهي ئي نٿو… ۽ بس سڀ خير خواهي آهي” امر
تار هٿ ۾، ۽ هٿ جي حالت اهڙي آهي جو ان ڪاغذ کي پڪرڻ به مشڪل ٿي رهيو هو. مان من ۾ حساب جوڙيندي رهيس، اڄ رام کي گذرئي ڇهه ڏينهن ٿيا هئا. چئن ڏينهن کانپوءِ انهن کي منهنجي ياد اڄ آئي. درشن جو وقت ته نڪري ويو. مون کانسواءِ سڀ ڪجهه ٿي ويو. مان ڇا وڃي هن گهر جي ويران ڀتين کي ڏسان. جو پنهنجو هو اهو پنهنجي نظر سان پرک ڪري ويٺو، هاڻ هن جي نه هئڻ تي ڪنهن به ڳالهه جو ڪوئي مطلب نه رهيو. سڀ ٻنڌن ٽٽي پيا، هاڻ سڀ اجايو ۽ بي مطلب آهي.
رام ته ڄڻ سڀني جنجالن مان مُڪت ٿي ويو، جيئري ئي موهه جا سڀ ناتا ٽوڙي ويٺو هو. هن جي جيون جي انت سان هر هڪ ناتي جو انت ٿي ويو. سوچيندي مان ٿڪل قدمن سان کٽ تي وڃي ويٺس… ۽ ٻه ڏينهن بي سُڌيءَ جي حالت ۾ پئي رهيس. من سان بيمار، تن سان بيمار…!
۽ ٽئين ڏينهن سج جي روشنيءَ مون کي اٿاريو. هٿ ۾ چانهه کنئي، ٻه ڍُڪ مس ڀريا ته در جي گهنٽي وڳي. پيالي اتي ئي رکي در کولڻ لاءِ وڌيس ته گهنٽي وري وڳي ۽ پوءِ لڳاتار وڄندي رهي. گهڻي مشڪل سان در کوليو ته ٽپال واري هٿ ۾ تار ڏني.
هي ڇا ٿي ويو؟ ڪير ڪنهن جو نه رهيو. ڀت جي هڪ سِر ڇا ڪري سموري ڀت ڌُڏي ويئي. اکين اڳيان ڌُنڌ ڇانئجي ويو، شرير بي جان ٿيو، خود کي نه سنڀالڻ جي حالت ۾ بي سُڌيءَ جي حالت ۾ پٽ تي ڪري پيو…!