بلاگنئون

ظالم ڪير، غربت هٿان تنگ ٿي پنهنجا ٻچا مارڻ وارا ماڻهو يا نظام؟

پنهنجي ٻه ورهين جي معصوم نياڻي نمره جي ٻن انچن جي تصوير ۾، هوءَ ائين ٿي لڳي ڄڻ آرام سان ستل هجي. اکين تي هميشه لاءِ سڪون جو ساهه، موت به سندس چهري جي معصوميت کي ڇُهڻ کان ڪيٻايو ٿي. ڄڻ ته موت پاڻ به سندس پاڪيزگي کان لڄائتو ٿي ويو هجي، پر غربت ۽ اڻڄاڻائي، جنهن ۾ سندس پيءُ جي زندگي گذري رهي هئي. نمره جي حياتيءَ جي حفاظت کانئس کسي ڇڏي. نه ڪي ننڍڙي تحفي جي خوشي، نه ڪي نمره کي ڀرسان رکڻ جو سڪون، کيس بچائي سگهيو. مايوسي ۽ بي رحمي جي هڪ عمل ۾ سندس پيءُ صرف نمره نه، پر پنهنجين چئن ئي ڌيئرن کي درياءَ حوالي ڪري ڇڏيو.

نمره جي اها ننڍڙي تصوير، جنهن ۾ هوءَ ابدي ننڊ ۾ آهي، سنڌ جي هزارين زندگين جي ڪهاڻي بيان ڪري ٿي. اهي ماڻهو جيڪي غربت، لاپرواهي ۽ مايوسيءَ جي اوندهه ۾ آهستي آهستي ختم ٿي رهيا آهن. نمره جون بند ٿيل اکيون هزارين سوال کولين ٿيون، جيڪي قوم جي ضمير تي ڳرا زخم هڻن ٿيون. سندس تصوير انهيءَ سماج جو آئينو آهي، جتي خدا جي اڪثريت واري مخلوق، جيڪا سياسي نعرن ۾ “عوام” ۽ فوجي اصطلاحن ۾ “قوم” سڏجي ٿي، پنهنجي انسانيت کان محروم ٿي رهي آهي. اهي ئي سياستدان، جيڪي خوراڪ، ڪپڙي ۽ ڇت جا واعدا ڪري اقتدار تي پهچن ٿا، انهن ئي جي دور ۾ عوام غربت جي سناٽي ۾ دفن ٿي وڃي ٿو.

ڳوٺاڻي سنڌ جو الميو:

ڳوٺاڻي سنڌ ۾ غربت سڀ کان گهري آهي، جتي هر گهراڻو آهستي آهستي مايوسيءَ ۾ ٻڏي ٿو. عالم چون ٿا “غربت، انسانيت کي ختم ڪري ٿي،” پر ڇا اهو فقط ان وقت بي رحمي آهي جڏهن ڪا ماءُ مايوسيءَ ۾ پنهنجو پاڻ ۽ پنهنجن ٻارن کي ماري ڇڏي؟ ڇا واحد حسن ئي اهو پيءُ هو جنهن پنهنجيون چار ڌيئرون درياءَ ۾ ٻوڙي ڇڏيون؟ روزانو ننڍڙيون ٻارڙيون پيئرن، ڀائرن ۽ مٽن مائٽن هٿان قتل ٿي رهيون آهن. روزانو خودڪشيون وڌي رهيون آهن. صرف غريب ۽ اڻ پڙهيل ماڻهن کي ڏوهي قرار ڏيڻ، ان اجتماعي بي حسيءَ کان منهن موڙڻ آهي، جيڪا خاموش تماشو بڻجي ڏسي ٿي ته ڪيئن ٻار وڪرو ٿي رهيا آهن يا بي يارو مددگار بک ۾ مري رهيا آهن. هي رڳو انفرادي نه، پر نظامي الميو آهي. جيڪڏهن سرڪاري انگ اکر کولي ڏسجن ته صورتحال جي خبر پئجي وڃي ٿي. سنڌ ۾ مجموعي غربت لڳ ڀڳ 45 سيڪڙو، جيڪا قومي سراسري 39.5 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي، رپورٽ PIDE، 2024.

ڳوٺاڻي غربت حيرت انگيز طور تي وڌي رهي آهي، هن وقت 75.5 سيڪڙو يعني هر چار ڳوٺاڻن مان ٽي ڳوٺاڻا غربت ۾ مبتلا آهن. وري جيڪڏهن اسان ضلعي سطح تي ڏسون ته ڏهن ضلعن ۾ اڃان به 70 سيڪڙو ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ، جيتوڻيڪ اربين رپيا امداد تي خرچ ٿيا. ٺٽو، سجاول، ڪشمور، بدين ۽ جيڪب آباد ۾ غربت 80 سيڪڙو کان به مٿي آهي، يعني ٿرپارڪر کان به وڌيڪ آهي. انهن علائقن ۾ خوراڪ جي کوٽ، عورتن ۾ غذائي کوٽ انتهائي سنگين مسئلو آهي، ٺٽي ۽ جيڪب آباد ۾ 66 سيڪڙو، ڪشمور ۾ 59 سيڪڙو، بدين ۾ 56 سيڪڙو، سجاول ۾ 51 سيڪڙو غربت موجود آهي. ان کان علاوه ٻارن جي موت جي شرح ۾ تيزيءَ سان اضافو ٿي رهيو آهي. پنجن سالن کان گهٽ ٻارن جي موت جو انگ دل ڏاريندڙ آهي. ٺٽي ۾ 15.6 سيڪڙو، ڪشمور ۾ 12.2 سيڪڙو، بدين ۾ 11 سيڪڙو ۽ سجاول ۾ 5.2 سيڪڙو آهي.

اسٽنٽنگ هن وقت سنڌ جي غربت سٽيل علائقن جو هڪ وڏو مسئلو آهي. لڳ ڀڳ 50 سيڪڙو ٻار اسٽنٽڊ آهن، مطلب ته جن جي واڌ ويجهه رڪيل آهي. پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ ورلڊ بينڪ PDHS ڏنا آهن.

اهي انگ اکر ڇرڪائيندڙ آهن، غربت هاڻي معمولي مسئلو نه رهي آهي، پر هڪ وڏي انساني الميي ۾ تبديل ٿي چڪي آهي. ائين به ناهي ته اسان وٽ ڪڻڪ پيدا نٿي ٿئي، بلڪه ڪڻڪ جي رڪارڊ پيداواري فصلن جو جشن ملايو ٿو وڃي، پر جڏهن غريب جو حال ڏسجي ٿو ته سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڪڻڪ ڪيڏانهن ٿي وڃي، غريب کي کائڻ جي لاءِ ماني ڇو نٿي ملي. اهو ڪنهن جو ڪم آهي ته غريب کي ٻه وقت ماني مهيا ڪري. لکين ٻار بک سبب مري رهيا آهن ۽ وڏيرا لکين ايڪڙن جا مالڪ، گودامن ۽ خريداريءَ تي جهيڙا ڪن ٿا. حڪومت برآمدات تي بحث ڪري ٿي ۽ ان ئي وقت هڪ پوڙهو ڏاڏو پنهنجون نياڻيون ايڌي سينٽر تي ڇڏي اچي ٿو، ڇو ته هو کين کارائي نٿو سگهي. ٻوڏ متاثر ڪيمپن ۾ ٻار ايٿوپيا جي ٻارن جهڙا ڏسجن ٿا. ڦوڪيل پيٽ، نيم مرده جسم، جڏهن ته اناج جا گودام ڪڻڪ سان ڀريا پيا آهن. ڇا بي رحمي فقط غريبن جي ورثي ۾ آهي؟ اهي حڪمران، جيڪي اٽي، لٽي ۽ اجهي جا نعرا هڻي اقتدار تي پهتا، پاڻ وڏين جاگيرن جا مالڪ آهن. جڏهن ته سندن هاري بک ۽ قرض ۾ ٻڏي رهيا آهن. جڏهن ڪا ماءُ، سيتل جهڙي، پنهنجن ٻارن کي آھستي آھستي بک ۾ مرڻ کان بچائڻ لاءِ کين ماري ڇڏي ٿي، ڇا اها بي رحمي آهي؟ يا اهي حڪمران جيڪي اهڙي صورتحال ۾ غافل اهن اهي بي رحم آهن؟

صرف ٽن سالن ۾ سنڌ ۾ غربت ويتر وڌي وئي آهي، جڏهن ته حڪمرانن جي دولت ڪيئي ڀيرا وڌي وئي آهي. سندن خزانا، سون ۽ ملڪيت سان ڀرجي ويا آهن، پر عوام جي روح کي بک ۽ بي روزگاري کائي وئي آهي. لکين پيءُ، فهيم جهڙا، نوڪري ۽ کاڌي جي کوٽ ۾ پنهنجي انسانيت وڃائي ويٺا آهن. روزگار اعليٰ طبقي جي ماڻهن لاءِ مخصوص آهي، جڏهن ته عام ماڻهو پنهنجي حق لاءِ آواز اٿارين ته پوليس جا ڏنڊا سندن استقبال ڪن ٿا. استادن، صحت ڪارڪنن ۽ مزدورن کي احتجاج تي ڪُٽيو وڃي ٿو. اربين رپيا ترقي تي نه، پر پوليس ۽ رينجرز تي سيڙايا وڃن ٿا ته جيئن “امن” قائم رهي. سو، بي رحمي اصل ڪٿي آهي؟ سيتل ۾، جيڪا پنهنجن ٻارن کي اهڙي بي رحم دنيا ۾ ڇڏي وڃڻ بدران کين پاڻ سان گڏ ماري ڇڏي؟ واحد حسن ۾، جنهن شرم ۽ طعنن کان تنگ اچي ڌيئرن کي درياءَ حوالي ڪيو؟ يا انهيءَ سماج ۾، جيڪو روزانو پنهنجي ماڻهن کي غربت ۾ مرندي ڏسي ٿو، پر خاموش ۽ بي حس بڻجي تماشو ڏسي ٿو؟