ايڊيٽوريلنئون

برهمپترا تي چين جي ڊيم تعمير ڪرڻ تي ڀارت جو ميگا ڊيم ٺاهڻ جو منصوبو تيار

ارونا چل پرديش جيڪو هن وقت ڀارت جي انتظامي ڪنٽرول ۽ سياسي قبضي هيٺ آهي ۽ ڀارت ان کي پنهنجو باقائده حصو ۽ رياست سمجهي ٿو. جڏهن ته چين ارونا چل پرديش کي ڏکڻ تبيت چوندو آهي ۽ ان کي پنهنجو علائقو سمجهي ٿو. خاص طور Tawang ضلعي کي، پر ڏٺو وڃي ته ارونا چل پرديش تي ڀارت مڪمل طور تي حڪومتي ڪنٽرول رکي ٿو.

اتي سندس فوجي اڏا، تعليمي ادارا، روڊ، رستا، اليڪشن ڪرائڻ جو انتظام سڀ ڀارت جي حڪومتي نظام تحت هلن ٿا. چين اڪثر مختلف موقعن تي پنهنجو اعتراض اٿاريندو رهندو آهي. ارونا چل پرديش مان برهمپترا درياءَ وهندو آهي، جيڪو چين جي تبيت علائقي مان نڪري ڀارت کانپوءِ بنگلاديش ڏانهن وهندو آهي. چين چاهي ٿو ته پاڻيءَ تي سندس پهريون قبضو هجي، ان تي ڊيم تعمير ڪري سگهي ۽ پاڻيءَ جو استعمال سياسي هٿيار طور ڪري سگهي.

هن وقت پاڻي قومن جي وچ ۾ هڪ هٿيار بڻجي چڪو آهي، جنهن کي چين، ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ استعمال ٿيندي ڏسي سگهجي ٿو. جڏهن اهڙي صورتحال هجي جو ٻن ملڪن جي وچ ۾ هڪ علائقي تي ٻه ملڪ پنهنجو دعويٰ ڏيکاريندا هجن ته يقينن اها هڪ مستقل ڳڻتيءَ جوڳي صورتحال ٿي سگهي ٿي. هن وقت چين Yarlung Tsangpo يا برهمپترا تي ڊيم تعمير ڪرڻ جي منصوبن سان ڀارت کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. اهو نه صرف ماحولياتي، پر اسٽريٽيجڪ، زرعي ۽ سياسي سطح تي پڻ ڀارت لاءِ هڪ وڏو خطرو آهي.

جيڪڏهن چين ڊيم ٺاهي ورتو ته ان سان ڀارت جو پاڻي روڪي سگهي ٿو، ان ۾ گهٽتائي به ڪري سگهي ٿو يا اوچتو پاڻي ڇڏڻ سان ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي، جيڪا خاص ڪري مون سون جي ڏينهن ۾ ڀارت جي لاءِ تمام گهڻي خطرناڪ صورتحال ٿي سگهي ٿي. چين پاڻيءَ کي واٽر بم جي طور تي استعمال ڪري سگهي ٿو. جيئن ڀارت هن وقت پاڪستان ۾ ٽن دريائن ۾ پاڻي ڇڏي پنجاب کي ٻوڙي ڇڏيو.

ڊيم هونئن به فطرت کي وڏو نقصان پهچائين ٿا، ان سان درياءَ جو اڳتي نه وهڻ جي ڪري زرخيز مٽيءَ جو اڳتي وهي اچڻ ختم ٿي وڃي ٿو، زراعت کي نقصان پهچي ٿو، ماڻهن جي روزگار تي اثر پوي ٿو. ڀارت جو خيال آهي ته چين هي ڊيم صرف توانائي پيدا ڪرڻ لاءِ نه، پر سرحدي ڪنٽرول ۽ حڪمت عملي لاءِ ڀارت مٿان دٻاءُ وجهي رهيو آهي. ان خطري کي محسوس ڪندي ڀارت چين جي ميگا ڊيم ڊپلوميسي ۽ واٽر ڪنٽرول حڪمت عمليءَ جي جواب طور پنهنجو ميگا ڊيم ريسپانس ڏنو آهي. خاص طور ارونا چل پرديش آسام ۽ اتر اوڀر علائقن ۾.

ڀارت جو ميگا ڊيم رينگٽ اصل ۾ چين جي ڊيمن جي اثر کي بي اثر ڪرڻ ۽ پاڻيءَ تي پنهنجو حق ۽ ڪنٽرول ظاهر ڪرڻ آهي. ان کان علاوه توانائي جي ضرورت پوري ڪرڻ ۽ دفاعي طور تي حساس علائقن کي مضبوط ڪرڻ پڻ آهي. ڀارت چاهي ٿو ته جيڪڏهن چين مستقبل ۾ ڀارت جو پاڻي روڪڻ جي صلاحيت رکي ٿو ته ان کان اڳ ڀارت کي پنهنجا واٽر اسٽيشن قائم ڪرڻ گهرجن ته جيئن هو وڌيڪ پاڻيءَ تي ڪنٽرول حاصل ڪري سگهي. پاڻيءَ جي جنگ ٻن ملڪن جي وچ ۾ هڪ خطرناڪ صورتحال بڻجي سگهي ٿي.

پهرين ڳالهه ته ڊيم ٺاهڻ ۽ دريائن جا رخ موڙڻ يا انهن تي بند ٻڌڻ سڀ کان پهرين ماحول کي متاثر ڪري فطرت کي متاثر ڪن ٿا، جنهن جي ڪري اتان جون مقامي آباديون ۽ قبيلا انهن جي مخالفت ڪن ٿا. آسام ۽ ارونا چل پرديش ۾ مقامي قبيلن ان ميگا ڊيم جي تعمير خلاف احتجاج ڪري ان جي مخالفت ڪئي آهي، جيڪو ڀارت جي لاءِ هڪ چئلينج آهي. ان کان علاوه ڀارت کي فنڊنگ ۽ رٿا بندي جي به سخت ضرورت آهي. اهي مسئلا چين کي تيزيءَ سان ڪم ڪرڻ ۽ ڀارت جي ڪم کي سست رفتار ڪرڻ ۾ اثر انداز ٿي سگهن ٿا.

جيتوڻيڪ هن وقت دهلي ۽ بيجنگ جي لاڳاپن ۾ ڪجهه نرمي آئي آهي، پر ٻئي ملڪ هڪ وڏي آبادي رکندڙ ملڪ آهن ۽ ٻنهي جا ڪيترائي سرحدي علائقا متنازع سمجهيا وڃن ٿا، جن تي ٻنهي پاسن کان هزارن جي تعداد ۾ فوج بيٺل آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڀارت پنهنجي ڳڻتيءَ کي لڪائڻ بدران کلم کلا ان جو اظهار ڪيو آهي ته چين جو ڊيم ڀارت جي حق ۾ ناهي. جڏهن ته نيشنل يونيورسٽي آف سينگاپور سان لاڳاپل هڪ هماليائي ماهر مهاراج ڪي پنڊت جو چوڻ آهي ته ملڪن کي اقتصادي ترقي ۽ توانائي جي ضرورت آهي، پر اهي ڪم بي ترتيب ڊيم تعمير ڪرڻ سان نه ٿيڻ گهرجن. ماحوليات، آباديون ۽ پاڻيءَ جي دستيابي کي مدنظر رکندي منصوبابندي ڪرڻي پوندي. اتان جي مقامي ماڻهن کان صلاح مشورا ڪرڻ، جانورن، پکين ۽ مڪمل ايڪو سسٽم جو ڇا ٿيندو انهن ڳالهين کي نظر ۾ رکڻ ضروري آهي. سندس چوڻ آهي ته هماليائي منصوبن کي شروع ڪرڻ کان اڳ جاگرافيائي، موسمي ۽ ماحولياتي اثرن جي جامع جاچ ٿيڻ گهرجي.