بلاگنئون

پاڻي سنڌين جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي!

افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته پنجاب جي هڪ ذميوار وزيراعليٰ مريم نواز جهڙيءَ ريت نسلي تعصب تي ٻڌل بيان ڏنو آهي. اهڙيءَ ريت ڪو بيان ڏيڻ هڪ وزيراعليٰ کي نٿو سونهين. ڇاڪاڻ ته ان قسم جو بيان بنگلاديش جي سانحي کي هڪ ڀيرو ياد ٿو ڏياري. مريم نواز جيڪو پاڻي جي باري ۾ بيان ڏنو آهي اهو صرف بيان ناهي بلڪه هن سنڌ جي صدين پراڻن حقن تي سڌو سنئون حملو ڪيو آهي ۽ سنڌ جي عوام جي توهين به ڪئي آهي. مريم نواز اهڙو ته ٻاراڻو بيان ڏنو آهي ڄڻ ته صرف پنجاب ئي ملڪ هجي باقي صوبا هن جون ڪالونيون هجن، مريم نواز کي ان قسم جو بيان تڏهن ڏيڻ کپي ها جڏهن ان کي ڪنهن ڳالهه جي ڄاڻ هجي ها. مريم نواز کي شايد اهو به پتو ناهي ته جيڪو بيان هن ڏنو آهي اهو بلڪل فلمي اداڪار سلطان راهي جي ڊائيلاگن جي عڪاسي ڪري ٿو. ڇو ته مريم نواز جي انهيءَ اوچتي بيان تي ائين ٿو لڳي ته هن کي سنڌ جي تاريخ جو ڪو شعور ناهي، نه هن کي وفاقي مامرن جي ڪا ڄاڻ آهي ۽ نه ئي صوبائي حقن جي اهميت جي ڪا آئيني خبر آهي يا وري ڄاڻي واڻي پنجاب هن کان اهڙا بيان ڏيارائي پيو.

ڇو ته ان کي اها خبر ناهي ته درياءِ سنڌ ڪڏهن به محض پنجاب جو ناهي رهيو، بلڪه اهو سموري پاڪستان جي زندگي جي رڳ آهي ۽ 1991ع جي پاڻي واري ورهاست جي معاهدي جي مطابق سنڌ جو حصو چٽيءَ ريت طئي ٿيل آهي، پر پنجاب پنهنجي طاقت سان سدائين سنڌ جي پاڻي تي ناجائز قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي ۽ هاڻي پنجاب جي وزيراعليٰ بنا ڪنهن سوچ ويچار جي نه صرف پنهنجي بلڪه پنجاب جي استحصالي روايت کي زنده ڪندي سنڌ جي پاڻي تي سر عام حملا ڪري رهي آهي. سنڌ جيڪا اڳ ئي سخت پاڻيءَ جي کوٽ، زراعت جي تباهي، کاري سامونڊي پاڻيءَ جي درندگي جو شڪار آهي. اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن پنجاب زبردستي سنڌ جي پاڻي تي قبضو ڪيو ته ان جو مطلب ڄاڻي واڻي سنڌ کي بنجر بنائڻ جي ڪوشش سمجهيو ويندو. مريم نواز کي هيءَ ڳالھ به پنهنجي ذهن ۾ ويهارڻ کپي ته مسئلو صرف پاڻي جو ناهي، بلڪه سنڌ جي وجود ۽ سلامتي جو مسئلو آهي. مريم نواز کي سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته سنڌ ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي پاڻيءَ کي قربان نٿو ڪري سگهي.

سنڌ جو پاڻي سنڌ جو بنيادي حق آهي ۽ سنڌو درياءَ اهو سنڌين جون زندگيون قائم رکڻ واري لائف لائين آهي. مريم نواز جهڙا ٻاراڻا بيان وفاق کي ڪمزور ڪن ٿا ۽ صوبن جي وچ ۾ نفرت کي هوا ڏين ٿا. جيڪڏهن پنجاب جا حڪمران اهڙي ريت قبضا جاري رکندا ته ڇا سنڌ جا ماڻهو چوڙيون پائي ويهي رهندا، نه بلڪل نه، بلڪه مان ته ايترو به چوندس ته پنجاب پنهنجي انهيءَ غنڊه گردي واري هوڏ تي قائم رهيو ته سنڌ جا ماڻهو به سرن سان ڪفن ٻڌي چڪا آهن. وزيراعليٰ مريم نواز اهو ڪڏهن به نه سوچجو ته سنڌ جو پاڻي ڪا پنجاب جي جاگير آهي! سو سنڌ جو ماڻهو ڪنهن به ريت پنهنجي حصي جي پاڻيءَ تان هٿ نه کڻندو ۽ پاڻيءَ جي معاملي تي ڪو مذاق به برداشت ڪونه ڪندو!

پاڻي ڪنهن ملڪ يا صوبي جي ذاتي ملڪيت ناهي، بين الاقوامي قانونن، معاهدي ۽ پاڻيءَ جي ورهاست جا اصول چٽا آهن، ڪوبه صوبو اهو نٿو چئي سگهي ته “منهنجو پاڻي، منهنجيون نديون، منهنجي مرضي” ۽ بنا مشاورت جي فيصلا نٿو ڪري سگهي. هر صوبي جا برابر حق آهن. گڏيل وسيلن تي سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. جيڪڏهن ڪو انهن اصولن جو احترام ڪرڻ نٿو ڄاڻي ته ماڻهو پنهنجن حقن جو تحفظ ڪرڻ چڱيءَ ريت ڄاڻن ٿا. ماضيءَ ۾ ڪالاباغ ڊيم جي خلاف جدوجهد جي ياد اڃان به تازي آهي. ماڻهو چڱي ريت ڄاڻي چڪا آهن ته ايس آءِ ايف سي تحت ڪارپوريٽ، زراعت، نون ڪينالن جا منصوبا ۽ معدني وسيلن جا معاهدا اصل ۾ ڪنهن جي مفاد ۾ آهن ۽ ان جو پنجاب يا سنڌ جي عوام سان ڪو تعلق ناهي. ورهاستي ۽ نفرت انگير سياست ڪڏهن ڪنهن کي احتساب کان نٿي بچائي سگهي ۽ نه ئي اهڙا ڪي کيل ڪنهن جي سياسي ساک ۾ واڌارو ڪندا. عوامي اعتماد ۽ سياسي مقبوليت حاصل ڪرڻ جا بهتر طريقا تلاش ڪريو. پاڻي عوام جو بنيادي حق ۽ بقا جو مسئلو آهي، ان سان پيپلزپارٽي جو ڪو تعلق نٿو پوي ته ڪنهن سان گڏ اتحاد ۾ آهي يا نه۔ جيڪڏهن مريم نواز جي سوچ اهائي آهي ته پوءِ اهو به ياد رکڻ ضروري آهي ته:

“منهنجو پاڻي، منهنجيون نديون، منهنجي مرضي“ ته پوءِ مريم نواز کي هي لفظ ذهن نشين ڪرڻا پوندا ته:

منهنجو پيٽرول، منهنجي مرضي، منهنجو سمنڊ، منهنجي مرضي، منهنجي گئس، منهنجي مرضي، منهنجو ڪوئلو، منهنجي مرضي، منهنجو بندرگاهه، منهنجي مرضي، منهنجي معدنيات، منهنجي مرضي، منهنجا هاءِ ويز، منهنجي مرضي!