سوپاري هڪ وڻ جو ميوو آهي، جيڪو خشڪ ميوي جي حالت ۾ خاص ڪري ڀارت، سريلنڪا، بنگلاديش، ميانمار ۽ پاڪستان ۾ وڏي پيماني تي استعمال ٿئي ٿو. عام طور تي ان کي ڪٽيل يا ڪُتريل سوپاري جي صورت ۾ پان جي پن ۾ وجهي کائجي ٿو، ماني کانپوءِ سوپاري کي ھاضمي لاءِ کائڻ جو رواج صديون پراڻو آھي، سوپاريون سوکڙي طور ھڪ ٻئي کي ڏيڻ جو رواج به ڪافي پراڻو آھي. انھن حدن تائين سوپاري جو استعمال جائز ۽ ڪنھن قانوني پابندي کان آزاد ۽ آجو آھي، انھن تي سڌي طرح ڪوبه قانون لاڳو نه آھي، پر پوءِ به پياري پوليس پان جي ڪئبين ھلائي روزي ڪمائڻ وارن لاءِ انھن کي پان ۾ استعمال ٿيندڙ سوپارين سوڌو گرفتار يا تنگ ڪندي رھي ٿي. سوپاري کي ڪيميڪل، لونگن جي چوري، تماڪ ۽ خوشبوئن سان گڏائي ان مان گٽڪو ۽ مين پڙي وغيره به تيار ڪري وڪرو ڪيو وڃي ٿو، جنھن جو استعمال عام صحت لاءِ ھاڃيڪار ثابت ٿيڻ سبب گٽڪي ۽ مين پڙي تي قانوني طور تي پابندي لڳل آھي. گٽڪي يا مين پڙي کي وڪري لاءِ رکڻ يا وڪرو ڪرڻ خلاف سزائن وارا قانون ٺھيل آھن، جن تحت پوليس کي گرفتاري ڪري عدالت ۾ چارج شيٽ پيش ڪرڻ جا اختيار مليل آھن. گٽڪي، مين پڙي يا ماوا سان گڏ گرفتار ٿيندڙ ان سان جيل وڃن ٿا ۽ بعد ۾ ضمانتن تي ڇٽن ٿا ۽ انھن تي ڪيس ھلن ٿا ڪن کي سزائون به لڳن ٿيون.
ڪچي سوپاري، سڌو وڻ مان پٽي سڪائي استعمال ڪئي ويندي آهي، ڪٽيل سوپاري جيڪا ننڍڙن ٽڪرن ۾ ڪٽي، پان ۾ وڌيڪ استعمال ڪئي وڃي ٿي، مٺي سوپاري مٺاڻ، خوشبو ۽ ڪيميڪل ملائي تيار ڪئي ويندي آهي. سوپاري جي استعمال جي رواجي فائدن جي ڳالھ ڪجي ته ان کي صدين کان ھاضمي لاءِ بهتر تصور ڪري استعمال ڪيو ويندو رھيو آھي. وات جي بدبو کي ختم ڪرڻ ۽ وات کي خوشبودار بنائڻ لاءِ ماڻهو ان کي چٻاڙي کائيندا رھن ٿا، گھرن ۾ عورتون ان جو گھڻو استعمال ڪن ٿيون، سوپاري حڪيمن جي دوائن ۾ به استعمال ٿيندي آهي، اھا پنسارين جي دڪانن تان به ملندي آھي ان جي استعمال جي پيشِ نظر ان جي نقصانن واري پاسي کي به ڳڻي سگھجي ٿو.
گٽڪي ۽ مين پڙين ۾ سوپاري سان گڏ ڪيميڪل هئڻ سبب وات ۽ ڳلي جو ڪينسر وڌي رهيو آهي. خاص طور تي ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين شھرن ۾ گٽڪي ۽ مين پڙين جي عام ۽ گھڻي استعمال سبب، وات، ڳلي ۽ پيٽ جي ڪينسر جا ڪيس وڌي ويا آھن. ان ڪري گٽڪي ۽ مين پڙين تي پابندي ۽ سزائن وارا اسپيشل (صوبائي) قانون به لاڳو ڪيل آھن.
سادي سوپاري (پان لاءِ ڪٽيل سوپاري) تي ڪا سڌي طرح ڪابه پابندي ناهي، انھن کي ماڻهو پان ۾ يا ڪچي حالت ۾ چٻاڙي کائي سگهن ٿا، پر گٽڪي ۽ مين پڙي ۾ ڪيميڪل واري مٺي سوپاري تي سنڌ حڪومت پابندي لڳائي آهي (Sindh Prohibition of Gutka and Mainpuri Act 2019) لاڳو ڪيو آھي، جنھن قانون تحت پوليس روز ڪيترن ئي هنڌن تي ڪيميڪل واري سوپاري وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري ٿي، گٽڪو ۽ مين پڙي ھڪ غير قانوني ڪاروبار ھاڻ سنڌ جي ھر شھر جو وڏو الميو پڻ آھي. پوليس ۽ ڌنڌوڙي ماڻھن ان غير قانوني ڪاروبار مان ڪروڙين رپين جون ڪمايون به حاصل ڪري ورتيون آھن. ڪيئي ماڻھو ان ڪري ڌنڌي مان ڪک مان ارب پتي به ٿي ويا آھن.
خاص ڪري ڪٽيل سوپاري جنھن کي ڪُتر به چئبو آھي پان ۾ عام استعمال ٿيندي آهي ۽ ان تي ڪنھن به قسم جي پابندي ناهي. ننڍن شھرن ۾ ڪُتر، ڪاٿي ۽ پان ۾ استعمال ٿيندڙ ٻين شين جي اگھن ۾ وڏو فرق ھجڻ ڪري ماتلي، ٽنڊو محمد خان، بدين، دادو، ڄامشورو، ٺٽو ۽ ٻين ضلعن جا پان جي ڪئبينن وارا اھو سامان سنڌ جي ڪاروباري مرڪزي شھر حيدرآباد مان خريد ڪري بسن ۾ چڙھي گھرن ڏانھن اچن ٿا ته رستي ۾ پوليس انھن کي تنگ ڪري ٿي ۽ چوي ٿي ته سوپاري ۽ ڪاٿي کي گٽڪي ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو ان ڪري اھو غير قانوني سامان آھي. جڏھن ته پان ۾ استعمال ٿيندڙ ڪُتر سوپاري تي ڪنھن به قسم جي پابندي ناھي پوءِ به پوليس بھانا بڻائي پان وارن دڪاندارن کي رستي ۾ تنگ ڪندي رھندي آھي. اھو ته ايئن ٿيو جو رستي ۾ ماچس کي به روڪجي ۽ چئجي ته ان سان باھيون لڳن ٿيون ان ڪري ان جي سپلاءِ تي بندش آھي. شھرن ۾ ھول سيلر پان ۾ استعمال ٿيندڙ سوپاري جي ڪُتر پابندين ۽ پوليس منٿلين جا بھانا بڻائي بليڪ تي وڪرو ڪن پيا. 1200 رپيا ڪلو واري ڪتر سوپاري 2200 رپيا ڪلو وڪرو ٿئي ٿي، ايتري مھانگي ڪُتر سوپاري خريد ڪري ڪوبه دڪاندار پان جي ڪئبين مان مزدوري نٿو ڪمائي سگھي. اھڙي صورتحال جي ڪري پان جون ڪئبينون شھرن ۾ تيزي سان نقصانن ۾ بند ٿي رھيون آھن. پان جون ڪئبينون بند ٿيڻ سان ھڪ طرف گٽڪي ۽ مين پڙي کي وڌيڪ ھٿي ملندي ته ٻئي طرف سنڌ ۾ پان جي زراعت کي به وڏو نقصان ٿيندو ۽ وڏي پيماني تي ماڻھو بيروزگار ٿيندا. اھڙي بيروزگاري کي روڪڻ جي ضرورت آھي. ھڪ ته گٽڪي ۽ مين پڙي ۾ جنھن شڪل واري سوپاري استعمال ٿئي ٿي اھا شڪل ٻي آھي ۽ ان کي گٽڪي ۽ مين پڙين جو خام مال قرار ڏئي روڪي سگھجي ٿو، مگر ان جي آڙ ۾ پان ۾ استعمال ٿيندڙ سوپاري جي محدود مقدار کي روڪڻ سان پان جون شھرن ۾ ھزارين ڪئبينون بند ٿي وينديون، جنھن سان وڏي پيماني تي بيروزگاري ته جنم وٺندي وٺندي، پر ان جي نتيجي ۾ گٽڪي ۽ مين پڙي کي وڏي ھٿي ملندي. پان جون ھزارين ٽوڪريون، سريلنڪا ۽ ڀارت مان سيلون ۽ لنڪو پان جي نالي سان پاڪستان ۾ اچن ۽ سپلاءِ ٿين پيون. سنڌ ۾ پان جي پوکي ٿئي پئي، جنھن کي پاڪستاني پان جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. ان جون ٺٽي، حيدرآباد، ڪراچي سميت ڪيترن ئي شھرن ۾ منڊيون قائم آھن. جيڪڏهن پان ۾ استعمال ٿيندڙ سوپاري جي ايئن غير قانوني روڪ ٿيندي رھي ته پاڪستاني پان جي زراعت کي ڌڪ لڳندو ۽ پان جي ڪئبينن جو ڪاروبار به متاثر ٿيندو. ان سڄي صورتحال جو حل اھو آھي ته پان ۾ استعمال ٿيندڙ ڪُتر سوپاري تي جيڪا غير قانوني ۽ ھٿرادو پابندي لاڳو آھي سا ختم ڪئي وڃي ۽ حيدرآباد مان 10 ڪلو تائين پان ۾ استعمال ٿيندڙ سوپارين جي ڪُتر کي رستي ۾ روڪيو نه وڃي. ٿي سگھي ته شھرن جي پان جي ڪئبينن وارن کي پان ۾ استعمال ٿيندڙ سوپارين جي خريداري لاءِ راھ داريون جاري ڪيون وڃن ته جيئن پان جي ڪاروبار کي نقصان نه رسي ۽ منشيات ۾ اضافو نه ٿئي. پان ۾ استعمال ٿيندڙ سوپارين جي محدود مقدار ۾ خريدار لاءِ راھ داري به انھن کي ڏني وڃي جن جون پان جون ڪئبينون آھن ۽ جن تي گٽڪا مين پڙي جو ڪو ھڪ به ڪيس وغيره نه آھي.