پاڪ افغان لاڳاپن جو سلسلو چاليهن سالن جي طويل تاريخي عمل جو هڪ ڏکوئيندڙ باب آهي. جڏهن سوويت يونين (روس) افغانستان ۾ فوجي مداخلت ڪئي ۽ اتان جي ڪميونسٽ حڪومت جي حمايت ڪئي، تڏهن لکين افغانين پنهنجي جان بچائڻ لاءِ پاڪستان ۾ اچي پناهه ورتي. هي اهو دور هو جڏهن پاڪستان حڪومت جنرل ضياءُ الحق جي اڳواڻيءَ ۾ دل کولي افغان مجاهدن ۽ عام مهاجرن جي ميزباني ڪئي.
سوويت يونين جي نڪرڻ کانپوءِ 1990ع واري ڏهاڪي ۾ اتي خانا جنگي شروع ٿي ۽ پوءِ پهرين طالبان حڪومت جنهن جو وجود 1996ع ۾ آيو، ان جي سخت پاليسين کان بچڻ لاءِ لکين ماڻهو هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان ڏانهن پناهه وٺڻ لاءِ آيا. ٽيون ڀيرو جڏهن 2001ع ۾ آمريڪا جي مداخلت ۽ جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ اتي طالبان ٻيهر قبضو ڪيو تڏهن به هزارين ماڻهن، سرڪاري ملازمن پاڪستان ۾ اچي پناهه ورتي. جنهن جو مطلب اهو آهي ته پاڪستان جي معيشت چئن ڏهاڪن کان وٺي افغانستان جي ماڻهن جو بار برداشت ڪري رهي آهي، جنهن جي ڪري پاڪستان جي معيشت کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي ۽ پاڪستان جو سماجي ڍانچو ڏوهن، دهشتگردي، منشيات ۽ غير قانوني اسلحي جي ڪاروبار جو بري طرح سان شڪار ٿيو آهي. ان هوندي به جڏهن طالبان افغانستان تي ڪنٽرول حاصل ڪيو ته اسان جي حڪومتي نمائندن مان ڪجهه ماڻهن ڏاڍي خوشيءَ جو اظهار ڪندي اها ڳالهه ڪئي ته طالبان غلاميءَ جون زنجيرون ٽوڙي آزادي حاصل ڪئي آهي ۽ اهو سمجهيو ويو ته شايد هاڻي پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ لاڳاپا بهتر ٿيندا. ڇو ته لاڳاپن جي خراب ٿيڻ جو ڪو سوال ئي پيدا نٿي ٿيو.
حيرت ان ڳالهه جي آهي ته جڏهن دوحا ۾ پاڪستان جي ٽياڪڙي کانپوءِ افغانستان ۾ طالبان حڪومت جو اعلان ڪيو ته اهي ئي ساڳيا طالبان پاڪستان لاءِ مٿي جو سور بڻجي ويا. هن وقت پاڪستان ۾ ٽي ٽي پي دفاعي خطرو بڻجي وئي آهي، جنهن ڪي پي ڪي جي ڪجهه علائقن تي قبضو ڪري اتي دهشتگردي جا واقعا ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان جي سلامتيءَ کي چئلينج ڪرڻ شروع ڪيو، پاڪستان جڏهن طالبان رهنمائن سان ان بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي ته طالبان رهنمائن ڪوبه مثبت جواب يا قدم نه کنيو.
ٽي ٽي پي جا حملا تسلسل سان جاري رهيا، انهن جي دهشتگردي پاڪستان جي دفاعي ادارن جي مٿان وڌندي رهي. نتيجي ۾ پاڪستان کي افغانستان جي اندر وڃي ٽي ٽي پي جي ٺڪاڻن کي حملو ڪري تباهه ڪرڻو پئجي ويو. ڇو ته ڪنهن به رياست کي پنهنجو دفاع ڪرڻ جي لاءِ اهو پورو حق حاصل آهي ته هو دهشتگردن جو پيڇو ڪري انهن کي ختم ڪري. پاڪستان جو سڀ کان وڏو خدشو اهو آهي ته ٽي ٽي پي جا ساٿي افغانستان جي سر زمين استعمال ڪري پاڪستان جي اندر حملا ڪري رهيا آهن، پر طالبان ٽي ٽي پي جي خلاف ڪابه ڪارروائي ڪرڻ کان مجبور نظر اچن ٿا. هن وقت افغانستان جو رهنما امير خان متقي جيڪو پرڏيهي وزير آهي، ڀارت جي دوري تي ويل آهي. جنهن مان اها خبر پوي ٿي ته افغانستان پاڪستان جي مقابلي ۾ ڀارت سان وڌيڪ لاڳاپا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جنهن سان پاڪستان کي پنهنجي پاليسي ۾ هڪ وڏي تبديلي پيدا ڪري هڪ سفارتي بيان جاري ڪرڻو پيو آهي، جنهن کي پاڪستان جو احتجاج به چئي سگهجي ٿو.
هيستائين پاڪستان طالبان جي حڪومت کي عبوري حڪومت جي طور تي سڏيندو رهيو، پر تازو ئي پاڪستان جي دفتر خارجا جي هڪ بيان ۾ افغانستان جي حڪومت کي عبوري سمجهڻ بدران ان کي غير نمائندا حڪومت طور سڏيو آهي. جيتوڻيڪ پاڪستان ان کي غير آئيني حڪومت جو لفظ استعمال ڪرڻ کان احتياط ڪيو آهي، پر تڏهن به پاڪستاني اختيارين طالبان کي جامع حڪومت ٺاهڻ تي زور ڏنو آهي، جيڪو هڪ واضح پيغام آهي ته توهان جي قائم ڪيل حڪومت جي جوڙجڪ جائز يا آئيني ناهي، پاڪستان جو هي موقف عالمي برادريءَ جي موقف سان ميل کائي ٿو. اها لفظي تبديلي پاڪستان جي نئين ۽ سخت پاليسي جو حصو آهي، جنهن جو مکيه مقصد طالبان تي سفارتي دٻاءُ وڌائڻ آهي ته جيئن هو ٽي ٽي پي جي خلاف ڪارروائي ڪن، پنهنجو پاڻ کي پنهنجي عمل ذريعي ٽي ٽي پي کان ڌار ڪن. پاڪستان افغانستان جي ڌرتيءَ جي لينڊلاڪ ٽريڊ جي لاءِ هڪ اهم رستو آهي.
پاڪستان پنهنجي واپار واري معاهدي جي شرطن کي سخت ڪري سگهي ٿو يا عارضي طور تي سرحدي رستن کي بند به ڪري سگهي ٿو ۽ ان قسم جا قدم کڻڻ پاڪستان جي لاءِ بين الاقوامي سطح تي جائز ثابت ٿي سگهن ٿا. پاڪستان جي هن بيانيي کانپوءِ پاڪستان جي حڪومت وٽ هڪ جواز پيدا ٿي وڃي ٿو ته افغانستان جي حڪومت ٽي ٽي پي جي دهشتگردن جي استعمال کي روڪڻ ۾ ناڪام رهي آهي ۽ پاڪستان پنهنجي دفاع جو حق استعمال ڪري ڪارروائي ڪري رهيو آهي.
ان کان علاوه پاڪستان هن وقت مهاجرن جي واپسي لاءِ به تمام سنجيده قدم کڻي رهيو آهي. جنهن مان صاف ظاهر آهي ته پاڪستان صرف لفظي شفٽ نه، بلڪه هڪ سفارتي ۽ سياسي اوزار طور افغان طالبان کي ٽي ٽي پي تي ڪارروائي ڪرڻ لاءِ مجبور ڪرڻ ۽ پاڪستان جي قومي مفادن جي حاصلات لاءِ استعمال ڪرڻ جي ڀرپور نموني ڪوشش ڪري رهيو آهي.