ايڊيٽوريلنئون

وزير دفاع جي قيادت ۾ اعليٰ سطحي وفد جا افغان طالبان سان دوحا ۾ ڪامياب مذاڪرات

هن وقت پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ٽي ٽي پي جي مسئلي تي ڇڪتاڻ تمام گهڻي وڌي چڪي آهي، جنهن جي ڪري پاڪ افغان بارڊر بند ٿيل آهن. چمن بارڊر تي سامان جا ڀريل ٽرڪ ٻنهي پاسن کان وڏي تعداد ۾ جمع ٿي چڪا آهن ۽ پاڪستان ٽي ٽي پي جي حملن کي ناڪام بنائڻ جي لاءِ ڪيترائي ڊرون حملا ڪري ٽي ٽي پي جي دهشتگردن کي ماري ڪامياب آپريشن ڪيا آهن.

اها ڇڪتاڻ ان وقت وڌيڪ گهري ٿي وئي جڏهن امير خان متقي افغانستان جو پرڏيهي وزير اٺن ڏينهن جي دوري تي ڀارت هليو ويو. جڏهن ته ٽي ٽي پي سرحد پار ڪري پاڪستان جي مٿان دهشتگرد حملا ڪندي رهي، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان جي فورسن شديد ڪارروائيون ڪري فتنته الخوارج يعني ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان ٽي ٽي پي جي خلاف ڪارروائيون ڪيون، پر ان سان گڏوگڏ سٺي ڳالهه اها آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ سفارتي ڳالهيون به جاري آهن، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان جي وزير دفاع خواجه آصف جي سربراهي ۾ هڪ وفد دوحا پهتو جنهن افغان طالبان جي نمائندن سان هڪ ايجنڊا تي مذاڪرات ڪيا، جنهن ۾ پاڪستان جو ايجنڊا افغانستان جي سر زمين تان پاڪستان مٿان ٿيندڙ دهشتگردي کي هڪدم روڪڻ آهي. ان کان اڳ پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ 48 ڪلاڪن جي سيز فائر جو معاهدو ڪيو ويو هو، جيڪو ڪامياب دوحا مذاڪرات کانپوءِ مستقل جنگبندي جي صورت ۾ ظاهر ٿيو آهي.

جيئن ته سفارتي ۽ رياستي طاقت جي حوالي سان پاڪستان جي فوج، آرمي، ايئرفورس، بارڊر فورس جي صلاحيت ۽ وسيلا افغانستان جي طالبان جي ڀيٽ ۾ واضح طور تي مٿي آهن. خاص طور اڳتي وڌندڙ لاجسٽڪس هٿيار، فضائي صلاحيت ۽ مالي وسيلن ۾ افغانستان پاڪستان جو مقابلو نٿو ڪري سگهي، هن مذاڪرات کان پهرين پاڪستان پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪري ان کانپوءِ افغان طالبان کي ڳالهين ٻولهين جي ميز تي ويهڻ لاءِ مجبور ڪيو. ان جي باوجود به پاڪستان افغانستان سان جنگ ڪرڻ جو خواهشمند ناهي، جيئن ته افغانستان اسان جو پاڙيسري ملڪ آهي، ان حيثيت سان پاڪستان ڪڏهن به اهو نٿو چاهي ته پنهنجي پاڙيسري ملڪ سان پنهنجا تعلقات خراب ڪري، بلڪه پاڪستان هميشه افغانستان جي سياسي ۽ سماجي مشڪل حالتن ۾ ان جي مدد ڪئي آهي ۽ هينئر به رياست پاڪستان جي اهائي خواهش آهي ته افغانستان سياسي ۽ معاشي طور تي استحڪام حاصل ڪري ته جيئن ان جا بهتر نتيجا اسان کي به ترقي جو موقعو فراهم ڪري سگهن.

جيئن ته ٽي ٽي پي هن وقت افغانستان ۾ ويهي پاڪستان جي مٿان دهشتگرد حملا ڪري رهي آهي ۽ پاڪستان جي سالميت ۽ استحڪام کي چئلينج ڪري رهي آهي، جنهن جي لاءِ افغانستان جي سر زمين استعمال ٿي رهي آهي ۽ پاڪستان ڪڏهن به ان ڳالهه جي اجازت نه ٿو ڏئي سگهي ته افغانستان جي سر زمين پاڪستان جي خلاف دهشتگرد ٽولن جي هٿان استعمال ٿئي ۽ پاڪستان خاموش تماشائي بڻجي ڏسندو رهي. خوشي جي ڳالهه اها آهي ته دوحا مذاڪرات کانپوءِ جنگ بندي ٿي چڪي آهي، اميد آهي ته بارڊر مئنيجمينٽ تي به ڪامياب ڳالهيون ٻولهيون ٿينديون ۽ ڪونه ڪو معاهدو جلد ئي سامهون ايندو.

طالبان حڪومت کي ان ڳالهه جو احساس هجڻ گهرجي ته افغانستان لينڊ لاڪ ملڪ هجڻ جي ڪري ان کي پنهنجي ضرورت جي شين جي درآمد ۽ برآمد لاءِ پاڪستان جي بارڊر جي ضرورت آهي. نه صرف ايترو، بلڪه ان کي پنهنجي معيشت کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي ڪيتري پيداوار ٻين ملڪن ڏانهن موڪلڻ ۽ پاڪستان جي منڊي کي اماڻڻ لاءِ به پاڪستان سان هڪ دوستاڻي روش جي ضرورت آهي.

سٺي ڳالهه اها آهي ته طالبان حڪومت کي هن دفعي پاڪستان جي عسڪري طاقت جو اندازو ٿي چڪو آهي ۽ انهن پاڪستان جي حق ۾ فيصلو ڏيندي معاهدي ۾ ان ڳالهه جو اقرار ڪيو آهي ته اهي هڪ اسلامي رياست جي طور پنهنجي سرزمين پاڪستان لاءِ خاص طور تي ان جي خلاف ڪنهن به دهشتگرد گروهه کي استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندا. افغانستان کي ان ڳالهه جو احساس آهي ته پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي خراب ڪرڻ يقينن ان جي سياسي ۽ سماجي صورتحال جي لاءِ اڃا وڌيڪ نقصانڪار ٿي سگهي ٿو. افغانستان جو عوام جيڪو اڳ ۾ ئي ڪيترين مصيبتن کي ڀوڳي رهيو آهي. اميد ڪجي ٿي ته ڪامياب دوحا مذاڪرات کانپوءِ انهن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ انهن جي معاشي حالتن ۾ به بهتري ايندي.