تازو ئي خيرپور ۾ هڪ انتهائي المناڪ حادثو پيش آيو، جنهن ۾ اقصيٰ آرائين نالي هڪ عورت پنهنجن چئن معصوم ٻارن کي زهر ڏئي گوليون هڻي قتل ڪري پنهنجي مڙس کي قتل ڪرڻ کانپوءِ هن پنهنجي زندگيءَ جو به انت آڻي ڇڏيو. ان کان اڳ به اهڙا واقعا نظر مان گذرندا رهيا آهن. جن ۾ ڪٿي مردن عورتن کي ڪاري ڪري ماريو آهي يا ٻئي ڪنهن سبب جي ڪري قتل ڪيو آهي، اتي هاڻي عورتون به پنهنجن مڙسن کي ماري رهيون آهن ۽ گڏوگڏ پنهنجن ٻارن جو به بيدرديءَ سان قتل ڪري ۽ پوءِ پنهنجي زندگيءَ جو انت آڻي رهيون آهن. هي واقعو هرگز نظرانداز ڪرڻ جهڙو ناهي.
هن واقعي کانپوءِ نه صرف سماج جي هر باشعور فرد کي، بلڪه رياست کي به گهرجي ته سماجي ماهرن کي ويهاري سماج جي تجزيه ڪاري ڪري ۽ پوءِ نتيجن کي ڏسندي سماج کي بهتر بنائڻ جي لاءِ ٺوس قدم کڻي. گهريلو تشدد عورت تي سالن کان ٿيندو اچي، جيڪو هاڻي هڪ روايت جي طور تي ڏٺو وڃي ٿو ۽ قانون به ان ۾ هٿ وجهڻ کان لنوائي ٿو. عورت تي گهريلو تشدد هاڻي ڪا نئين ڳالهه ناهي. عورت جي مٿان صرف جسماني تشدد نه، پر ذهني ۽ نفسياتي تشدد به تمام تيزيءَ سان پکڙجي رهيو آهي. تشويشناڪ ڳالهه اها آهي ته ان جو شڪار اهو ڪلاس ٿي رهيو آهي، جن وٽ ڪوبه معاشي يا مالي مسئلو ناهي. ان قسم جي واقعن جو بار بار ٿيڻ ۽ انهن تي سماجي يا رياستي طور تي غور نه ڪرڻ ان شيءِ کي انتهائن تائين پهچائي سگهي ٿو.
هن وقت عورت تمام سخت ذهني دٻاءُ جو شڪار آهي، ان کي مسلسل بدسلوڪي، بيعزتي، ڌمڪيون ۽ ذهني طور تي ٽوڙڻ وارو رويو کيس مايوسي ۽ اڪيلائيءَ جو شڪار بڻائي ڇڏي ٿو. عورت تي مڙس جو ڪنٽرول کيس سماجي حلقن کان پري رکڻ جي ڪوشش، گهر مان نڪرڻ کانپوءِ مٿس حد درجي جي نگراني، کيس قيد جو احساس ڏيارين ٿيون. اهوئي سبب آهي جو گهر ۾ ويٺل خوشحال خاندانن سان تعلق رکندڙ عورتون به مختلف نشا واپرائي رهيون آهن ۽ اهڙن سوشل ميڊيا جي پليٽفارمن تي متحرڪ ٿي رهيون آهن جيڪي کين پنهنجي زندگيءَ کان تمام پري وٺي وڃن ٿيون ۽ اهڙي حالت تائين پهچائين ٿيون جو آخر ۾ انهن کي پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان وارن جي زندگيءَ کي ختم ڪرڻ تائين پهچائين ٿيون. ٿيڻ ته ايئن گهرجي ته اسان هڪٻئي سان سماجي رابطا برقرار رکون.
سڀ کان پهرين شادي شده مرد ۽ عورت جو هڪٻئي سان رشتي ۾ اعتماد بحال ٿيڻ ضروري آهي، پر لڳي ايئن ٿو ته هن وقت جيڪي شاديون ٿي رهيون آهن، انهن ۾ اعتماد جي کوٽ سبب يا ته اهي شاديون جلدي ٽٽي وڃن ٿيون يا وري اهڙا واقعا پيش اچن ٿا جتي المناڪ نتيجا نظر اچن ٿا. جيڪڏهن اهڙا واقعا مسلسل ٿيندا رهيا ته رياست لڏي ويندي، ڇو ته توهان جو گهريلو نظام جيڪو رياست جو بنيادي ايڪو آهي اهو ٽٽي پوندو ته رياست تباهي ۽ بربادي جي منهن ڏسڻ کان بچي نه سگهندي. هن وقت ائين ٿو لڳي ته پاڪستان ۾ سماجي نظام جو تاڃي پيٽو ٽٽي چڪو آهي جنهن جو وڏو سبب اسان جي سماج ۾ هر جاءِ تي اخلاقيات جي کوٽ آهي. اها کوٽ سياسي قيادت کان وٺي گهر جي اندر زال ۽ مڙس جي رشتي تائين نظر اچي ٿي، جنهن جو شڪار اسان جو نئون نسل ٿي رهيو آهي. جنهن جي ڪري خانداني رشتا ڪمزور ٿي رهيا آهن، جديد شهري زندگيءَ ۾ انفرادي سوچ تيزيءَ سان وڌي رهي آهي، گڏيل خانداني نظام ٽٽي چڪو آهي، گهراڻن جو پاڻ ۾ تعلق ڪمزور ٿي چڪو آهي ۽ اهي هڪٻئي جي ويجهو اچڻ جي بجاءِ هڪٻئي کان تيزيءَ سان پري ٿي رهيا آهن جيڪا صورتحال خطرناڪ نتيجن ڏانهن وٺي وڃي رهي آهي.
اسان کي هڪ دفعو ٻيهر پنهنجي سماجي قدرن جي جوڙجڪ کي ڏسڻو پوندو ته آخر اهي قدر هاڻي ايترا غير اهم ڇو ٿي چڪا آهن؟ سماجي قدرن جي زوال جو سبب ڇا آهي؟ هن وقت اسان مان ڪيترائي ماڻهو پنهنجي جذباتي رويي تي ڪنٽرول ڇو نٿا رکي سگهن؟ ننڍن ۽ وڏن جي عزت جو جيڪو تصور اسان وٽ صدين کان موجود هو اهو آخر ڇو ختم ٿي چڪو آهي؟ زال ۽ مڙس جو رشتو جيڪو عزت ۽ احترام جي نتيجي ۾ ئي مضبوط ٿي سگهي ٿو اهو آخر ڇو ايترو ڪمزور ۽ مايوس ڪن صورتحال جو شڪار ٿيو آهي؟ ڇا ان جو سبب خراب حڪمراني، صنفي اڻبرابري، تعليم جي کوٽ، عورت جو نفسياتي مسئلن ۾ منجهي پوڻ ۽ زندگيءَ جي مقصد کان ناواقفيت ته ڪونهي.
ضروري آهي ته معاشري جا باشعور ماڻهو پنهنجن گهرن، درسگاهن، آفيسن ۽ ذاتي حلقن ۾ انهن سڀني شين تي نظر رکندي سماج کي ٻيهر جوڙڻ ۽ ترتيب ڏيڻ جو ڪم شروع ڪن. هن وقت لڳي ٿو ته شاديءَ جهڙي اهم اداري کي جنهن کي اڃان تائين اسان مڪمل طور تي سمجهي نه سگهيا آهيون ان جي ٻيهر تشريح ٿيڻ گهرجي. اسان کي شاديءَ جي روايتي تصور جنهن ۾ مرد کي مالڪي ۽ بالادستي ڏني وئي آهي، ان جي ٻيهر تشريح ڪيون ۽ شاديءَ واري تصور ۾ برابري ۽ ذاتي حرمت کي متعارف ڪرايون. ان لاءِ ضروري آهي ته اسان کلي ڳالهايو وڃي. مرد ۽ عورت جي پرورش ڪرڻ جا معيار مقرر ٿيڻ گهرجن. اسان کي شاديءَ جي نئين تشريح ڪرڻي پوندي. نوجوان جوڙن کي شاديءَ کان اڳ يا نڪاح کان اڳ انهن جي ڪائونسلنگ ڪرڻي پوندي ته انهن کي زندگيءَ ۾ هڪ پارٽنر وانگر ڪيئن پنهنجي جي زندگيءَ جي مسئلن کي بنا تڪرار جي پرامن طريقي سان گڏجي حل ڪرڻو آهي. ان ڳالهه تي زور ڏيڻو پوندو ته تشدد ۽ شڪ يا ڪنهن به ڌر جو هڪٻئي تي ڪنٽرول ڪرڻ رشتي کي خراب ڪري ٿو.
اسان کي پنهنجي تعليمي نصاب ۾ سڌارا آڻڻا پوندا، اسڪولن ۽ ڪاليجن جي نصاب ۾ صنف جي برابري، هڪٻئي جي حقن جي خيال بابت تعليم ڏيڻي پوندي، انصاف جي رسائي کي آسان بنائڻو پوندو ۽ جيڪڏهن شادي ٽٽڻ جي صورت پيدا ٿئي ٿي ته ان ۾ عزت ۽ برابري سان الڳ ٿيڻ جي قانوني عمل کي سادو بنائڻو پوندو. ان عمل جي شروعات هر فرد کي پنهنجو پاڻ کان ڪرڻي آهي. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته جيڪڏهن رياست شاديءَ جهڙي اداري جي ٻيهر تشريح ڪندي ته ان جي مٿان به دٻاءُ ايندو، پر جيڪڏهن سماج تباهه ٿي ويو ته رياست به نه بچي سگهندي.