ايڊيٽوريلنئون

تحقيق مطابق اي آءِ چيٽ بوٽس صحيح معلومات فراهم نٿا ڪن

جرمن نشرياتي اداري ‘ڊوئيچي ويلي’ (DW)  ۾ هڪ رپورٽ شايع ٿي آهي، جنهن مطابق تحقيق مان خبر پئي آهي ته چيٽ جي پي ٽي، جيمنائي ۽ ڪو پائليٽ جهڙيون اي آءِ چيٽ بوٽس خبرن کي اڪثر ٽوڙي مروڙي پيش ڪن ٿيون ۽ حقيقتن کي راءِ کان الڳ نٿيون ڪري سگهن. اها تحقيق 22 عوامي نشرياتي ادارن ڪئي، جن ۾ خود ڊي ڊبليو به شامل هو. تحقيق مان اها ڳالهه معلوم ٿي آهي ته اهي چيٽ بوٽس مجموعي طور تي خبرن جو 45 سيڪڙو غلط يا ناقص طور بيان ڪن ٿا، چاهي خبرن جي زبان ڪابه هجي ۽ انهن خبرن جو تعلق ڪنهن به علائقي يا ملڪ سان ڇو نه هجي، پر انهن ۾ غلطيون هجن ٿيون.

هن وقت ان تحقيق ڪرڻ جي ضرورت يقينن ان ڪري پيش آئي آهي ته ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال هر جاءِ تي زندگيءَ جي هر شعبي ۾ تمام تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي. چيٽ بوٽس ۽ ٻيا اي آءِ جا اوزار هاڻي صرف ٽيڪنالاجي جي ماهرن تائين محدود ناهن، پر عام ماڻهو روزاني ڪم ڪار، تعليم ۽ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ انهن کي وڏي پئماني تي استعمال ڪري رهيا آهن. ڪاروباري ادارا انهن کي صحت، فنانس ۽ قانون جهڙن نازڪ شعبن ۾ پڻ استعمال ڪري رهيا آهن، جتي غلطي جي گنجائش ناهي. هن رجحان کي سڃاڻڻ ۽ ان جي اثرن کي ماپڻ ۽ ان بابت تحقيق ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن پيش ايندڙ خطرن کي سمجهي سگهجي.

تحقيق ان ڳالهه کي يقني بنائڻ ۾ مدد ڪندي ته ڊولپرز ۽ آپريٽرز کي اي آءِ جي پيدا ڪيل غلطين لاءِ ذميوار ڄاڻايو وڃي. هن وقت غلط ۽ خراب معلومات انهن اوزارن جي لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي، ان لاءِ تحقيق ذريعي اهو معلوم ٿي سگهي ٿو ته چيٽ بوٽس غير ارادي طور تي غلط معلومات کي ڪيئن وڌائي سگهن ٿا ۽ ان کي روڪڻ لاءِ ڪهڙا حفاظتي طريقا استعمال ڪري سگهجن ٿا. ائين چئي سگهجي ٿو ته هي چيٽ بوٽس يا جنريٽوو اي آءِ سسٽمز اڃان ان حد تائين نه پهتا آهن جن تي ادارا اکيون پوري ڀروسو ڪري سگهن. ضروري آهي ته ڪنهن به سوال جو جواب وٺڻ کانپوءِ ان جي وري انساني اک سان نگراني ڪئي وڃي. اهڙن اوزارن کان ڪابه معلومات حاصل ڪرڻ کانپوءِ وري انهن جي تصديق به ڪرڻ گهرجي. تمام نازڪ ۽ تڪڙي ضرورتن جهڙوڪ: قانوني صلاح، طبي تشخيص يا مالي فيصلن لاءِ اڃان تائين اسان کي اي آءِ تي سڌو ڀروسو نه ڪرڻ گهرجي يا ايئن کڻي چئجي ته ان جو محدود استعمال ڪرڻ گهرجي.

اي آءِ هن وقت بلڪل هڪ ننڍي ٻار وانگر تربيت حاصل ڪرڻ واري مرحلي مان گذري رهيو آهي. ان جو تعلق انپٽ سان آهي، جيئن جيئن اسان ان کي ڊيٽا ذريعي درست ۽ بهتر معلومات ڏيندا وينداسين ۽ ان کي ڏنل غلط معلومات کان پاڪ ڪندا وينداسين ته هي مستقبل ۾ اسان کي بهتر نتيجا ڏيئي سگهي ٿو. اي آءِ ماڊلز کي باقائدي نئين ڄاڻ سان اپڊيٽ ڪرڻ سان انهن جا جواب وڌيڪ جديد ملندا. جيئن ته ان پُٽ ۾ صحيح ۽ غلط معلومات داخل ڪئي وڃي ٿي ان لاءِ ان سسٽم کي بهتر بنائڻ ضروري آهي ته اهو صحيح ۽ غلط جي وچ ۾ فرق ڪري سگهي ۽ معلومات کي بهتر طريقي سان فلٽر ڪري صحيح معلومات فراهم ڪري. جيڪڏهن ٽريننگ ڊيٽا ۾ ڪو غلط تصور بار بار آيو آهي ته اي آءِ ان کي پيش ڪري سگهي ٿو. ان سان گڏوگڏ انسانن جي فيڊ بيڪ سان به اي آءِ کي سڌرڻ جو موقعو ملي ٿو. چيٽ بوٽس جي سکيا جي لاءِ انهن کي تمام وڏي ڊيٽا سيٽ (ٽيڪسٽ ۽ معلومات) جي ذخيري تي ٻڌل ڏني ويندي آهي. اهي ڪنهن انسان وانگر تجزيو ڪرڻ بجاءِ موجود تربيتي ڊيٽا ۽ معلومات مطابق جواب ڏين ٿا.

گذريل چند سالن ۾ اي آءِ چيٽ بوٽس جي عام ٿيڻ کانپوءِ ڏٺو ويو آهي ته ماڻهو خبرون حاصل ڪرڻ جي لاءِ يا ٻي معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ اي آءِ اسسٽنٽس جو استعمال ڪن ٿا. يقينن وقت سان گڏوگڏ جيئن انهن ٽولز جي ڊيٽابيس ۾ بهتري ٿيندي ۽ اضافو ٿيندو تيئن تيئن انهن جي فراهم ڪيل معلومات وڌيڪ اعتبار جوڳي ٿيندي ويندي.