بلاگنئون

31 آڪٽوبر ورسيءَ جي مناسبت سان: مور ماڻهو چاچا حاجي عباسي مزاحمتي جدوجهد جو اهم ڪردار!

سجاول ضلعي جي تاريخي خطي​ دڙي شھر جي اڀريل فولادي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ انھيءَ گھڻ پاسائي مزاحمتي ڪردار رکندڙ غير معمولي شخص چاچا حاجي خان عباسي جي وڇوڙي جو اڄ پھريون ڏھاڙو آھي، جيڪو ڪل حياتي شاندار عملي جدوجھد جي ميدان ۾ اڳڀرو رھندي پنھنجو پاڻ ملھائي ويو. جڏهن ته سياسي، سماجي، واپاري ۽ ادبي ميدانن ۾ مختلف پاسائي مثالي نوعيت جو اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ پيش پيش رھندڙ چاچا حاجي خان عباسي جيڪو 2 جون 1947ع تي دڙي جي زرخيز ڌرتيءَ جي ھڪ ديندار پرھيزگار ميانجي ابو عبدالله عباسيءَ جي گھر ۾ پيدا ٿيو ھو ۽ اڄوڪي ڏھاڙي ھو 77 ورھين جي ڄمار ۾ ڀرپور بامقصد جاکوڙي حياتي گذاري وڇڙي ويو ھو، جنھن جو وڇوڙو يقينن ھڪ شخص جو نه، پر ھڪ شاندار دور جي ٿيل پڄاڻي آھي.

​چاچا حاجي خان عباسيءَ جي مسلسل ھلچل ۾ رھندڙ زندگيءَ جو اھم مشھور پاسو سندس فولادي مزاحمتي ڪردار ئي رھيو آھي، جيڪو ھو عمر جي وڏي ضعيف پڻي واري حصي ۾ داخل ٿيڻ باوجود ھميشه جوشيلن جوان جذبن سان للڪار بڻجي جدوجهدن جا عملي ميدان ملهائيندو ھو. چاچا حاجي عباسي جيڪو سنڌي قومپرستيءَ ۽ جمھوريت جي بحاليءَ لاءِ ھليل ايم آر ڊي جھڙين تحريڪن جو پڻ جاکوڙيندڙ ڪردار بڻجي انھن جو اھم حصو رھيو آھي ۽ جڏھن سنڌ مان ضياءُ جي مارشلا خلاف ايم آر ڊي تحريڪ عروج تي ھئي، تڏھن چاچا حاجي خان عباسيءَ پنھنجي دڙي جي مٽيءَ مان اٿي کڙو ٿي جابر آمريتي حڪومت آڏو بھادريءَ سان سينو تاڻي انھيءَ ھليل تاريخ ساز تحريڪ جي وک وک تي پيروي ڪري رھيو ھو ۽ سندس جدوجھد ايتري ته پرعزم ھئي جو کيس انھيءَ تحريڪ دوران اسيريءَ جون سختيون به سھڻيون پيون ۽ جيل جي سيخن پويان به سندس حوصلو جيڪو ذري جو ڪمزور ٿيڻ بدران اھو مضبوطيءَ سان قائم رھيو ۽ دڙي جي سڄي علائقي لاءِ حوصلي جو ھڪ مينار بڻجي بيٺو. ھن ثابت ڪيو ته دڙي جي مٽيءَ ۾ مزاحمت جي صلاحيت ڪيتري نه زرخيز آھي. جڏهن ته چاچا حاجيءَ جي سدا ملوڪ شخصيت جو ٻيو اھم پاسو سندس سماجي ۽ واپاري زندگي ھئي ۽ گڏوگڏ سياست ۾ پڻ سرگرم رھڻ باوجود به ھو پنھنجي وقت جو ھڪ ڪامياب واپاري رھيو ۽ واپار کي ھميشه پنھنجي سياسي ۽ سماجي مقصدن جي خدمت ۾ استعمال ڪيائين. ھو شھر جي ترقيءَ ۽ سماجي ڀلائيءَ وارن ڪمن تي وڏو زور ڏيندو رھيو ۽ سندس واپاري مرڪز ڪنھن زماني ۾ ھڪ سياسي ۽ سماجي اڏو پڻ رھندو ھو، جتي ماڻھو پنھنجا مسئلا کڻي ايندا ھئا ۽ اتي ھو کين مفيد صلاحون ۽ مدد ڏيندو ھو. انھيءَ سان گڏ چاچا حاجي خان عباسيءَ کي ادب ۽ ثقافت سان به تمام گھڻو چاھه ھوندو ھو، جيڪو پاڻ خود به بھترين ادبي ذوق جو مالڪ ھو ۽ دڙي جي ادبي ماحول کي ھميشه ھٿي ڏيندو رھيو، اديبن شاعرن ۽ فنڪارن لاءِ سندس دل جا ڪشاده در ھميشه کليل رھندا ھئا ۽ پنھنجي محفلن کي ادبي بحثن ۽ شاعريءَ سان سھڻي نموني سينگاريندو ھو جيڪا درحقيقت سندس اھا ادبي دل لڳي ئي ھئي، جنھن جي بدولت انھيءَ اڻٿڪ مزاحمتي ڪردار ۾ ڀرپور قسم جو جذبو ۽ ھڪ اھڙي سونهن ۽ پرعزم ڪشش سمايل ھوندي ھئي جيڪا صرف زنده دل ادبي ۽ فڪري ڪميٽيڊ انسانن مان ئي پسي سگھجي ٿي.

​چاچا حاجي خان عباسيءَ جڏهن ھڪ سال اڳ اڄوڪي ڏينهن تي ھن فاني دنيا کي الوداع چئي ھليو ويو، تڏھن ھو پنھنجي پويان سنڌي سماج ۽ سياست تي ھڪ اونهو اثر ڇڏي ويو ۽ سندس سدا ملوڪ ۽ گھڻ پاسائي شخصيت اسان کي ياد ڏياري ٿي ته ڪيئن ھڪ فرد پنھنجي زندگيءَ جي مختلف پھلوئن ۾ قوم ۽ وطن لاءِ ڪم ڪري سگھي ٿو. ھو دڙي جو فولادي پٽ ھو، جنھن جي مزاحمت ۽ قربانيءَ جا اھڃاڻ اڄ به ڌرتيءَ تي روشن آھن. اڄ سندس پھرين ورسيءَ جي موقعي تي اسين انھيءَ عظيم ڪردار کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا، جيڪو دڙي جي سڄي نسل لاءِ ھمت ۽ جرئت جو روشن پيغام آھي، تنھن جي بلند مغفرت لاءِ دعاڳو آهيان.