بلاگنئون

پاڪستان ۾ غذائيت جي کوٽ جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ حڪومت کي قدم کڻڻ گهرجن

غذا ۽ خوراڪ ڪيترن ئي سماجي ۽ معاشي عنصرن سان جڙيل آهن، جن ۾ آمدني، خوراڪ جون قيمتون ۽ خوراڪ جي نظام جو ڍانچو شامل آهي. هڪ صحتمند ۽ متوازن خوراڪ رڳو دستيابي سان لاڳاپيل ناهي، پر ڄاڻ ۽ شعور سان به جڙيل آهي. حڪومتن جو مرڪزي ڪردار آهي ته هو ماڻهن کي صحتمند خوراڪ بابت آگاهي ڏين، غذائيت واري خوراڪ تائين آسان رسائي يقيني بڻائين ۽ والدين ۽ سرپرستن کي مناسب ڄاڻ فراهم ڪن ته جيئن هو ٻارن کي بهتر خوراڪ فراهم ڪري سگهن. ٻارن لاءِ، پنجن خوراڪي گروپن جنهن ۾ ڀاڄيون، ميوا، اناج، کير ۽ کير مان ٺهيل شيون، گهي، مکڻ، پروٽين مان متوازن خوراڪ تائين رسائي انهن جي واڌ ويجهه، سکيا اهي سڀ ذهني ترقي لاءِ نهايت ضروري آهن. غذائي کوٽ سبب سنگين نتيجا نڪري سگهن ٿا، جهڙوڪ: گهٽ رت ۾ شگر، انيميا (رت ۾ آئرن جي کوٽ) ۽ ذهني ۽ جسمي واڌ ۾ رڪاوٽ. اسٽنٽنگ (عمر جي حساب سان قد گهٽ هجڻ) ۽ قد جي حساب سان وزن گهٽ جو هجڻ، غذائيت جي کوٽ جا سڀ کان خطرناڪ نتيجا آهن.

نيشنل نيوٽريشن سروي 2018 انتهائي تشويشناڪ انگ اکر ظاهر ڪيا، پاڪستان ۾ پنجن سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن مان 40.2 سيڪڙو اسٽنٽنگ جو شڪار آهن، 17.7 سيڪڙو وزن گهٽ هجڻ جو شڪار آهن ۽ لڳ ڀڳ 1.2 ڪروڙ ٻار پنهنجي عمر جي حساب سان قد ۾ گهٽ آهن. ان کان علاوه، 53.7 سيڪڙو ٻار رت ۾ آئرن جي ڪمي جي ڪري انيميا ۾ مبتلا آهن. ساڳئي وقت، زنڪ، وٽامن اي ۽ وٽامن ڊي جي کوٽ به عام آهي. اهي غذائي کوٽون رڳو ٻارن جي صحت لاءِ نه، پر عورتن ۾ مائرن جي موت جي شرح ۾ سڀ کان وڏو سبب پڻ بڻجي رهيون آهن.

خوراڪ ۾ غذائيت وڌائڻ: هڪ حل خوراڪ ۾ ضروري وٽامن ۽ منرل شامل ڪرڻ (فوڊ فورٽيفڪيشن) دنيا ڀر ۾ غذائي کوٽ کي گهٽائڻ ۾ ڪامياب ثابت ٿي آهي. وچ آمريڪا جي ملڪن جهڙوڪ گواٽي مالا، هانڊوراس، السلوادور ۽ نڪاراگوا، 1970ع کان کنڊ ۾ وٽامن اي ۽ 1960ع کان اٽي ۾ آئرن ۽ وٽامن بي شامل ڪيو، جنهن نتيجي ۾ وٽامن اي جي کوٽ تقريبن ختم ٿي وئي. ساڳئي طرح، لوڻ ۾ آئيوڊين شامل ڪرڻ واري عالمي مهم سان دنيا ۾ آئيوڊين جي کوٽ ۽ ڳوڙها (گوائيٽر) گهٽ ٿيا. پاڪستان به 1994ع ۾ يونيفارمل سالٽ آئيڊائيزيشن پروگرام (USI) ۾ شامل ٿيو، جنهن سان گوائيٽر ۾ نمايان گهٽتائي آئي. تازين جدتن مان هڪ “Iron+” ٽيڪنالاجي آهي، جيڪا نيوزيلينڊ جي هڪ يونيورسٽي تيار ڪئي آهي. ان خوراڪ جو ذائقو ۽ معيار متاثر نه ڪندي آئرن جي کوٽ کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي. اهڙيون ايجادون خاص طور تي پاڪستان جهڙن ملڪن ۾ کير ۽ کير جي شين ۾ غذائي اضافن لاءِ ڪارگر ٿي سگهن ٿيون، جتي ٻار وڏي پيماني تي اسٽنٽنگ ۽ انيميا جو شڪار آهن.

پاڪستان ۾ موجوده ڪوششون: پاڪستان ۾ اٽي کي لوھ، فولڪ ايسڊ، وٽامن بي 12 ۽ زنڪ سان، جڏهن ته کائڻ جي تيل کي وٽامن اي ۽ ڊي سان فورٽيفاءِ ڪرڻ شروع ڪيو ويو آهي، پر اهي منصوبا محدود سطح تي لاڳو ڪيا ويا آهن. دنيا جي ڪامياب پروگرامن مان سکڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته رڳو اسٽيل فوڊ جي لازمي فورٽيفڪيشن، جيڪا هميشه سستي ۽ دستياب هجي، ڊگهي عرصي جا نتيجا ڏئي سگهي ٿي.

حاليه ڳالھ اها آهي ته FAO جي انگن موجب پاڪستان ۾ 3.75 ڪروڙ ماڻهو غذائي کوٽ جو شڪار آهن، ۽ غذائيت جي کوٽ ملڪ کي سالياني اندازي مطابق 3 سيڪڙو GDP جو نقصان پهچائي ٿي. جيڪڏهن فوري قدم نه کنيا ويا ته پاڪستان گڏيل قومن جي سسٽينبل ڊولپمينٽ گولز (صحت ۽ خوشحالي) حاصل نه ڪري سگهندو. متوازن خوراڪ نه رڳو غذائي کوٽ کان بچائي ٿي، پر تعليم، روزگار ۽ غربت ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ به مثبت اثر ڇڏي ٿي. پاڪستان لاءِ ضروري آهي ته غذائيت ۾ واڌ لاءِ لازمي فورٽيفڪيشن پروگرام وڌايا وڃن، انهن جي اثرائتي نگراني ڪئي وڃي ۽ ماڻهن کي خوراڪ بابت آگاهي ڏني وڃي. رڳو اهڙن قدمن سان ئي پاڪستان پنهنجن ٻارن ۽ برادري لاءِ وڌيڪ صحتمند مستقبل محفوظ ڪري سگهي ٿو.