ايڊيٽوريلنئون

مذهبي اڻ سهپ سماج ۾ عام زندگيءَ کان وٺي تعليمي ادارن تائين

صوفي ثقافت، رواداري، برداشت ۽ هڪٻئي سان گڏجي رهڻ سنڌ جي تاريخ آهي. ان ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته سنڌ صوفين جي سر زمين رهي آهي ۽ ان تي صوفين جي تعليم جو گهرو اثر پڻ رهيو آهي، پر وقت سان گڏوگڏ سنڌ ڌرتيءَ تي ٻاهرين ماڻهن جي اچڻ سان ان اثر ۾ ڪڏهن ڪمي اچي وڃي ٿي ۽ سماج ۾ مختلف رويا سامهون نظر اچن ٿا ۽ نتيجي ۾ اسان جو سماج به ڪڏهن ڪڏهن اهڙي دٻاءُ ۾ اچي وڃي ٿو جو اسان خود پنهنجي ان سماج کي قبول ڪرڻ ۽ سڃاڻڻ کان انڪار ڪري ويهون ٿا. هن وقت اسان جو سنڌي سماج به انهن زباني ڪلامي دعوائن جو علمبردار نظر اچي رهيو آهي. ان ۾ شايد سياسي قوتن جو به اثر رهيو آهي، جن اسان کي وقت سان گڏ ننڍن ننڍن مفادن جي ڪري مذهبي، قبائلي، ذاتي گروهن ۾ ورهائي اهڙن خيالن جو غلام بڻائي ڇڏيو آهي جيڪي ڪڏهن به اسان جا نه هئا. نتيجي ۾ اسان پنهنجي اصل سڃاڻپ وڃائي ويٺا آهيون.

اها به هڪ حقيقت آهي ته هن وقت پاڪستان ۾ سنڌ اهو واحد صوبو آهي، جنهن کي چئي سگهجي ٿو ته اهو پنهنجي مذهبي رواداري ۽ ڀائيچاري سان پنهنجو پاڻ کي ڳنڍيل رکڻ چاهي ٿو. ان هوندي به اسان جي وچ ۾ ڪيترائي اهڙا ماڻهو وقت بوقت ظاهر ٿيندا رهن ٿا، جيڪي اسان جي سماج جي تاڃي پيٽي کي ٽوڙي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ سنڌي سماج جي مٿان اهڙو ڪاري ڌڪ هڻڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، جنهن سان اسان کي پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ ۾ به شڪ ٿئي ٿو. جنهن ۾ سڀ کان وڏو افسوسناڪ مسئلو هندو نياڻين جو جبري طور تي مذهب تبديل ڪرڻ جو مسئلو اٿندو رهي ٿو. ڪيترين ئي نياڻين کي جبري طور تي گم ڪري پوءِ عدالتن ۾ پيش ڪري اها دعويٰ ڪئي وڃي ٿي ته انهن ڇوڪرين مذهب تبديل ڪري ۽ مسلمان ڇوڪرن سان شاديون ڪري ڇڏيون آهن.

جڏهن ته قانون مطابق نه انهن ڇوڪرين جي عمر شاديءَ جي هوندي آهي ۽ نه ئي وري مذهب تبديل ڪرڻ جا معيار اختيار ڪيل هوندا آهن. مذهب هر انسان جو پنهنجو بنيادي حق آهي. هڪ انسان پنهنجي ذاتي سوچ، فڪر ۽ خيال سان متاثر ٿي جيڪڏهن اسلام جي دائري ۾ اچڻ چاهي ٿو ته ان ۾ ڪنهن کي به اعتراض نه هجڻ گهرجي ۽ نه ئي اعتراض ٿيندو، پر هن وقت ڏٺو پيو وڃي ته مذهب کي سياسي طور تي ۽ پنهنجن ذاتي مفادن جي لاءِ استعمال ڪرڻ هڪ عام ڳالهه بڻجي وئي آهي. ڪڏهن ماڻهن تي توهين مذهب جو الزام لڳائي، انهن کي موت جي گهاٽ تائين پهچايو وڃي ٿو.

اهو فڪر، اها سوچ سنڌي معاشري جي ڪڏهن به نه رهي آهي. هاڻي افسوسناڪ صورتحال اها آهي ته اها تباهه ڪندڙ سوچ عام سماجي ماڻهن مان نڪري تعليمي درسگاهن تائين پهچي وئي آهي. ميرپورساڪرو جي گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول جي هندو شاگردياڻين ميرپورساڪرو جي پريس ڪلب جي سامهون احتجاج ڪيو ته کين اسڪول جي هيڊ ماسترياڻي مذهب تبديل ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهي آهي ۽ سندن هندو مذهب هجڻ کي بهانو بڻائي کين مذهبي طور تي ڊيڄاريو پيو وڃي ته سندن انجام آخرت ۾ تمام برو ٿيندو ۽ انهن کي سندن مذهب جي آڙ ۾ ڪمتر ڄاڻائي اسڪول ۾ ٻين شاگردياڻين جي اڳيان اهو احساس ڏياريو پيو وڃي ته کين تعليم حاصل ڪرڻ جو به ڪو حق ناهي، جيستائين اهي پنهنجو مذهب تبديل ڪري اسلام جي دائري ۾ داخل نٿيون ٿين.

ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي ته اسان جا استاد جيڪي هن معاشري کي سڌارڻ جا علمبردار آهن، جيڪي هن معاشري ۾ اونداهي ختم ڪري روشني پکيڙڻ جا ذميدار آهن، انهن کي پنهنجي ئي مذهب جي ڄاڻ حاصل ناهي ته استاد جو ڪردار ڇا هجڻ گهرجي، انهن کي پنهنجي ملڪ جي آئين بابت به ڪا ڄاڻ ناهي، انهن کي اها به خبر ناهي ته هڪ استاد مذهب جي پرچار ڪرڻ وارو نه هوندو آهي، بلڪه ان کي جيڪي اسڪول طرفان ذميداريون مليل آهن صرف انهن کي ادا ڪرڻو هوندو آهي. هن واقعي جون خبرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ صوبائي وزير تعليم سيد سردار شاهه نوٽيس وٺندي ضلعي جي ڊي اِي او ايجوڪيشن آفيسر کي معاملي جي فوري انڪوائري ڪري تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. جڏهن ته هيڊ مسٽريس ميرپورساڪرو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سمورن الزامن کي رد ڪيو آهي ۽ ان ڳالهه جو اظهار ڪيو آهي ته کيس سندس عهدي تان هٽائڻ لاءِ سازش ڪرڻ وارن اها چال هلي آهي. هن وقت صورتحال مشڪوڪ آهي، سنڌ حڪومت کي هڪدم ان واقعي جي شفاف ڇنڊ ڇاڻ ڪري حقيقتون عوام جي سامهون پيش ڪرڻ گهرجن. جيڪڏهن اسڪول جي هيڊ ماسترياڻي ڏوهاري ثابت ٿئي ٿي ته کيس قانون مطابق سزا ملڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن هندو ڇوڪرين هيڊ تي ڪوڙو الزام هنيو آهي ته انهن کي به قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ته جيئن اڳتي جي لاءِ ڪوبه ڪنهن ته جڙتو الزام نه لڳائي سگهي ۽ سماج ۾ ان قسم جي بيچيني پيدا ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪري. حڪومت سنڌ جو ان کان اڳتي اهو به فرض آهي ته تعليمي ادارن جي اندر استادن جي تربيت جو بندوبست ڪيو وڃي ۽ انهن کي ان ڳالهه جو پابند بڻايو وڃي ته اهي تعليمي ادارن ۾ پنهنجي شاگردن جو مذهب تبديل ڪرڻ جو فڪر ڪرڻ جي بجاءِ انهن کي نصاب مطابق تعليم ڏئي پنهنجي ذميدارين کي پورو ڪن.