”سڄي دنيا جا محنت ڪشو هڪ ٿي وڃو!” اهو ڪميونسٽن جو محض هڪ نعرو ناهي بلڪه هڪ طبقاتي نظريو، هڪ انقلابي فرض ۽ عالمي سطح تي محنت ڪش طبقي جي ڇوٽڪاري، هڪ اڳواڻي يا رهبري وارو اصول آهي. سرمائيداري ڇاڪاڻ ته عالمي نظام آهي، ان ڪري ان جي لاءِ محنت ڪش طبقي جي جدوجهد به عالمي سطح تي ٿيڻ گهرجي. اهائي بين الاقواميت آهي ۽ اهوئي اڄ سموري جدوجهد ۾ اهڙو عنصر آهي، جنهن کانسواءِ فتح ناممڪن آهي.
سرمائيداري هڪ عالمگير نظام: اسان جنهن دنيا ۾ رهيون پيا اها اڳ جي ڀيٽ ۾ نهايت ئي سرسي طور تي ڳنڍيل آهي. هڪ ملڪ جي صنعت ٻئي ملڪ جي مزدورن تي دارومدار رکي ٿي. هڪ پرڳڻي جي منڊي ڪنهن ٻئي پرڳڻي جي معيشت سان لاڳاپيل هوندي آهي. سامراجي بينڪ، مالياتي ادارا، عالمي واپاري معاهدا ۽ گهڻ قومي/ملٽي نيشنل ڪمپنيون اهي سڀ سرمائيداري کي هڪ بين الاقوامي نظام ۾ تبديل ڪري چڪا آهن. جڏهن سامراجي قوتون پنهنجين منڊين، وسيلن ۽ مزدور جي قوت جي لاءِ مختلف پرڳڻن ۾ جنگيون مڙهين ٿيون، جڏهن مهانگائي ۽ ماحولياتي بحران ڪنهن هڪ ملڪ جو نه بلڪ سڄي دنيا جو مسئلو بڻجي وڃي ٿو ته ان جي خلاف مزاحمت به بين الاقوامي هئڻ گهرجي. ان لاءِ بين الاقواميت نه صرف هڪ اخلاقي مسئلو بڻجي وڃي ٿو، بلڪه طبقاتي جدوجهد جي هڪ اڻٽر ضرورت به بڻجي چڪو آهي.
بين الاقواميت جا نظرياتي بنياد: ڪارل مارڪس ۽ فريڊرڪ اينگلز پنهنجي پهرئين انقلابي پڪار ۾ لکيو هو: “سڄي دنيا جا مزدور هڪ ٿي وڃو!” ڇو ته ان جي مطابق محنت ڪش طبقو ڪو قومي طبقو ناهي، بلڪه هڪ عالمي طبقو آهي، جنهن جا مفاد هر ملڪ ۾ هڪ جهڙا آهن، اهي سڀ سرمائيدارن جي استحصال جا شڪار آهن ۽ انهن جو واپار صرف گڏيل جدوجهد سان ممڪن آهي. بين الاقواميت جو مطلب اهو ناهي ته هر ملڪ جا محنت ڪش پنهنجون مقامي ويڙهون نه وڙهن، بلڪه انهن ويڙهن کي هڪ عالمي نقطهءِ نظر ۾ ڏسندي ڳنڍيو وڃي ته جيئن ڪا به تحريڪ اڪيلي نه ٿئي ۽ هر جدوجهد هڪ ڪشادي انقلابي تحريڪ جي صورت اختيار ڪري سگهي. بين الاقواميت جو مطلب صرف ٻڌي ناهي، بلڪه گڏيل طبقاتي مفادن جي بنياد تي انقلابي جدوجهد کي بين الاقوامي سطح تي جوڙي ٿو ته جيئن ڪنهن هڪ ملڪ ۾ فتحياب سوشلسٽ انقلاب ٻين ملڪن جي محنت ڪشن جي لاءِ رستو صاف ڪري ۽ سرمائيداراڻي رد انقلاب جو رستو روڪي سگهجي.
بالشويڪ انقلاب ۽ انٽرنيشلسٽ نظريو: 1917ع جي بالشويڪ انقلاب جي قيادت ڪندي لينن ۽ ٽراٽسڪي چٽو ڪيو ته سوشلسٽ انقلاب کي محض روس تائين محدود رکڻ هڪ نظرياتي ۽ عملي غلطي ٿيندي. انقلاب کي يورپ، خاص طور تي جرمني ۾ پکيڙڻ جي ڪوشش ان انقلابي بين الاقواميت جو خاص حصو هئي. انهيءَ بنياد تي ڪميونسٽ انٽرنيشنل قائم ڪئي وئي، جنهن سڄي دنيا جي انقلابين کي هڪ گڏيل پروگرام ۽ تنظيمي بنياد ميسر ڪيو ۽ انهن چٽي ريت اهو شعور رکيو ٿي ته بين الاقواميت کانسواءِ روسي انقلاب قائم نٿو رهي سگهي.
اهوئي سبب آهي ته جڏهن عالمي انقلاب جو نظريو ڇڏيو ويو ته اسٽالنزم جي شڪل ۾ قومي اڪيلائي انقلاب کي بدنام ڪندي مارڪسزم جي بنيادي اصولن کان انڪار ڪندي بدنام زمانو مرحلي واريت جا بنياد وجهي ڇڏيا. اسٽالنزم جي غلط نظرين نه صرف سوويت يونين کي وکيرڻ تائين رسايو، بلڪه يورپ سميت سڄي دنيا ۾ محنت ڪش طبقي جي تحريڪن کي بدنام ڪيو.
قومپرستي ۽ انفراديت: سرمائيداري جا هٿيار قومپرستي ۽ انفراديت سرمائيداري جا اهي نظرياتي هٿيار آهن، جن جي وسيلي عالمي محنت ڪش طبقي کي تقسيم ڪري انهن جي گڏيل طاقت کي ڪمزور ڪيو ويندو آهي. اڄ به سرمائيدار طبقو پنهنجن سامراجي ارادن کي لڪائڻ جي لاءِ مزدورن کي “قومي اتحاد” ۽ “وطن جو دفاع” جهڙن نعرن جي پٺيان لڳائي انهن کان قربانيون گهري ٿو. جڏهن ته حقيقت ۾ اهوئي حڪمران طبقو انهن جو سڀ کان وڏو دشمن هوندو آهي. پاڪستان جهڙي پٺتي پيل ملڪن ۾ اهو حڪمران طبقو شائونزم ۽ مذهبي نفرتن کي ڀڙڪائيندو آهي ۽ آمريڪا ۽ يورپ ۾ انفراديت، نسل پرستي ۽ “ذاتي ڪاميابي” جا خواب وڪڻي طبقاتي شعور کي زهريلو ڪري ڇڏي ٿو. قومپرستي جو هر نظريو اصل ۾ حڪمران طبقي جو آهي، جيڪو محنت ڪشن کي هڪ طبقو سمجڻ جي بجاءِ انهن کي “قوم” جي ڪوڙن مفاد ۾ منجهائي ٿو.
بين الاقواميت ان دوکي کي ننگو ڪري ٿي ۽ چٽو ڪري ٿي ته پنجابي، سنڌي، پشتون ۽ بلوچ محنت ڪش (کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ يا مڇي ماريندڙ) ڀارتي مزدو ۽ هاري، سفيد فام، آمريڪي مزدور، ايراني تيل مزدور ۽ فلسطيني محنت ڪش سڀ هڪ ئي طبقاتي زنجير ۾ جڪڙيل آهن ۽ انهن جو ڇوٽڪارو صرف عالمي سوشلسٽ انقلاب ۽ گڏيل طبقاتي جدوجهد جي وسيلي ممڪن آهي.
موجوده دور ۾ بين الاقواميت جا عملي مثال: فلسطين ۾ اسرائيلي سامراج جي خلاف جدوجهد کي جيڪڏهن سڄي دنيا جي نوجوانن ۽ مزدورن جي حمايت نه ملي ها ته اها جدوجهد ڪڏهو ڪو چٿجي وڃي ها. ايران ۾ عورتن ۽ محنت ڪش طبقي جي بغاوت، آمريڪا ۾ ڪارن جي “بليڪ لائيوز مئٽر” تحريڪ، فرانس ۾ پينشن تي حملن جي خلاف هڙتالون، چين ۾ مزدور بغاوتون، سڀ هڪ ئي حقيقت کي چٽو ڪن ٿيون، سرمائيداراڻو جبر هر هنڌ تي هڪ جهڙو آهي ۽ مزاحمت به هر جڳھ جنم وٺي رهي آهي. بين الاقواميت جي انهيءَ جذبي جي تحت انقلابي ڪئميونسٽ انٽرنيشنل جي ساٿين گلگت بلتستان عوامي ايڪشن ڪميٽي جي نوجوانن جي گرفتاري جي خلاف عالمي سطح تي عملي قدم کنيو. نيويارڪ، لنڊن، پيرس، برلن ۽ ٻين شهرن ۾ پاڪستاني سفارت خانن ۽ قونصل خانن جي سامهون احتجاج ڪيا ويا ۽ مزدور يونينن کان حمايت حاصل ڪئي وئي. ان عمل سڌو سنئون پاڪستاني رياست کي عالمي طور تي وائکو ڪيو، کين گرفتارين تي نظرثاني ڪرڻ تي مجبور ڪيو، اها بين الاقواميت جي عملي طاقت آهي، جيڪا قومپرستاڻين اپيلن کان ممڪن ناهي.
ان جي ڀيٽ ۾ جڏهن پاڪستان جون قومپرست قيادتون پنهنجن ٻاهرين ملڪ وارن حامين جي وسيلي “اقوام متحده” “هيومن رائٽس واچ” يا امريڪي ڪانگريس کي اپيلون ڪن ٿا ته اهي نه صرف رياستي جبر کي چيلينج ڪرڻ ۾ ناڪام رهن ٿا، بلڪه اڪثر سامراجي طاقتن جي پاڻ ۾ ويڙھ ۾ خوشي سان ڪٺ پتلي بڻجي رهيون هونديون آهن. اهڙيون اپيلون انهن سامراجي ادارن جي اڱڻ تي رحم جي خيرات گهرڻ جي برابر آهن، جيڪي پاڻ ان ظلم ۽ جبر جا سڀ کان وڏا ذميوار آهن. اهي سمورا ادارا ۽ انهن ملڪن جون سرمائيدار طبقي جي مفادن جون پوئلڳ هونديون آهن، نه ته مظلوم قومن يا محنت ڪشن جي ان ٽڪراءُ سان اهو چٽو ٿئي ٿو ته صرف اها جدوجهد ڪارگر ٿي سگهي ٿي، جيڪا عالمي محنت ڪش طبقي جي انقلابي ٻڌي سان ڳنڍيل آهي نه ڪا اها جيڪا قومپرستي جي بنياد تي سامراجي ادارن کان خيرات گهري ٿي. بين الاقواميت نه صرف ظلم کي وائکو ڪري ٿي، بلڪه حقيقي دٻاءُ ۽ ٻڌي جي اهڙي طاقت تخليق ڪري ٿي جيڪا حڪومت کي پريشان ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي.
بين الاقوامي پارٽي جي ضرورت: جيڪڏهن انهن تحريڪن کي ڳنڍڻ واري هڪ انقلابي لڙھ نه هجي، هڪ بين الاقوامي نظريو، پروگرام ۽ تنظيم نه هجي ته اهي تحريڪون يا ته ٿڪجي ختم ٿي وڃن ٿيون يا وري رياستي مشينري کين چٿي ڇڏي ٿي. ان ڪري اسان صرف بين الاقوامي ٻڌي جا نعرا نٿا هڻون، بلڪه هڪ حقيقي عالمي انقلابي پارٽي جي تعمير کي بنيادي فرض سمجهون ٿا ۽ انهيءَ ڪري ڪميونسٽ بين الاقوامي پليٽ فارم سڄي دنيا ۾ تعمير ڪري رهيا آهيون. هڪ اهڙي پارٽي جيڪا هر ملڪ ۾ موجود محنت ڪش طبقي جي قيادت ڪري ۽ هر عوامي تحريڪ کي عالمي انقلاب جي جدوجهد سان ڳنڍي ڇڏي.
انٽرنيشنل سوشلسٽ انقلاب جي ڪاميابي جي ڪنجي: اسان جي جدوجهد صرف مقامي سڌارن جي لاءِ ناهي، بلڪه سوشلسٽ انقلاب جي وسيلي سرمائيداراڻي نظام جي خاتمي جي لاءِ آهي. سوشلسٽ انقلاب جي بقا تڏهن ئي ممڪن آهي، جڏهن اهو عالمي سطح تي پکڙجي. جيڪڏهن هڪ ملڪ ۾ انقلاب اچي ۽ ٻين ملڪن ۾ سرمائيدار طبقو رهي ته انقلاب کي اڪيلائي، ناڪابندي ۽ فوجي حملن جي وسيلي نقصان پهچائي سگهجي ٿو. جيئن ته اسان ويهين صدي ۾ روس، ڪيوبا ۽ ٻين ملڪن ۾ ڏٺو، ان ڪري بين الاقواميت محض جذبات ناهي، بلڪه انقلابي عمل جو لازمي حصو آهي. جيڪڏهن اسان سرمائيداري کي شڪست ڏيڻ چاهيون ٿا، جيڪڏهن اسان انسانيت کي جنگ، بک، بيروزگاري ۽ جبر کان بچائڻ چاهيون ٿا ته اسان کي عالمي سطح تي محنت ڪش طبقي کي منظم ڪرڻو پوندو ۽ هڪ بين الاقوامي انقلابي پارٽي جي تعمير ڪرڻي پوندي۔
سڄي دنيا جا محنت ڪشو هڪ ٿي وڃو، عالمي سوشلسٽ انقلاب زنده باد! سامراج، سرمائيداري ۽ قومپرستي مرده باد!