ستاويهين آئيني ترميم خلاف وڪيلن جو سڄي ملڪ ۾ احتجاج هلي رهيو آهي، حيدرآباد ۽ سکر کانپوءِ ڪراچيءَ ۾ ڪنوينشن ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ گذريل ڏينهن 22 نومبر تي ڪراچي ۾ هاءِ ڪورٽ ۾ احتجاجي ڪنوينشن ڪوٺايو ويو، پر سرڪاري مشينري ان خلاف ايڪشن ۾ اچي وئي. صبح کان ئي سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻاهران وڪيلن ۽ پوليس آفيسرن ۾ جهيڙو ٿيندو رهيو، ان موقعي تي ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا چيو ته وڪيلن پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻاهران هڪ پوليس آفيسر سان بدتميزي ڪئي وئي، ان بابت رجسٽرار سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ بار ايسوسيئيشن کي خط لکيو ويندو. ڊي آءِ جي اسد رضا موجب قانوني ڪارروائي جي سڀني پهلوئن جو جائزو ورتو پيو وڃي. اهو ياد رکڻ گهرجي ته 26 ۽ 27 هين آئيني ترميم خلاف وڪيلن جو ڪنوينشن تڪرار جو سبب بڻجي چڪو آهي. ڪراچي بار ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي جنرل سيڪريٽرين اعلان ڪيو آهي ته اهي هر قيمت تي 26 ۽ 27 هين ترميم خلاف وڪيلن جو ڪنوينشن منعقد ڪندا. سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري مرزا سرفراز پاران سڏايل وڪيلن جو ڪنوينشن هاءِ ڪورٽ بار جي صدر سرفراز ميتلو ۽ مئنيجنگ ڪميٽي جي ميمبرن پاران منسوخ ڪيو ويو ۽ اهو چيو ويو ته اعزازي سيڪريٽري کي وڪيلن جو ڪنوينشن سڏائڻ جو اختيار ناهي. احتجاجي وڪيلن سندن ڳالهه مڃي ۽ طئي ڪيو ته ڀلا پارڪنگ ايريا ۾ پروگرام ڪنداسين، پر وري رجسٽرار هاءِ ڪورٽ کان منع نامو ڪڍرايو ويو ته ڪنوينشن ڪنهن به صورت ۾ نه ٿيندو جيڪا نهايت ئي حيران ڪندڙ ڳالهه هئي، جنهن ڪري وڪيلن ۾ شديد غم ۽ غصي جي لهر ڇانئجي وئي. سندن چوڻ هو ته هاءِ ڪورٽ ڪنهن جي ذاتي ملڪيت ناهي ايڊووڪيٽ عامر وڙائچ موجب جيڪڏهن وڪيل بار ۾ نه ايندو ته ڪيڏانهن ويندو. ڇا اسان پنهنجي گهر ۾ آزاديءَ سان ڪو پروگرام نٿا ڪري سگهون، اهو جمهوري عمل آهي؟ اسان ڪنهن ٻئي اداري ۾ پروگرام نه پيا ڪريون ان ڪري ملڪ دشمن ڪاري قانون خلاف اسان کي پنهنجي بار يا ڪورٽ اندر احتجاج ڪرڻ کان نه روڪيو وڃي. آخرڪار احتجاج ڪندڙ وڪيلن اهو فيصلو ڪيو ته اسان هاءِ ڪورٽ جي گيٽ کان ٻاهر ڪنوينشن ڪنداسين. اهڙي اعلان کانپوءِ ٽينشن واري فضا قائم ٿي وئي. ڇو ته ايڊووڪيٽ سيد جعفر شاهه سڄي سنڌ جي وڪيلن کي ڪراچي اچڻ جي اپيل ڪري ڇڏي. ان ڳنڀير صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پوليس ۽ رينجرز جا اٽالا گهرائي ويتر وڪيلن کي چڙ ڏياري وئي ۽ صبح کان ئي وڪيل هاءِ ڪورٽ ٻاهران جمع ٿيڻ شروع ٿي ويا ايتري تائين جو هڪ وڏو جلوس سٽي ڪورٽ کان سنڌ هاءِ ڪورٽ تائين احتجاج ۾ پيادل پهتو، جيڪي لائوڊ اسپيڪر تي ڪارو قانون نامنظور، دستور بچائڻ نڪتا آهيون، اچو اسان جو ساٿ ڏيو جهڙا اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي رهيا هئا. هوڏانهن هاءِ ڪورٽ جي دروازي تي پوليس اٽالا، لوڊيڊ، ٽوپلن، ڏنڊن ۽ ڍالن سميت الرٽ بيٺا هئا، جن جو مقصد وڪيلن تي تشدد کانسواءِ ٻيو ڪوبه نه هو۔ ڇو ته سکر واري ڪنوينشن ۾ انهيءَ ساڳي پوليس ٻاهرين ماڻهن کي ڪنوينشن ۾ اندر موڪلي افراتفري ڪرائي ۽ ڪيترن ئي وڪيلن کي معمولي زخمي ڪري وڌو، پر موٽ ۾ وڪيلن انهن شرپسندن کي چڱو ڀلو سٽڪو ڏئي پوليس جي حوالي ڪيو، پر پوليس روايتي غير ذميواريءَ جو مظاهرو ڪندي ڪارروائي ڪرڻ کانسواءِ کين آزاد ڪري ڇڏيو جيڪا نهايت ڏکوئيندڙ ڳالهه هئي ۽ وڪيلن کي پڪ ٿي وئي ته انهن شرپسندن کي پوليس جي سرپرستي حاصل آهي. ڇو ته اهي حڪمران ڌر جا ئي ماڻهو هئا جيڪي وڪيلن جي پرامن احتجاج ۾ وڪيل جو روپ ڌاري افراتفري ڪرڻ آيا هئا۔ اهو ساڳيو رويو ڪراچيءَ ۾ به اختيار ڪيو ويو ۽ پوليس هاءِ ڪورٽ کي ڪڙو چاڙهي بيهي، رهي جتي وڪيلن جي بار يعني حد هئي پوليس پرائي حد ۾ بيهڻ بجاءِ پوئتي پاسپورٽ آفيس وٽ وڃي بيهي ڪارروائي ڪري ها ته هر ڪو کين اهو چوي هان ته اهي پنهنجي ڊيوٽي پيا ڪن ۽ وڪيل غنڊاگردي ڪري پوليس سان پيا وڙهن، پر جيڪو سرڪار جي ونگار وهي ناحق روڪيندو ته ان خلاف ڪارروائي ٿيڻ اڻٽر بڻجي ويندي آهي. سوشل ميڊيا تي ايس ايڇ او دانهون ڪندي نظر اچي ٿو ته وڪيل دهشتگردي ڪري رهيا آهن کانئس پڇيو وڃي ته توهان جيڪو ڪراچي پريس ڪلب تي مظاهرين سان بار بار ڪيو پيا اهو ڇا هوندو آهي؟ گندي پاڻيءَ جي واٽر ڪينن کان وٺي لاٺي چارج تائين ڇا هوندو آهي؟ جيڪڏهن پوليس جو ڪردار بيان ڪجي ته شايد ڪيترائي سال گذري وڃن۔ بهرحال وڪيلن جو پروگرام شروع ٿيو، پر پروگرام ۾ ڦڪائي محسوس ٿي رهي هئي. عامر وڙائچ سميت سمورن اڳواڻن جي ڪوشش رهي ته پروگرام اتي ئي ٿئي، پر وڪيلن جو وڏو تعداد ان ڳالهه تي بضد هو ته هاءِ ڪورٽ ۽ بار اسان جي ناهي ته پوءِ ڪنهن جي آهي!؟ منجهن جوش ۽ غصو وڌندو ويو ۽ سوچيائون ته جيڪڏهن هن ڀيري ناڪام ٿياسين ته پوءِ هر ڀيري ائين ئي ٿيندو رهندو. سو وڪيلن جي اڪثريت اڳتي وڌي هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ٿي وئي ۽ پوءِ وڪيل اڳواڻن کي به اڪثريت آڏو آڻ مڃڻي پئي ۽ اعلان ڪرڻو پيو ته ٺيڪ آهي “جهيڙو آ ته جهيڙو آ” چئي هاءِ ڪورٽ ۾ اندر داخل ٿيا۔ وڪيلن جي اندر ايندي ئي پوليس ويجهو هجڻ سبب ڪجهه وڪيلن جي ساڻن جهڙپون ٿيڻ لڳيون ۽ آهستي آهستي سنڌ هاءِ ڪورٽ ميدان جنگ بڻجي وئي ۽ پوليس کي ڀڄائي ڇڏيو. خير وڪيلن جو وڏو تعداد نيو بار روم پهتو ۽ جيئن ئي بار ۾ پروگرام شروع ٿيو ته هڪ وڌيڪ غلطي دهرائي وئي ۽ بار جي بجلي بند ڪئي وئي. جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته جج صاحبان تي سرڪار جو ڪيترو پريشر آهي. آخر وڪيلن جي ڪنوينشن مان سرڪار کي ايترو خوف ڇو آهي، اهي چاهين ٿا ته ملڪ ۾ قانون جي پاسداري هجي جيڪڏهن توهان جي ذهن ۾ 26 ۽ 27 ترميمون درست آهن ته کين ڳالهين جي ٽيبل تي ڇو نٿو آندو وڃي ۽ سندن خدشا دور ڇو نٿا ڪيا وڃن. باقي پرامن احتجاج ڪندڙن مٿان تشدد ڪرڻ ڪٿان جو انصاف آهي!!؟ وڪيل منظم آهن ان ڪري قانون توڙي لٺ سان هر محاذ تي وڙهي سگهن ٿا. ڇو ته ٻڌيءَ ۾ وڏي طاقت آهي. وڪيلن جو تعداد جوش، جذبو تمام گهڻي تبديلي آڻي سگهي ٿو. سندن هڪ ڪال تي سڄي سنڌ جي هر شهر جا وڪيل پهچن ٿا. سرڪار گهٻرايل نظر اچي رهي آهي، جنهن ڪري هر غلط ڳالهه کي مڃرائڻ لاءِ تشدد جي راهه اختيار ڪري ٿي، جيڪا ٻي غلطي آهي. گذريل ڏينهن ڪنوينشن جي اجازت بار ۾ نه ڏيڻ، پارڪنگ ۾ نه ڏيڻ، لوڊيڊ پوليس اٽالا بيهارڻ، وري بجلي بند ڪرڻ جهڙيون نيچ حرڪتون ڪرڻ پرامن ماحول کي هٿ سان خراب ڪيو ويو جيڪو سراسر غلط قدم هو. جيڪڏهن هڪ وڪيل کي ڪورٽ کان روڪيو ويندو يا قومي مسئلن تي ڳالهائڻ تي بندش وڌي ويندي ته بغاوت پيدا ٿيندي. آزاد عدليه لاءِ وڪيل برادري جي جدوجهد بي مثال رهي آھي، انصاف جي فراهمي ۾ بار ايسوسي ايشن جو اهم ڪردار هجڻ ڪري هر ڪو وڪيلن کي عزت جي نگاهه سان ڏسي رهيو آهي. قانون جي بالادستي ۽ شهرين کي آئيني تحفظ ڏيڻ حڪومت وقت جي ذميوارين ۾ شامل آهي جنهن تي سئو سيڪڙو عمل ڪرائڻ ۽ قانون جي تقدس کي برقرار رکڻ رياست جي اولين ذميداري آهي. هن وقت سڄي ملڪ ۾ امن امان کان وٺي عوام جي تحفظ تائين سواليه نشان بڻيل آهي، پاڪستان جي آئين کي مٿانهون رکڻ ۽ هر شهري کي برابري جي بنياد تي حق ڏيڻ به انهن فرضن ۾ شامل آهي، پر ڏٺو اهو ويو آهي جو اسان جي سرڪار توڙي عدليه سڳوري آئيني حڪم جاري ڪري ٿي، پر ان تي عمل بدران انصاف جي لتاڙ وارا واقعا روز جو معمول بڻيل آهن. ان ڪري حڪمرانن توڙي عدليه کي تازو مختلف ملڪن ۾ نوجوانن جي طاقت سبب آيل انقلابن تي نظر رکڻ گهرجي. ائين نه ٿئي ته ڪارن ڪوٽن وارا ڪوڙيون ڪورٽون ڇڏي ڪارا قانون پاس ڪندڙن جي ايوانن ۾ داخل ٿي وڃن ۽ کانئن اقتدار جون ڪرسيون کسي بنگال وارو حشر ڪن۔ ان ڪري جمهوريت جون تقاضائون پوريون ڪرڻ لاءِ هر ڪنهن کي ڳالهائڻ جو حق ڏيو، ماڻهن جا مسئلا ٻڌو ۽ ان جي حل لاءِ ڪوششون ڪيو ته جيئن انصاف جا ايوان سلامت رهن ۽ ملڪ ۽ قوم جو ڀلو ٿي سگهي.