پاڪستان هن وقت ڪيترن ئي گڏيل مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي، جن ۾ معاشي، سياسي ۽ امن امان جا مسئلا سڀني کان وڌيڪ آهن. اهڙي وقت ۾ ملڪ اندر موجود ڪجهه فرد جيڪي ٻاهران کان آيل دهشتگرد تنظيمن جا سهولتڪار بڻجن ٿا. اهي اسانجي سيڪيورٽي ادارن جي لاءِ هڪ وڏو مسئلو بڻيل آهن ڇو ته اهي سماج ۾ پنهنجو پاڻ کي لڪائي هلن ٿا، ۽ انهن تائين پهچڻ آسان ڪم ناهي، پر تنهن هوندي به اهڙي نازڪ صورتحال ۾ تازو ڪراچي ۾ 4 جنوري 2026 تي هڪ گروهه کي انٽيليجنس ادارن پنهنجي گرفت ۾ آڻي ورتو. سي.ٽي.ڊي ۽ رينجرز جي پاران ڪيل ڪارروائي ۾ چيو وڃي ٿو ته بي.ايل.اي جي پابندي مڙهيل تنظيم جا ڪجهه ٽارگيٽ ڪلنگ ڪرڻ وارا فرد گرفتار ڪيا ويا آهن. جن کي ٻاهران کان مالي ۽ لاجسٽڪ جي مدد حاصل هئي. پوليس ۽ رينجرز پاران اها دعويٰ ڪئي وئي آهي ته گرفتار ٿيل جوابدارن وٽان تمام وڏي تعداد ۾ بارودي مواد مليو آهي. جيڪو ڪنهن تمام مصروف علائقي ۾ وڏين ڪاروباري شخصيتن کي نشانو بنائڻ لاءِ استعمال ٿيڻو هو. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اهڙن دهشتگرد واقعن ۾ اڻ پڙهيل، بيروزگار ۽ شعور نه رکندڙ طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهو ته آساني سان استعمال ٿي وڃن ٿا، پر هن گروهه ۾ پڪڙيل ماڻهو زال، مڙس ۽ سندن هڪ پٽ ٻڌايو وڃي ٿو. زال ۽ مڙس پيشي کان ٻئي ڊاڪٽر ٻڌايا وڃن پيا، جيڪا هڪ تمام گهڻي سنجيده ۽ ڳڻتي جهڙي ڳالهه آهي ته هاڻي دهشتگردي ۾ پڙهيل لکيل طبقو ملوث ٿيندي نظر اچي پيو. ان خاندان جا ٽئي فرد منظم طريقي سان بي.ايل.اي لاءِ ڪم ڪري رهيا هئا.
تازوئي ڪراچي جي هڪ خانگي اسڪول مان ريبيڪا بلوچ نالي ڇوڪري جنهن کي خودڪش حملي لاءِ تيار ڪيو پئي ويو. ان جي پڪڙجڻ کانپوءِ صورتحال اڃا وڌيڪ ڳنڀير ٿي وڃي ٿي، جڏهن هي ٽئي هڪ ئي خاندان جا فرد ساڳئي نظرئي سان ڪم ڪندي نظر اچن ٿا. افسوس اهو به آهي ته اسان جا سيڪيورٽي ادارا اهڙن ماڻهن تائين جلد پهچڻ ۾ ناڪام ٿين ٿا ۽ انهن جا سرحد پار کان هينڊلر انهن کي آرام سان فنڊ پهچائي پاڪستان جي مختلف حصن ۾ حملن جي لاءِ تيار ڪن ٿا. هن وقت پاڪستان کي افغانستان ۽ ڀارت کان گڏيل خطرو آهي ۽ پاڪستاني سيڪيورٽي ادارا اهو دعويٰ ڪري رهيا آهن ته بي.ايل.اي کي هندوستان جو جاسوسي ادارو “را” فني ۽ مالي مدد فراهم ڪري رهيو آهي. اها ڳالهه به تمام ڳڻتي جوڳي آهي ته ان قسم جا اطلاع مليل آهن ته هنن ٽن ماڻهن کي جن جو تعلق هڪ ئي خاندان سان آهي، انهن کي مالي ۽ لاجسٽڪ مدد فراهم ڪرڻ جي لاءِ ٻاهران کان 10 دهشتگردن جو هڪ گروهه شهر ۾ داخل ٿيو، جن مان ڪجهه کي حملو ڪرڻو هو. انهن تمام وڏي مالي مدد سان انهن ٽن فردن کي گاڏيون، روز مره جي ضرورت لاءِ فنڊ ۽ ايتري تائين جو ڪجهه انٽيليجنس ادارن جي اندر ماڻهن کي خاموش ڪرڻ جي لاءِ رشوت لاءِ به مالي امداد ڪئي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اهي ماڻهو ملڪ جي اندر ڪيئن داخل ٿيا ۽ ملڪ کان ڪيئن ٻاهر ويا. انهن جا ڊاڪيومينٽس ٽريس ڇو نه ٿي سگهيا. اهي سڀ سوال آهن جن کي اسان جي انٽيليجنس ادارن ۽ حڪومت کي ڏسڻو آهي. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته رياست پاڪستان کي سنجيدگي سان هر اداري جي اندر ان مائنڊسيٽ کي ڌوئي صاف ڪرڻو پوندو. ڇو ته هن وقت ننڍن شهرن کان وٺي وڏن شهرن جي اسڪولن ۽ مدرسن ۾ ان قسم جا استاد جن ۾ عورتون به شامل آهن، اهي ٻارن جي ذهن سازي ڪري انهن کي انتهاپسندي جو سبق ڏئي رهيا آهن، يونيورسٽي جي سطح تي به اهڙا واقعا ٿي چڪا آهن، جن ۾ استادن جي انتهاپسند سوچ جي ڪري شاگردن انتهاپسندي وارا قدم کنيا آهن. ان کان علاوه اسانجي انٽيليجنس جي ادارن جي اندر به صفائي جو انتظام ڪرڻو پوندو. انهن سڀني ماڻهن کي سائيڊ لائن ڪري انهن جي مانيٽرنگ ڪرڻي پوندي ته اهي ڪنهن سان ملن ٿا ۽ ڪنهن سان ڳالهائن ٿا. انهن جي سخت سرويلنس ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان کان علاوه اسانجي ملڪ ۾ چئن صوبن اندر اسڪولن کان وٺي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين تائين نصاب کي تبديل ڪري معاشري اندر گڏجي رهڻ جو احساس پيدا ڪرڻ لاءِ ٻارن کي نئون نظريو، نئون مائنڊسيٽ ڏيڻو پوندو. انٽيليجنس ادارن جي اندران انهن سڀني ماڻهن کي چونڊي چونڊي ڪڍڻو پوندو، جيڪي انٽيليجنس فيليئر جو سبب بڻجن ٿا يا ڊبل ايجنٽ جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
وري به اهو چئي سگهجي ٿو ته اسانجي انٽيليجنس ادارن جو جتي فيليئر آهي اتي ڪجهه تمام گهڻا محنتي، ملڪ ۽ قوم سان سچا ماڻهو پنهنجو ڪم ايمانداري سان ڪري رهيا آهن، جن هنن دهشتگردن تائين رسائي حاصل ڪري پاڪستان جي سڀني کان وڏي ڪاروباري شهر ڪراچي کي هڪ وڏي تباهي کان بچائي ڇڏيو. جيڪڏهن اها تباهي عمل ۾ اچي وڃي ها ته پاڪستان جي اندر ٿيندڙ ترقي جو عمل رڪجي وڃي ها ۽ دشمن پنهنجي ڪاميابي جا جهنڊا لهرائيندو نظر اچي ها. اسانجي سيڪيورٽي ادارن کي گهرجي ته اهي ٻاهران کان ايندڙ هر ماڻهو جي سخت چيڪنگ ڪن ۽ ادارن جي اندر انهن ڪارين رڍن کي سڃاڻن جيڪي سهولتڪارن جو ڪم ڪري رهيا آهن.