برطانيه جي ڀونءِ ۾… (سفر نامو-قسط ستين)
خطن ۾ ويڙهيل خواب…
توھان 1989 ۾ رليز ٿيل فلم “مين ني پيار ڪيا” جي خوبصورت اداڪاره ڀاگيشري تي فلمايل لتا منگيشڪر جي مڌر آواز ۾ ھي مشھور گانو ته ضرور ٻڌو ھوندو “ڪبوتر جا جا جا، ڪبوتر جا جا جا”، پهلي پيار ڪي پهلي چٺي ساجن ڪو دي آ، جيتوڻيڪ ھي آھي نئين دور جي فلم، پر اِن ۾ پيغام (خط) رسائي جو اُھو قديم طريقو بيان ڪيل آھي، جيڪو ھن وقت ناپيد آھي. پراڻي زماني ۾ ڪبوترن کان جتي پِرينءَ ڏانھن پيغام پھچائڻ جو ڪم ورتو ويندو ھو ته اُتي سراغ رساني (جاسوسي) جو به ڪم ورتو ويندو ھو. پنھنجي لوڪ شاعري ۾ وري اِھو ڪم ڪانءُ کان ورتو ويندو ھو.
ڪانگل ڏي ڪا خبر ايندو يار ڪڏھن، ٿيندو دلبر جو ديدار ڪڏھن.
هن دور ۾ پيغام رسائي جا جديد طريقا اچي ويا آھن، بلڪه ھاڻ ته پِرينءَ پياري سان سڌي ڳالھه (آڊيو وڊيو) به ٿي وڃي ٿي، پر شاعري ۾ ڪانگل/ڪبوتر جو ذڪر اڃان به علامتي طور تي ٿئي ٿو. اھو ته طئي آھي ته ڀلي دور بدلجي وڃي، پر ماضي انسان جي ذھن ۾ آکيرو ٺاھي ويھي رھي ٿو ۽ اسان جي سماج جو ثقافتي ورثو بڻجي وڃي ٿو. سو دور ڀلي پيا بدلجن، پر ڪانگل ۽ ڪبوتر جي سنيھا رسائي وارين علامتن ۽ استعارن جو ذڪر ادب ۾ ڇٺي ڇھه ماھي ٿيندو رھندو. سچ پڇو ته پاڻ به اِنھن ڪانگل ۽ ڪبوتر وارن پيغامن بابت به رڳو وڏن کان ٻڌو يا ڪتابن ۾ پڙھيو يا انھن جو شاعري ۽ گانن ۾ ذڪر ٿيندي ڏٺو. باقي نه ته اِھي پيغام پاڻ موڪليا ۽ نه ئي وري ڪي اھڙا پيغام پاڻ تائين پھتا ۽ نه ئي وري اکين سان اھڙا منظر ڏٺا، جو اُنھن جو تجربو ويھي توھان سان ونڊجي! پر اسان وري به پراڻا ٽپال جا ڳاڙھا دٻا ۽ خاڪي يونيفارم ۽ مٿي تي ٽوپي پاتل ٽپالي ضرور ڏٺا، جن جي ڪلھي ۾ ٽپال (خطن) جي ڳوٿري (بگري) پيل ھوندي ھئي ۽ اُھي گھرن، دڪانن ۽ دفترن ۾ ٽپال (پوسٽ ڪارڊ، لفافا يا ٽيليگرام) پھچائيندا ھئا. اُن وقت ۾ پوسٽ آفيس مان پوسٽ ڪارڊ فقط ڏھن پائين/پئسن ۽ لفافو ويھن پائين/پئسن ۾ ملندو ھو ۽ ھاڻي ھِن دور ۾ جي ڪنھن فقير کي به ڏھه رپيا جيڪي پراڻي زماني جي خط يا لفافي جي قيمت کان سئو ڀيرا مٿي آھن، خيرات ۾ ڏجن ٿا ته منھن ڦٽائي ائين ٿو نھاري ڄڻ اسان سندس مجرم ھجون. اڄ جي نوجوانن کي ان دور جي سستائي ۽ ٽپال جون اِھي خبرون ٿيون ٻڌائجن ته اُھي اسان کي ائين حيرت مان ٿا ڏسن، ڄڻ اسين ماضي جي ڪنھن قبر مان اُٿي آيل عجيب ۽ غريب مخلوق ھجون، حالانڪ اِھو ڪو ايڏو پراڻو دور به ڪونھي. پر ھِن دور ۾ مھانگائي ايترو تيزي سان وڌي ٿي، جو رڳو بازار کان گھر پھچڻ تائين به شين جا اگھه چوٽ چڙھيو وڃن ۽ ساڳي صورتحال سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي تيز رفتار ترقي جي ڪري ڪميونيڪيشن جي ذريعن ۾ به پيدا ٿي آھي ۽ دنيا ھاڻي ته صفا پاڻ ۾ ڳنڍجي وئي آھي. پراڻين شين جي جاءِ تي نيون شيون ايترو جلدي سان متعارف ٿين ٿيون جو عقل دنگ رھجيو وڃي. ساڳيو حشر ٽيڪنالاجي پوسٽ کاتي سان به ڪيو آھي ۽ ڏسندي ڏسندي خطن جو جھان آھستي آھستي اوجھل ٿي ماضي ۾ دفن ٿيندو ٿو وڃي. انھيءَ ڪري نوجوانن کي اسان جون ٻڌايل ماضي جون اھي ڳالھيون، لال پرين جون فرضي ڪھاڻيون لڳن ٿيون. ظاھر آھي ان ۾ نوجوان نسل جو ڏوھ به ناھي، ڇو جو اڄ جي نسل کي پيغام رسائي جي پراڻن طريقن کان انھن جي موجود نه ھئڻ ۽ پنھنجين اکين سان نه ڏسڻ سبب ذري به واقفڪاري ڪونھي. تنھنڪري اچو ته اڄ پنھنجن وڏڙن ۽ اُنھن جي وڏڙن… جي وقت ۾ ڪھڙا پيغام رسائي (ٽپال) جا ذريعا ھئا، اُنھن بابت ڄاڻڻ لاءِ تياري وٺون ۽ ھلون پوسٽل ميوزم(Postal Museum) لنڊن ۾. سو سائين منھنجا پاڻ رومفرڊ کان ريل پڪڙي آھي، آھي ته اھو به ڪميونيڪيشن جو ذريعو، پر پراڻي زماني کان الاھي تيز ۽ بھتر. لنڊن جي موسم ۾ سدائين ٿڌڪار ھوندي آھي، سو ھِتي گھمڻ ۾ ماڻھو پنھنجو پاڻ کي ھر وقت تازو توانو محسوس ڪندو آھي ۽ کاڌو به ڏاڍو مزو ڏيندو آھي ۽ پيٽ ڀري کائيندو آھي. بھرحال ناشتو ته پاڻ گھران ڪري نڪتا آھيون، سو پنھنجو پيٽ ڀريل آھي، باقي ھوا ۽ حسن جو پاڻ مزو وٺندا پيا ھلون، ڇو جو اُن مان پيٽ ڪڏھن ڀرجڻو ئي ناھي. ھوا جيون جي جياپي جي تند آھي ۽ سونھن اُن جي سڦلتا. سو پنھنجو ان ھوا ۽ سونھن جي سرگم سان ريل ۾ ميوزم ڏانھن سفر جاري و ساري آھي. پاڻ وارين ريلن ۾ ھڪ ته ريل جو پنھنجو ڊائناسار جھڙو ڀينڪر آواز، ٻارن جون ريھون ۽ رڙيون، شيون وڪڻندڙ گھورڙين جا آواز ۽ مٿان وري پاسي کان يا سامھون ويٺل ماڻھو ھرو ڀرو “نه جان نه پہچان مين تيرا مہمان” جي چوڻي وانگي واقفيت ڪري اوسي پاسي جون اوٽ پٽانگ خبرون چارون پيا ڪندا، پر ھِتي نه ٽرين جو گوڙ ۽ نه ماڻھن جا آواز. ھرڪو پنھنجي ليکي خاموشي سان ويھي يا موبائل ھلائيندي يا ڪتاب پڙھندي سفر ڪري ٿو. خير ريل جي اندر ۽ ريل کان ٻاھر فطرت ۽ انسان جي جوڙيل سونھن جون سامگريون پسندي خبر ئي نه پئي ته ڪيڏي مھل فيرنگڊن(farringdon) اسٽيشن اچي وئي. ٽرين تان لھي، اسٽيشن کان ٻاھر نڪري پندرھن ويھه منٽ مزي مزي سان ڪَڇون جھڙي رفتار سان ھلندا ڦرندا پاڻ پھچي ويا آھيون پوسٽل ميوزم تي. جنھن شڪل ۾ اڄ اسان پيغام رسائي جي نظام ۽ رفتار کي ڏسون پيا اُن جي تاريخ ڪافي صديون پراڻي آھي، جيڪا گھوڙن جي سفر کان شروع ٿي، موجودہ جديد نظام (سسٽم) تائين پھتي آھي. ھي پوسٽل ميوزم اسان جي وڏڙن کان شروع ڪيل ۽ حال تائين پھچندي جديد شڪل اختيار ڪيل پيغام رسائي (ٽپال) جي طئي ڪيل صدين جي طويل سفر جي اکر به اکر(point to point) ڪھاڻين جي پس منظر ۾ ٺاھيو ويو آھي. ڪالٿراپ ھائوس(Calthorpe House) ۾ قائم ڪيل ھي ميوزم، فينڪس پليس(Phoenix Place) گهٽي ۾ آھي، جيڪا سينٽرل لنڊن جي علائقي ڪليرڪنويل(Clerkenwell) ۾ واقع آھي. اها پوسٽ آفيس عمارت (ڪالٿراپ ھائوس) اصل ۾ 1920ع واري دور جي آهي ۽ اھا ان وقت جي پوسٽ آفيس جي ضرورتن مطابق ٺاھي وئي هئي. ميوزيم ۾ تبديلي کان اڳ ڪالٿراپ ھائوس پوسٽ آفيس ۽ ان سان لاڳاپيل (Postal Heritage, (postal archive, offices, conservation, storage) رکڻ لاءِ استعمال ٿيندي ھئي ۽ اُھا ٽپال جي ڇانٽي جي دفتر(sorting office) طور به ڪم ڪندي ھئي. ان کان علاوه ان ۾ لنڊن جي ھڪڙي علائقي کان ٻئي علائقي تائين ٽپال پھچائڻ جو انڊر گرائونڊ ريلوي نظام(Mail Rail) پڻ موجود ھو ۽ اھا لنڊن جي وڏي پوسٽل سسٽم(Mount Pleasant Mail Centre) جو اھم حصو ھئي. نئين ميوزيم جي جوڙجڪ ۽ بحالي جو ڪمFeilden Clegg Bradley Studios (FCB Studios) نالي آرڪيٽيڪچرل فرم پاران ڪيو ويو. 2016-2017 ۾ هن فرم ڪالٿراپ ھائوس جي 1920ع جي اصلي ڍانچي کي برقرار رکندي، ان کي ميوزيم ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ضرورت آھر نيون اڏاوتون ڪيون، جيئن اُن ۾ مختلف سيڪشن ۽ جديد نمائشن جو بھتر ۽ خوبصورت ڏيکاءُ ٿي سگھي. ھِن پراڻي عمارت کي ڪلاسيڪل ۽ وڻندڙ سٽاءُ سان ميوزيم جو روپ ڏئي ان کي 28 جولاءِ 2017ع تي عوام لاءِ کوليو ويو. ھِن نئين پوسٽل ميوزم (Postal Museum) ۾ ڪيل اضافي تعمير ۽ پراڻي دور جي ٽپال سان لاڳاپيل شين/نوادرات ۽ اُنھن جي سجاوٽ ۽ ترتيب، نئين گيلرين جي اڏاوت، ٽپال ٽرين يا ريلوي رائيڊ (Mail Rail)، ماڊلس ۽ جديد ٽيڪنالاجي سان تيار ڪيل پينل وغيره تي ڪل ملائي تقريبن 26 ملين پائونڊ خرچ آيو. ھِن منفرد پوسٽل ميوزم ڏسڻ لاءِ ٽڪيٽن جي آن لائين قيمت ڪجھه ھِن ريت آھي.(A) ٻار (3 کان 15 سال) تقريبن10 (B) نوجوان (16 کان 24 سال) تقريبن13.3 (C) نوجوان (25 سال ۽ اُن کان مٿي) تقريبن17.60 (D) ٻارن لاءِ تفريحي علائقيSorted Play Zone لاءِ الڳ ٽڪيٽ تقريبن4.50 ميوزيم جي ٽڪيٽ گھر تان خريد ڪرڻ تي ٽڪيٽ اڃان به مھانگي پوي ٿي، باقي لنڊن پاس تي ٽڪيٽ سڀني کان سستي پوي ٿي ڇو جو اُن پئڪيج ۾ ٻيون به تفريحي ۽ تاريخي جڳھيون شامل ھونديون آھن. ھاڻي اچو ته پوسٽل ميوزيم جي اندر ھلون ۽ خطن جي جھان کي اکين سان پسون جن جي لفظ لفظ سان انساني ڪيفيتن، جذبن ۽ احساسن جون تارون جڙيل آھن. جيئن ئي توھان پوسٽل ميوزيم ۾ اندر داخل ٿيندئو ته ڀليڪار ڪائونٽر(Reception and Ticketing) تي پھچي ويندئو. ڪائونٽر جي ديوارن تي ميوزم جي دلڪش ۽ تاريخي عمارت ۽ اُن ۾ موجود سامگري جا خوبصورت نقش توھان جو ڌيان پاڻ ڏي ڇڪائيندي توھان کي ماضي ۾ وٺي وڃڻ لاءِ آماده ڪندا. ھِتان توھان ٽڪيٽ خريد ڪريو يا جيڪڏھن آن لائين ٽڪيٽ يا پاس ورتل آھي ته اُھا اسڪين ڪرائي، گائيڊ بڪ حاصل ڪري اندر داخل ٿي وڃو. منھنجي لنڊن پاس خريد ڪيل ھئي، اُھا اسڪين ڪرائي ميوزيم اندر داخل ٿيس. ميوزيم جي اندرين ديوارن(Intro Wall/Timeline) تي توھان کي 1516ع کان 2000ع تائين جي پوسٽ سسٽم جي مختصر تاريخ، تصويرون، نقشا ۽ قديم دستاويزن جا عڪس نظر اچن ٿا. ھِتي ھڪ گفٽ شاپ به موجود آھي، جنھن تان توھان مختلف دورن جون ٽڪليون (اسٽيمپس)، خط لکڻ جا ڪارڊ، ليٽر پيڊ، رنگ به رنگي لفافا ۽ ٻيون پوسٽ سان لاڳاپيل يادگار شيون/سوکڙيون خريد ڪري سگھو ٿا. ميوزيم جي داخلا واري تعارفي حصي ۽ گفٽ شاپ ۾ سوکڙيون پاکڙيون، پراڻن خطن جون ڊزائنون، رنگ برنگي ۽ گلن وارا ليٽر ھيڊ ۽ لفافا ۽ ٻيا سرڪاري لکپڙهه جي ڪاغذن/دستاويزن جا عڪس ڏسي منھنجي اکين آڏو ٽپال کاتي جو اُھو پراڻو دور تري آيو. ڇا ته ان دور جو جھان ھو! خطن ۾ به ھڪ قسم جي عجيب پراسراريت ۽ دلڪشي محسوس ٿيندي ھئي، جھڙي محبوب جي ادائن ۾ ھوندي آھي. اھي خط جيڪي اوجاڳا ڪري لکبا ھئا، اُھي خط جن جي اچڻ جو اوسيئڙو رھندو ھو، اُھي خط جن ۾ پيار ۽ پيڙا جا پڙلاءُ قلمبند ھوندا ھئا، خاموشين ۽ ٽھڪن جا اڻ ميا احساس ۽ داستان ڀريل ھوندا ھئا، اُنھن کي سنڀالي رکبو ھو ۽ ڪڏھن ڪڏھن اُنھن کي رئيڪ(rack) يا الماري مان ٻاھر ڪڍي پڙھبو ھو ته انھن مان انوکي ۽ من کي ڀانئيندڙ سڳنڌ اُٿندي ھئي ۽ دل کي معطر ڪندي اھڙي ڪيفيت پيدا ڪندي ھئي، جھڙي گلزار جي ڪتابن جي ختم ٿيندڙ دور تي لکيل نظم ۾ بيان ڪيل آھي:
ڪڀي ڪڀي يون ڀي هوتا هي،
ڪي ڪتابون سي خوشبو آتي هي،
اور لگتا هي جيسي لفظون ڪي پنون پر محبت سو رهي هو.
ڪڀي يون لگتا هي ڪي ڪتابون ڪي صفحي،
شخصيت رکتي هين اپني،
هر صفحه چهره هي ڪسي دوست ڪا،
هر لفظ ايڪ ياد هي پراني.
اب ڪمپيوٽر ڪي اس اسڪرين پر،
يي خوشبو ڪهان ملي گي؟
يي لفظ ڪهان سي بولين گي؟
يي محبت ڪهان سوئي گي؟- (گلزار)
پوسٽل ميوزيم لنڊن ٻه ماڙ آھي، جنھن ۾ ھر ماڙ جي سٽاءُ يعني ڄاڻ ۽ شين جي ترتيب الڳ الڳ آھي جيڪا پنھنجي اندر ۾ پوسٽ آفيس جي تاريخ سانڍيو ويٺي آھي. (الف) پھرين ماڙ هن ماڙ تي تاريخي گئلريون/سيڪشنس(Historical Galleries) ٺاھيا ويا آھن، جن جو تفصيل ڪجھه ھِن ريت آھي:
Postal History Gallery: انگلينڊ ۾ ٽپال جي نظام جي سڀ کان پھرين شروعات 1516ع ۾ انگلينڊ جي بادشاھه ھينري اٺين(Henry VIII) پاران ٽپال (خط رسائي) بابت جاري ڪيل تاريخي حڪم/فرمان“Master of the Posts” سان ٿي، جيڪو ھِتي اُن دور جي ھڪ پراڻي ٽيبل تي رکيل (محفوظ ڪيل) آھي. ھِن گئلري ۾ شروعاتي دور (1500-1800) جا پُراڻا دستاويز، خط وغيرہ ۽ شروعاتي پوسٽ سسٽم بابت ڄاڻ دستياب آھي. وقت گذرڻ سان ٽپال جي سرشتي ۾ مختلف مرحلن ۾ ايندڙ تبديلين ۽ ترقي بابت مواد ۽ معلومات به ھِن گئلري ۾ رکيو ويو آھي. انگلينڊ جي راڻي وڪٽوريه ۽ بادشاھه ايڊورڊ جي دور جي ڳاڙهين پيتين/صندوقن (pillar boxes) کانسواءِ ماڻهن جا پراڻا خط، دستاويز ۽ تصويرون ھِتي توھان کي اوائلي پوسٽ سسٽم جي تاريخي سفر جو حيرت ڀريو احساس ڏيارينديون نظر اينديون، جيڪو اڄ جي دور ۾ نه صرف ماضي، پر ناپيد به ٿي چڪو آھي. مون کي ياد آھي ته پنھنجين پوسٽ آفيسن ۾ به اھڙيون پيتيون ۽ صندوقون پيل ھونديون ھيون. ڇاڪاڻ جو پاڻ وٽ به پوسٽ آفيس سسٽم ته انگريزن ئي متعارف ڪرايو ھو. اسان جي شھر ٽنڊي باگي ۾ به پوسٽ آفيس ۾ اھڙي ڪاٺ جي ھڪ وڏي پيتي پيل ھوندي ھئي، جنھن کي آسڻ ٺاھي پوسٽ آفيس ۾ آيل ڪنھن واقفڪار پوسٽ ماسٽر سان ڪچھري ڪبي ھئي.
2.Transport Section : هي سيڪشن 18 صدي کان 20 صدي جي ٽپال رسائي(transport mail) جي ذريعن ۽ مواد تي مشتمل آھي. ھِن سيڪشن ۾ پراڻيون ٽپال پھچائڻ جون سواريون جھڙوڪ: ٽانگا (ڪوچون)، سائيڪلون ۽ گاڏيون موجود آھن. خط پهچائڻ جي عام (رواجي) ۽ جديد طريقن جي ڄاڻ سميت، تاريخي نقشن ۽ دنيا جي مختلف ٽپال(mail) رستن جي آگھي پڻ ھِتي ميسر ڪيل آھي.
Uniforms & People Section: هي سيڪشن ٽپال سسٽم جي 19 کان 20 هين صدي تائين جي تصوير پيش ڪري ٿو. ھِن سيڪشن ۾ ٽپالين (post man) جي يونيفارمن (ڳاڙھي ۽ ڪاري رنگ جا لباس، ٽوپيون، ٿيلھا) ۽ برفاني علائقن ۾ ڪم ڪندڙ ٽپالين جون تصويرون ۽ ماڊل رکيل آھن. اُن کانسواءِ ھِن سيڪشن ۾ خاص طور تي پوسٽ ورڪرز جو سامان ۽ روزمره جي زندگي گذارڻ جو انداز ڏيکاريل آھي. ھِن سيڪشن ۾ پھرين ۽ ٻي عظيم جنگين جو ذڪر تصويرن ۽ ڊاڪيومينٽريز جي ذريعي ڪيل آھي. جيئن ته جنگ دوران پوسٽ ورڪرز فوج سان گڏ خطن جي ترسيل ۾ مدد ڪندا ھئا، انھيءَ ڪري جنگين سان لاڳاپيل ھئڻ ڪري پوسٽ ورڪرن جا جنگ جي تباهه ڪارين متعلق خيال ۽ خوشين، وڇوڙن، دردن ۽ ڪربن جا داستان به ھِن سيڪشن جو حصو بڻيل آھن. آڊيو ۽ وڊيو سان ترتيب ڏنل ھِن سيڪشن ۾ جڏھن فوجين ۽ ٽپالين جا جنگ متعلق ڪلپ ڏسان ٿو ۽ ٻڌان ٿو ۽ اُتي موجود خط پڙھان ٿو ته لڱ ڪانڍارجيو وڃن. اھا ڪيڏي نه بدنصيبي چئجي جو اسان جنگ جي تباھڪارين مان ڪو سبق ناھي سکيو ۽ اڃان به مھلڪ ۽ خطرناڪ ھٿيارن جي ڊوڙ ۾ اڳي کان اڳرا آھيون، جن ڌرتي تي انسان جي وجود جي بقا کي سواليه نشان بنائي ڇڏيو آھي.
(ب) ٻين ماڙ: هن فلور تي ھيٺيان سيڪشن آھن. 1. Innovation هن سيڪشن ۾ 20 صدي جي آخري ۽ 21 صدي جي شروعاتي عرصي جي پوسٽ سسٽم جي ارتقا، هٿ سان لکيل مواد، ٽائپ رائيٽر، ٽيليگرام مشين، ليٿو، پرنٽ مشين ۽ ڊجيٽل سسٽم ۽ سامان سان گڏ اُن دور جي پوسٽ آفيسن جي مٽيريل ۽ ڪم جي طريقن بابت ڄاڻ ڏنل آھي. پنھنجي شھر جي پوسٽ آفيس ۾ پراڻي ٽيليگرام مشين پاڻ به ڏٺي ھئي. اُن تي ٽيليگرام (جنھن کي پاڻ سنڌي ٻولي ۾ تار چوندا ھئاسين) موڪلڻ جو طريقو به عجيب و غريب ھوندو ھو. پوسٽ ماسٽر جڏھن ٻئي ڪنھن شھر جي پوسٽ آفيس ڏانھن اُن مشين تي ٽيليگرام (تار) موڪليندو ھو ته اھا آپريٽ ڪرڻ وقت ٽڪ ٽڪ جو آواز ڪندي ھئي ۽ ٻئي شھر جي پوسٽ آفيس مان تار اچڻ وقت به اھڙي ئي نموني ٽيليگرام مشين مان ٽڪ ٽڪ جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو ھو. پاڻ کي ته ان ٽيليگرام مشين جي ٽڪ ٽڪ جو آواز ميوزيڪل ٽون(tone) لڳندو ھو ۽ مزو ڏيندو ھو، پر اصل ۾ اُھو ٽڪ ٽڪ وارو ردم ڀريو آواز پيغام رسائي جي خاص ڪورس سان لاڳاپيل ھو يا ٻين لفظن ۾ چئجي ته اھا ٽيليگرام جي ٻولي ھئي، جيڪا پوسٽ ماسٽرس کي سيکاري ويندي ھئي. انھي ٽڪ ٽڪ جي مختلف ردمس وارن آوازن کي جڏھن پوسٽ ماسٽرس ڪاڳر تي اکرن جو روپ ڏيندا ھئا يا ائين کڻي چئجي ته اکرن ۾ تبديل ڪندا ھئا ته اھي لفظن جي شڪل وٺي معنيٰ خيز جملو ٺاھيندا ھئا، جنھن کي تار(telegram) چئبو ھو. پوءِ اُن تار جو مواد يا ته ڪنھن آفيس جو آرڊر ھوندو ھو يا ڪنھن فيملي لاءِ خوشي يا درد ڀري خبر. اُن زماني ۾ ٽپالي (post man) جڏهن ڪنھن در تي ٺڪ ٺڪ ڪري ٻڌائيندو ھو ته توھان جي تار (ٽيليگرام) آئي آھي ته في الحال ته تار وصول ڪندڙ ھمراھه ڇرڪي ويندو ھو، ڇو جو تار جو مطلب يا ته ڪنھن ٻار جي ڄمڻ يا ٻِي ڪنھن خوشي جي خبر يا ڪنھن مائٽ يا دوست جي بيماري يا موت جي ڄاڻ. تار ۾ جي خوشي جي خبر ھوندي ھئي ته ٽپالي کي خرچي پاڻي ڏئي خوش ڪبو ھو ۽ موت جي خبر گھرن ۾ تڏو وڇائي ڇڏيندي ھئي. تار جي جاءِ اڳيان ھلي فيڪس والاري ۽ ھاڻي ته اِي ميل آڊيو وڊيوز ۽ خبر ناھي ڇا ڇا متعارف ٿي چڪو آھي ۽ ڪا به ڄاڻ (خبر) سيڪنڊ جي به الاھجي ڪائين حصي ۾ ماڻھن تائين پھچيو وڃي. پراڻي پوسٽ نظام کان جديد پوسٽ جي نظام ڏانھن سفر جي معلومات ۽ مواد پڻ ھِن سيڪشن جو مکيه حصو آھن. جتي پراڻي دور جي خط و ڪتابت جي جاءِ تي جديد ڪميونيڪيشن جي نظام دوريون ختم ڪري آسانيون پيدا ڪري ڇڏيون آھن ته اُتي آئون سمجھان ٿو ته اُن جا ٿورا گھڻا خصوصن ادب جي ميدان ۾ نقصان به ٿيا آھن. اڳي جڏھن سفر ۽ فون جون جديد سھولتون نه ھئڻ سبب مٽن مائٽن، يارن دوستن يا فڪري رھبرن سان تڪڙي ملاقات ممڪن نه ھئي ته انھن کي خط لکي احوال وٺبا ھئا ۽ احوال ڏبا ھئا. ان دور ۾ ئي “خط اڌ ملاقات” وارو محاورو عام ھو. اِھو ادب جو اُھو سونھري دور چوائي ٿو جنھن ۾ شاھڪار خط لکيا ويا. جتي اُن دور ۾ اُردو ادب کي مرزا غالب جي خطن خطوطِ غالب، سر سيد احمد خان جي خطن مڪتوباتِ سر سيد ۽ مولانا ابوالڪلام آزاد جي خطن غبارِ خاطر مالا مال ڪيو ته اُتي سائين جي ايم سيد، رسول بخش پليجي، غلام رباني آگري، شيخ اياز ۽ ٻين ناميارن سنڌي اديبن جا لکيل خط به سنڌي ادب جو قيمتي سرمايو آھن. انھن خطن ۾ علم و ادب، سماج، سياست ۽ انساني احساسن جو ڀرپور مواد ھوندو ھو. 1980 ۽ 90 واري ڏھاڪي ۾ منھنجا پنھنجا دوستن کي لکيل کوڙ سارا ادبي خط به روزاني خادم وطن ۽ ٻين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا. جيئن جيئن سفري سھولتون وڌڻ لڳيون ته دوستن، مائٽن، عالمن اڪابرن ۽ من گھرين محبوبن سان ملاقاتون مسئلو نه رھيو ۽ ڪميونيڪيشن جي ذريعن ۾ ترقي ۽ خصوصن موبائل جي اچڻ کانپوءِ ته ڪنھن سان به سڌي طرح(direct) خيالن جي ڏي وٺ ۾ اڃان به وڌيڪ آساني پيدا ٿي وئي، انھيءَ ڪري خط لکي پنھنجن خيالن جو اظھار ڪرڻ جو ڪو مقصد ئي نه رھيو. ھاڻي ھِن دور ۾ اھڙا ادب ۽ فڪري خيالن سان مالا مال خط ڪٿي ٿا لکجن؟ بس نئين ٽيڪنالاجي جتي انسان لاءِ سھل پيدا ڪئي ته اُتي ادب ۾ خطن جي صنف کي به ڪافي حد تائين ڳڙڪائي وئي آھي.
2.War & Letters Section : هي سيڪشن خاص طور تي پھرين ۽ ٻي عالمي جنگ دوران لکيل خطن ۽ پوسٽل سروس تي فوڪس ڪري ٿو. ھِن سيڪشن ۾ فوجين جا پنھنجن مٽن مائٽن، دوستن يارن ۽ محبوبائن کي لکيل پيار محبت ۽ ڪارنامن تي لکيل خط، چڪاس (censored) ڪيل خط/رپورٽون، عيد يا ٻين خوشين جي موقعن بابت پوسٽ ڪارڊس، تاريخي دستاويز، جنگ سان تعلق رکندڙ يادگار تصويرون، اسٽوري بورڊس ۽ ٻيون شيون موجود آھن. جنگ جي خوفناڪ ماحول ۾، بارڊرس تي جِتي چوويھه ڪلاڪ موت سِر جي مٿان چڙھيو بيٺو ھُجي ته اُتي توھان سمجھي سگھو ٿا ته اُنھن خطن ۾ ڪھڙو مواد ھوندو ۽ جڏھن اُھي خط اُنھن جي پيارن کي پھچندا ھوندا ته اُنھن کي پڙھي اُھي ڪھڙي ڪيفيت مان گذرندا ھوندا؟ انھن خطن ۾ اظھاريل خوشين ۽ پيڙائن جي احساسن کي بس اُھو ئي سمجھي سگھي ٿو، جيڪو انھن ڪيفيتن مان گذريو ھوندو.
(ت) زير زمين منزل(Lower Ground Floor) يا(Basement Level) : هن حصي ۾ ميوزم جي اسٽيمپ گئلري(Stamp Gallery) آھي، جنھن ۾ مختلف دورن جون ٽڪليون(Philatelic Collection) رکيل آھن. ھِن ناياب ۽ تاريخي اسٽيمپس گئلري ۾ 1840ع کان وٺي موجوده دور تائين جون ٽڪليون (اسٽيمپس) رکيل آهن. ھِن گئلري ۾ صرف پوسٽيج اسٽيمپس نه، پر مختلف اسٽيمپ پيپرس جن ۾ revenue stamps،postal stationery، proofs، error issues ۽stamp papers ا فيڊيوٽ وغيره به شامل آھن، محفوظ ڪيا ويا آهن. 6 مئي 1840ع تي جاري ٿيلPenny Black ٽڪلي جنھن کي نه صرف انگلينڊ، پر دنيا جي پهرين چپڪندڙ يا کنئور سان چهٽائي ويندڙ ٽڪلي(Adhesive Postage Stamp) هئڻ جو اعزاز پڻ حاصل آھي، اھا تاريخي يادگار ٽڪلي ھِن وقت به اسٽيمپ گئلري جي زينت بڻيل آھي. اُن تي راڻي وڪٽوريه جو چهرو ڏنل (ڇپيل) آهي. ان ٽڪلي جي قيمت اُن وقت ۾ هڪ پيني (انگلينڊ جي ڪرنسي جو ننڍي ۾ ننڍو سڪو) جي برابر هئي، تنھنڪري ئي ان ٽڪلي تي نالوPenny Black پيو. جيڪڏھن اسٽيمپس جي مختلف دورن جي ورھاست ڪجي ته ھِن گئلري ۾ جيئن ته 1840 کان اڳ ۾ اصل اسٽيمپ پيپرس جو ته وجود ئي ڪونه ھو، پر اُن دور جا جاري ٿيلpre-stamp postal marks ۽tax marks هتي بخوبي ڏسي سگھجن ٿا. اُن کانسواءِ 1840 کان 1900 تائين جاOne Penny Black, Two Penny Blue ۽Victorian اسٽيمپس، 1900 کان 1950 تائين جا Edward VII، George V،George VI جا اسٽيمپس، جنگي دور جا عھدنامه، 1952 کان 2022 تائين جاQueen Elizabeth II جي ڊگهي حڪمراني واري دور جا اسٽيمپس، دستاويز ۽ 2022 کان ھن وقت تائين جاري ٿيل برطانيه جي موجوده بادشاھ چارلس(King Charles III) جي دور جا نوان اسٽيمپس پڻ ھِن گئلري جي زينت بڻيل آھن. اسٽيمپس گئلري رڳو “پوسٽيج اسٽيمپس” تائين محدود ناهي، پر ان ۾ هيٺيون شيون به شامل آهن:
1.Revenue Stamps : جيڪي ٽيڪس يا قانوني دستاويزن لاءِ استعمال ٿينديون هيون.
2.Postal Stationery : خط و ڪتابت جا پري پرنٽ ٿيل لفافا، ڪارڊ، ايئر ميل ليٽر شيٽس وغيره.
3.Stamp Proofs ۽Essays : اسٽيمپس ٺهڻ کان اڳ جي پروسيس جا نمونا ۽ ڊزائينون.
4.Errors ۽Rare Issues : غلط ڇپيل يا ناياب اسٽيمپس.
5.Philatelic Art work : آرٽسٽن جا اصل ڊرائنگ ۽ ڊزائين بورڊ.
6.Affidavit Stamp Papers : هن ڪليڪشن ۾stamp papers (revenue/affidavit papers) به موجود آهن، ڇو ته اُهي به برطانيا جي روينيو ۽ ٽپال سرشتي جي تاريخ جو حصو رھيا آهن. اُن کان علاوه برطانيا کان ٻاهر جي نوآبادين جا اسٽيمپس به ھِن گئلري ۾ موجود آهن، جن ۾ انڊيا، آسٽريليا ۽ آفريڪا وغيرہ شامل آھن. ھي اسٽيمپ گئلري دنيا جي وڏين گئلرين مان ھڪ آھي ۽ اِن ۾ رکيل ڪن ناياب ٽڪلين (اسٽيمپس) جي موجودہ وقت ۾ قيمت ته ڪروڙن ۾ آھي ئي، پر اُن دور جي اسٽيمپ پيپرس توڙي ٻين دستاويزن، جن ۾ پروف يا پرنٽ جون چڪون آھن ۽ جن کي اُن وقت ۾ ردي جي ٽوڪري جي حوالي ڪيو ويو ھو، اُنھن جي به قيمت ھِن وقت ڪروڙن ۾ آھي.
(ث)Mail Rail : پوسٽل ميوزيم جو سڀ کان دلچسپ سيڪشن جيڪو ننڍن توڙي وڏن لاءِ وندر ۽ حيرت جو جھان آھي، اُھو آھي ٽپال ٽرين (Mail Rail) وارو سيڪشن. اھا لوڪيشن پوسٽل ميوزيم جي ٻئي حصي ۾ آهي، جيڪو ميوزيم جي سامهون ئي فينڪس پليس (Phoenix Place) تي واقع آهي. هي سيڪشن جنھن ۾ ميل ريل ترتيب ڏني وئي آھي اُھو پراڻي دور ۾Mount Pleasant Mail Rail Depot طور سڃاتو ويندو هو. سياح ميوزيم جي ٽڪيٽ وٺڻ کانپوءِ هِن حصي ۾ داخل ٿين ٿا ۽ حقيقي زير زمين سرنگن ۾ ننڍڙي ٽرين تي سفر ڪن ٿا. اچو ته ان ننڍڙي ميل ريل ۾ سفر ڪرڻ کان اڳ اُن جي تاريخ کي ڄاڻي وٺون. 1909ع ۾ برٽش سرڪار طرفان فيصلو ڪيو ويو ته پوسٽ جي ترسيل لاءِ لنڊن جي ٽريفڪ جي پريشاني کان بچڻ لاءِ زير زمين پوسٽل ريلوي ٺاهي وڃي. ان لاءِ زير زمين سرنگن جي اڏاوت 1915ع ۾ شروع ٿي، پر جنگ سبب ان منصوبي ۾ ڪافي دير ٿي. سرڪاري طور تي 1927ع کان ميل ريل(Post Office Railway) هلڻ شروع ڪيو. اھو تقريبن 6.5 ميل (10 ڪلو ميٽر) ڊگهو زير زمين سرنگن جو نيٽ ورڪ ھو، جيڪو مرڪزي لنڊن ۾ پوسٽ آفيسن ۽ ريلوي اسٽيشنن کي پاڻ ۾ ڳنڍيندو ھو. ميل ريل جو رستو مرڪزي لنڊن شھر اندر ھو، جيڪوPaddington Station کان وٺي White chapel تائين ھلندو ھو. وچ ۾ جيڪي اسٽيشنون اينديون هيون اُنھن ۾Paddington,West End (Oxford Circus ), Mount Pleasant (Clerkenwell), Liverpool Street, Whitechapel، شامل ھيون. جيتري قدر انھن ٽرينن جي رفتار ۽ صلاحيت جو تعلق آھي ته اھي ٽرينون بجلي (electric) تي پاڻمرادو (آٽوميٽڪ) هلنديون هيون ۽ انھن ۾ ڪوبه ڊرائيور ڪو نه هوندو هو. انھن جي رفتار لڳ ڀڳ 30 ميل في ڪلاڪ (50 ڪلو ميٽر) تائين هئي. اُھي روزانو لڳ ڀڳ 4 ملين خط ۽ پارسل کڻي لنڊن شھر ۾ مختلف ھنڌن تي پھچائينديون هيون. مون اھي ڄاڻايل سڀ اسٽيشنون گھميون آھن، ڇا ته اُنھن اسٽيشنن جي منصوبابندي ڪيل آھي. انگريزن وٽ اُن دور ۾ به بجلي تي ۽ بنا ڊرائيور جي انڊر گرائونڊ آٽوميٽڪ ٽرينون ھلنديون ھيون ۽ پاڻ وٽ ھِن دور ۾ به اُکڙيل پٽڙين تي کٽارا ٽرينون ھلن ٿيون، جيڪي سدائين ليٽ به ٿين ٿيون ۽ اُنھن ۾ پٽڙي تان لھڻ يا ايڪسيڊنٽ جو به ھر وقت خطرو موجود رھي ٿو. اھي ٽرينون جيڪي ھاڻي کٽارا ٿي ويون آھن سي به اسان تي انگريزن جون مھربانيون آھن. اسان شريف ماڻھن انگريزن جي وڃڻ کانپوءِ اُنھن جي امانت ۾ خيانت ڪندي حرام ڪا نئين ريلوي لائين وڇائي ھجي. پوسٽل سروس لاءِ ٺاھيل ھي ريلوي 1927 کان 2003 تائين لڳاتار هلندي رهي. 2003ع ۾ جديد ميل(mail) ٽرانسپورٽ سروس جي اچڻ ۽ خطن جي اھميت ۽ تعداد گھٽجي وڃڻ جي ڪري ان ريل کي مستقل طور تي بند ڪيو ويو. پراڻي ريل جي ذريعي ٽپال پھچائڻ جي تاريخ ۾ محفوظ ٿيل نظام کي ماڻھن سان واقفڪاري ڪرائڻ ۽ اُن کي يادگار بنائڻ لاءِ 2017ع ۾Postal Museum ۾ ان مان ھڪ حصي کي“Mail Rail Ride” طور نئين سري سان ترتيب ڏئي، سنواري سينگاري عوام جي تفريح لاءِ کوليو ويو. ھِن سيڪشن ۾ سياحن کي ننڍڙي ٽرين ۾ ويھاريو ويندو آھي، جيڪا اصل ٽرين کان ٿورڙي تبديل ڪيل آھي، جيئن سياح اُن ۾ آساني سان ويهي سگهن. ھي منفرد ۽ حيرت انگيز ريل جو سفر لڳ ڀڳ 15 منٽن جو آهي. ھِن سفر ۾ ٽرين جو سرنگ مان گذر ٿئي ٿو ۽ رستي ھلندي، پراڻين اسٽيشنن جا ماڊل ۽ اُن وقت جو ماحول ۽ منظر آڊيو وڊيو افيڪٽس سان توھان جي آڏو نمائشي انداز سان ظاھر ٿين ٿا. ٽرين جي ھِن سڄي تفريحي سفر ۾ پراڻي دور جي ٽپال سرشتي جي ڄاڻ ڏني وئي آھي. ھِن پراڻي دور جي تاريخي سفر واري ماحول ۾ ٽرين جيئن ھلڻ لڳي ٿي ته خطن جي ڇانٽي جو دفتر (Sorting Office)، تاريخي تصويرون ۽ ٽپالين (پوسٽ ورڪرز) جون ڪهاڻيون، ماڊلز ۽ منظر، روشني ۽ آوازن جي سنگم سان توھان جي اڳيان گذرڻ لڳن ٿا ۽ توھان ائين محسوس ڪرڻ لڳو ٿا، ڄڻ توھان ماضي جي اُن دور ۾ سفر ڪري رھيا ھُجو، جڏھن خط وڏي معنيٰ رکندا ھئا. جڏھن اُھي خط منزل/ماڻھن تائين پھچندا ھئا ته اُنھن خطن جي اندر جا حال احوال (مواد) يا ته صفِ ماتم وڇائي ڇڏيندا ھئا يا خوشين سان جھول ڀري ڇڏيندا ھئا. ڪڏھن اھي خط رُلي وڃائجي ويندا ھئا يا ليٽ پھچندا ھئا ته نه ڄاڻ پويان اھڙن واقعن کي جنم ڏيندا ھئا، جيڪي يا ته گھرن يا فردن جي اُجڙڻ جو ڪارڻ بڻبا ھئا يا ڪنھن جي ڪا نئين قسمت لکي ڇڏيندا ھئا. ھِن تاريخي ٽرين ۾ سفر ڪندي مون کي مرزا غالب جو دور ياد آيو. ھاڻي ته پوسٽ جي جديد نظام سبب پلڪ جھپڪ ۾ خوشي ۽ غمي جي خبر لاڳاپيل ماڻھو تائين پھچيو وڃي، پر ڪو وقت ھو جڏھن برصغير ۾ عام ماڻھو گھوڙن تي سفر ڪندو ھو ۽ عام ماڻھو لاءِ موٽر يا ڪار جو ڪو تصور به نه ھو. 1827 ۾ اُردو جو ناميارو شاعر مرزا غالب جيڪو انتھائي تنگي ۾ گذاريندو ھو، جڏھن انگريز سرڪار کان پنھنجو وظيفو وڌائڻ لاءِ گھوڙي تي دھلي کان ڪلڪته روانو ٿيو ته پويان سندس پٽ گذاري ويو. ھندستان ۾ ان وقت ٽپال جو موثر سسٽم موجود نه ھئڻ سبب اھا دکدائڪ خبر کيس ٽِن مھينن کانپوءِ ملي، جنھن ڪري ھُو پٽ جي تدفين ۾ به پھچي نه سگھيو.
(ج)Sorted Play Zone : پوسٽل ميوزم جِتي ٽپال جي سرشتي سان ڀرپور واقف ڪاري ڏئي ٿو اُتي وري ھِن ميوزيم ۾ ٻارن کي وندر ۽ تفريح جي ذريعي ٽپال سرشتي سان متعارف ڪرائڻ لاءِ ھڪSorted Play Zone به ٺاھيو ويو آھي. ھي ٻارن لاءِ هڪ انٽريڪٽو پلي ايريا آهي، جتي ٻار پوسٽ آفيس ۽ ميل سروس سان جڙيل راندين ۾ حصو وٺي سگهن ٿا.Sorted Play Zone ۾ ٻارن لاءِ جيڪي رانديون يا سرگرميون ٿين(activities) ٿيون اُنھن جو تفصيل ڪجھه ھن ريت آھي.
1.Postal Worker بڻجڻ: ٻار پوسٽ مئن جا ننڍڙا پوسٽل يونيفارم (ٽوپي، لباس ۽ جيڪٽ وغيره) پائين ٿا. پاڻ کي ٽپالي (پوسٽ ورڪر) سمجهي، ڪم ڪرڻ جو تجربو حاصل ڪن ٿا.
ٽپال(mail) گڏ ڪرڻ ۽ پهچائڻ: ٻارن کي ننڍڙا پوسٽ جا ٿيلھا ڏنا ويندا آهن. ٻار فرضي خط ۽ پارسل(toys) گڏ ڪن ٿا ۽ پوءِ انهن کي مختلف ٽپال جي دٻن(letter boxes) يا منزل مقصود(delivery points) تائين پهچائين ٿا.