نئون

سنڌ جو سورهيه شھيد هيمون ڪالاڻي

تاريخ جي ان سچ کان ڪير به انڪار نه ڪري سگهندو ته جتي اونداهي بعد سچ اڀري روشني پکڙيندو آهي، اتي ظلم به سج جي روشنيءَ کي لڪائڻ لاءِ کارو اڳيان ڏئي سمجهندو آهي ته مون سچ جي روشني کي دٻائي ۽ لڪائي ڇڏيو آهي، پر کاري جي وٿيُن مان به سچ جي روشنيءَ ٻاهر نڪري ايندڙ نسلن کي پنھنجو پيغام، پڄائيندي آسمان تان ڪرندڙ تاري جيئان تاريخ جي ڪتابن ۾ ايندڙ نسلن جي لاءِ هيٺ ڪرندي ،ڪرندي پنھنجي روشني پکيڙي هليو ويندو آهي. اھڙي عمل کي “موسيٰ سي مارڪس تڪ” ۾ سبط حسن لکيو آهي ته انسان جبل جي پٿرن تي رت پکيڙي ٻين کي انقلاب جو رستو ٻُڌائي ويندا آهن، اها حقيقت به اها ته جن به پنھنجي وطن جي بقا لاءِ جامِ شھادت پيتو، اهي ئي انسان هوندا آهن، جن جي کنيل انقلابي قدمن کي ساراهيندي اسين فخر محسوس ڪندا آهيون ۽ انھن جا مثال ڏئي ٻين جي اندر ۾  سچائي جو اتساهه پيدا ڪندا آهيون. ڇو نه اهو محب وطن جرنيل، نظام الدين سمان حڪمران جو وڏو وزير دولھه دريا خان هجي يا علاءُ الدين خلجي سان سنڌ جي بچاءَ لاءِ وڙهندي شهيد ٿيندڙ دودو سومرو هجي يا  گهاڻي ۾  ڪڻڪ وانگر ذرا ذرا ٿي شھيد ٿيندڙ مخدوم بلاول هجي يا وري غلاميءَ خلاف وڙهندڙ آزادي جو علمبردار صبغت الله راشدي هجي، جنھن کي انگريزن طرفان سنڌ تي قبضي خلاف ويڙهه ڪرڻ جي ڏوھ ۾ 20 مارچ 1943 تي ڦاهي چاڙهيو ويو يا وري ننگرپارڪر جي ننڍڙي ڳوٺ ڪنڀاري ۾ شامنو جي گهر ۾ جنم وٺندڙ روپلو ڪولهي هجي جنھن کي انگريزن خلاف لاڌو سنگهه ۽ آڌي سنگھه  ۽ هزارين ڪولهين سان گڏجي بغاوت ڪرڻ جي ڏوھ ۾ گرفتار ڪري 22 آگسٽ 1859 ڌاري ٻٻر جي وڻ ۾ ٽنگي سر عام ڦاهي ڏني وئي. ان جي ڪجھه وقت کانپوءِ جو انقلابي هيرو جنھن انگريزن جي ظلم، بربريت هيٺ  23 مارچ 1931 تي  ڀڳت سنگهه ۽ سندس ساٿي سُک ديو کي ڦاسي ڏني وئي، جن ننڪانه صاحب گردوارا ۾ انگريزن هٿان بيگناهه انسانن جو قتل عام ڏسي مھاتما گانڌي جي عدم تشدد تحريڪ کان عليحدگي اختيار ڪندي گولي جو جواب گوليءَ سان ڏيڻ جو پڪو پهه ڪيو هو. اهڙيءَ طرح انگريزن خلاف مسلسل جدوجھد ڪندڙ هيمون ڪالاڻي به هو،  جيڪو 23 (ڪن  لکيو 11) مارچ 1923ع ۾ پراڻي سکر جي پيسو مل ڪالاڻي جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس والد پيسو مل ٺيڪيداريءَ جو ڪم ڪندو هو. هيمون ڪالاڻي جو اصل نالو راهي هيمن هو، جڏهن ته پيار مان کيس “هيمون” ڪوٺيو ويندو هو. ٻالڪپڻ کان ئي راندين جو شوقين هو ۽ هن کي ترڻ جو به گهڻو شوق هو. ساڳئي وقت هيمون مقامي اسڪول ۾ پڙهندو هو،  سندس چاچو اُن وقت سياسي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺندو هو ۽ سندس مقصد انگريزن جي حڪومت جو خاتمو هو. هيمون به آزاديءَ جا خواب ڏسندي ۽ ڪارڪنن جو جوش ۽ جذبو ڏسندي وڏو ٿي رهيو هو. ان وقت سکر به سياسي طور هڪ جاڳرتا وارو شهر هو. ٻي عالمي جنگ، “هندوستان ڇڏيو” تحريڪ، ڪرپس مشن ۽ اهڙين ڪيترين ئي تحريڪن ۽ واقعن هيمونءَ کي به آزاديءَ جي جذبي سان سرشار ڪري ڇڏيو. 1942 جو دور هو تڏهن سنڌ ۾ “حر تحريڪ” زورن تي هئي. جڏهن ته وچ هندستان ۾ مھاتما گانڌي هندستان خالي ڪريو واري تحريڪ هلائي رهيو هو. ان وقت هيمون ڪالاڻي اڃان هاءِ اسڪول جو شاگرد هو جڏهن سموري هندستان ۾ آزادي لاءِ ويڙهه جاري هئي ۽ ان وقت جا سورما پنھنجي ڌرتي ماءُ جي آجپي لاءِ جانين جا نذرنا ڏئي رهيا هئا تڏهن سکر جو هي نوجوان پڻ سنڌ جي آزاديءَ جي چڻنگ کڻي اڳتي وڌي رهيو هو. 23 آڪٽوبر جي رات هئي جڏهن کيس خبر پئي ته فوجين سان ڀريل هڪ خاص ريل گاڏي اچي رهي آهي جيڪا سکر کان اڳتي گولابارود کڻي ويندي. هيمون کي ڄاڻ هئي ته اهو گولابارود ۽ ريل گاڏيءَ ۾ سوار فوجي آزاديءَ جي متوالن لاءِ عتاب ثابت ٿيندا. تنھنڪري هن پنهنجن ساٿين سان گڏجي انهيءَ ريل گاڏيءَ کي ڪيرائڻ جو منصوبو رٿيو. هنن گڏجي وڃي ريل جي پٽڙي کي اکيڙڻ شروع ڪيو، ٺيڪ ساڳي وقت تي هڪ سپاهي نالي فيروز خان کين ڏسي ورتو، هيمون جا سمورا ساٿي ڀڄي ويا، پر هميون ڪالاڻي پڪڙجي پيو.

هيمون کي  برطانيه سرڪار جو باغي قرار ڏئي 22 ڏينھن سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو، پر هن پنهنجي ساٿين جا نالا ظاهر نه ڪيا، بلڪه هڪ ڀيرو بيان دوران چيائين ته “مون ريلوي لائين کي ان لاءِ اکيڙڻ ٿي چاهيو ته جيئن ان ۾ سوار فرنگي ناس ٿي وڃن، پر منهنجي بدقسمتي جو ناڪام ٿيس”  سندس ڪيس اسپيشل ٽربيونل ۾ هلايو ويو، جتي وڪيلن پنهنجون مفت خدمتون پيش ڪيون. تنھن هوندي به اسپيشل ٽربيونل کيس ٻارهن ورهين جي سزا ٻڌائي، جيڪا پوءِ موت جي سزا ۾ تبديل ڪئي وئي. پر سزا منظور ٿيڻ کانپوءِ سندس وڪيل پيرزادي عبدالستار سندس مامي کي نياپو موڪليو ته هيمونءَ کان معافي نامي تي صحيح وٺي اچي ته کيس معافي ملي ويندي. پر هيمونءَ اهڙي معافيءَ کان نابري واري ڇڏي ۽ چيائين ته مون اهڙو ڪوبه ڏوهه ڪو نه ڪيو آهي جنهن تي مون کي پڇتاءَ هجي پوءِ معافي ڇاجي. اھڙي انڪار تي کيس 21 جنوري 1943ع تي  19 سالن جي عمر ۾ سينٽرل جيل سکر ۾ ڦاسي ڏني وئي. تاريخ جي ورقن مان اها ڳالھه چٽي پڙهجي ٿي ته ننڍي کنڊ ۾ آزادي خاطر انگريزن جي فوج سان ٽڪر کائيندڙ هيمون ڪالاڻي، تحريڪِ آزادي جي سڀني ڪارڪنن مان عمر ۾ ننڍو ڪارڪن هو. انگريز سرڪار هيمون ڪالاني کي ڦاسيءَ جي سزا ڏني هئي.

هيمون پنهنجي جان جي قرباني ڏئي آزاديءَ جي متوالن جو جوش ۽ ولولو وڌائي ڇڏيو،  ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪندڙ شاگرد متعلق مورخ لکن ٿا ته هيمون جي شھادت کان پوءِ سنڌ جي شھرن ۾ احتجاجي اجتماع ٿيا. ڪراچي ۾ سوامي نارائڻ مندر تي ڪارا جهنڊا لھرايا ويا ۽ ساڌ ٻيلي ۾ هيمون ڪالاڻي جي تصوير لڳائي وئي. ورهاڱي کان پوءِ هيمون ڪالاڻي جو خاندان ڀارت لڏي ويو. روايت آهي ته هو جيل ۾ هميشه خوش نظر ايندو هو، کيس ٻڌايل ڦاسيءَ جي سزا جو ڪو به خوف نه هو، جيل ۾ اڪثر چوندو رهندو هو ته  انگريزن کي هن ديس مان ڀڄائڻو آهي، جي آزاد ٿيس ته ان کان به وڌيڪ ڪم ڪندس جي نه ته پوءِ هڪ بهادر جو موت مرندس. سچ پچ ته هيمون ڪالاڻي اسان سنڌين جي تاريخ جو فخر جوڳو، اُتساهيندڙ ۽ عظيم ڪردار آهي. اهڙي سورهيائي ۽ ثابت قدمي جو مثال شايد دنيا ۾ نه ملي سگهي جو هڪ معصوم ٻار مرڪندي ڦاهيءَ چڙهي ويو. اڄ ٿيڻ ته ايئن گهرجي ته سنڌ جي موجوده نصابي ڪتابن ۾ هيمون ڪالاڻي جو ذڪر ڪيو وڃي، پر سرڪار سڳوري انگريز سرڪار جيان ذڪر کان لنوائي ٿي ته متان  سنڌ جو نوجوان نسل اهڙن ڪردارن کان متاثر نه ٿي وڃي ۽ سچ جي راهه تي هلڻ نه شروع ڪري ڏئي.