آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي سياست هميشه غير متوقع فيصلن، اوچتن بيانن ۽ حيران ڪندڙ يوٽرنن جي رهي آهي، پر ايران جي مسئلي تي سندس تازو رويو نه رڳو عالمي مبصرن لاءِ، پر خود آمريڪي اتحادين لاءِ به حيران ڪندڙ ثابت ٿيو آهي. هڪ طرف، ٽرمپ ايراني احتجاج ڪندڙن کي پيغام ڏنو ته اڳتي وڌو آمريڪا توهان جي مدد ڪندو، فوجي تيارين جون خبرون گردش ڪنديون رهيون، بحري ٻيڙا الرٽ رهيا ۽ سڄو خطو ممڪنه جنگ جي ڪناري تي نظر پئي آيو، پر ٻئي طرف، ٽرمپ ايران جي هڪ ڌمڪيءَ بعد حملو نه ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو. هي فيصلو صرف فوجي ڪارروائي جي معطلي ناهي، پر عالمي سياست ۾ طاقت، اخلاقيات ۽ ذاتي فيصلن جي پيچيده ميلاپ کي ظاهر ڪري ٿو. وائيٽ هائوس جي ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي صدر ٽرمپ اها دعويٰ ڪئي ته ايران تي حملو نه ڪرڻ جو فيصلو سندس ذاتي عقيدن تي ٻڌل هو، نه ڪي ڪنهن اتحادي جي دٻاءُ يا ڪنهن ڳجهي معاهدي تحت ٿيو آهي، هي آمريڪي پرڏيهي پاليسي جي روايتي فريم ورڪ جو واضح انحراف آهي. اهڙا فيصلا عام طور تي پينٽاگون، اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ، انٽيليجنس ڪميونٽي ۽ اتحادين سان ڊگهي صلاح مشوري کانپوءِ ڪيا ويندا آهن، پر ٽرمپ جو بيان اهو تاثر ڏئي ٿو ته جنگ ۽ امن جهڙا فيصلا به سندس ذاتي سوچ ۽ وقتي نقطهءِ نظر جي تابع آهن. صدر ٽرمپ پنهنجي فيصلي کي ڪهڙي بنياد تي جائز قرار ڏنو، ان تي ڪيترائي سوال پيدا ٿين ٿا. سندس مطابق، ايران 800 کان وڌيڪ گرفتار ٿيل مظاهرين کي موت جي سزا ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو، پر جڏهن انهن سزائن تي عمل نه ڪيو ويو ته هن فوجي ڪارروائي ڪرڻ جي فيصلي تي به نظرثاني ڪئي. هي بيان انساني جانين جي حفاظت لاءِ هڪ اخلاقي موقف نظر اچي ٿو، پر حقيقت ۾ اهو عالمي سياست ۾ هڪ خطرناڪ رجحان جي نشاندهي به ڪري ٿو۔ هي پهريون ڀيرو ناهي جو ٽرمپ ايران کي سڌي طرح ڌمڪي ڏني هجي. بين الاقوامي قانون ۽ رياستي خود مختياري جي اصولن جي ڪري، هن مهيني جي شروعات ۾ سندس ڌمڪي هئي ته جيڪڏهن ايران مظاهرين کي ماريو ته آمريڪا فوجي ڪارروائي ڪندو، انتهائي تڪراري ڌمڪي هئي. هڪ خود مختيار رياست جي اندروني معاملن تي کليل فوجي حملي جي ڌمڪي ڏيڻ کي گڏيل قومن جي چارٽر ۽ بين الاقوامي سفارتي رولز جي خلاف سمجهيو ويندو آهي. تنهن هوندي به ٽرمپ جو طريقو سندس دٻاءُ واري سياست جو هڪ نشان بڻجي چڪو آهي. بهرحال هن سڄي معاملي جو سڀ کان وڌيڪ منجهائيندڙ حصو 800 ماڻهن جي ڦاسيءَ کي ملتوي ڪرڻ جي دعويٰ آهي. ايران ڪڏهن به سرڪاري طور تي منصوبي جي تصديق نه ڪئي آهي، جڏهن ته وائيٽ هائوس اندر بيان پڻ متضاد آهن. وائيٽ هائوس جي ترجمان ڪيرولائن ليوٽ موت جي سزا جي تاريخ اربع ڏني، جڏهن ته صدر ٽرمپ بعد ۾ خميس جو ذڪر ڪيو. تاريخن جو تضاد ان خيال کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٿو ته معاملو انٽيليجنس کان وڌيڪ سياسي بيان بازي تي ٻڌل ٿي سگهي ٿو. هڪ اهڙي ملڪ جي قيادت جو شڪريو ادا ڪرڻ جنهن کي آمريڪا معمول مطابق دشمن رياست قرار ڏئي ٿو، اهو ظاهر ڪري ٿو ته ٽرمپ جي پرڏيهي پاليسي روايتي دوست، دشمن جي ورڇ کان اڳتي وڌي رهي آهي جيڪا ذاتي مفادن ۽ مختصر مدت جي مقصدن تي آڌاريل آهي. ڪجهه ماڻهو هن قدم کي تڪرار کي گهٽائڻ جي ڪوشش طور ڏسن ٿا، جڏهن ته نقادن جو چوڻ آهي ته اها بيوقوفي ۽ پاليسي جي کوٽ جي نشاني آهي. ايران جي حوالي سان، هي فيصلو ان ڪري به اهم آهي جو ملڪ اڳ ۾ ئي سخت اندروني بحران جي ڪشمڪش آهي. معاشي پابنديون، ڪرنسي جي گهٽتائي، بيروزگاري ۽ سياسي بيچيني عوام کي روڊن تي آندو آهي. ناروي ۾ قائم تنظيم ايران هيومن رائٽس جي مطابق، هاڻي تائين 428 مظاهرين جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي، جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته صورتحال صرف پروپيگنڊا نه، پر هڪ حقيقي انساني الميو به آهي. اهڙي صورتحال ۾، آمريڪي ڌمڪيون ۽ پوءِ اوچتو پوئتي هٽڻ ايراني عوام لاءِ اميد ۽ مايوسي جي وچ ۾ هڪ خطرناڪ صورتحال آهي. هتي سوال اهو به پيدا ٿئي ٿو ته ٽرمپ جي هن فيصلي علاقائي اتحادين کي ڪهڙو پيغام ڏنو آهي؟ اسرائيل ۽ ڪجهه عرب ملڪ ڊگهي عرصي کان ايران خلاف سخت آمريڪي موقف جا خواهشمند رهيا آهن. ٽرمپ کان پڇيو ويو ته ڇا انهن ملڪن کيس حملي کان روڪيو آهي، پر سندس انڪار صرف ان خوف جو اظهار لڳي ٿو، جيڪو هو هڪ فرد جي طور تي اڪيلا فيصلا ڪري رهيو آهي.