نئون

پاڪ چين پرڏيهي وزيرن جي ملاقات

چين جي پرڏيهي وزير وانگ زي ۽ شاهه محمود قريشي وچ ۾ ملاقات ٿي گذري. ملاقات ٻن حصن ۾ ٿي، پهرين ٻئي ڄڻا ون آن ون مليا جنهن بعد ٻنهي ڄڻن وفد جي صورت ۾ به ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي ڄڻن خطي جي صورتحال، سي پيڪ ٻنهي ملڪن وچ ۾ معاشي ۽ ثقافتي تعاون ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي به ڳالهايو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن گڏيل اسٽريٽيجڪ معاملن تي به ڳالهايو. شاهه محمود قريشي چيو ته سي پيڪ ملڪ جي اهم ترين ترجيح آهي ڇاڪاڻ ته سي پيڪ ملڪ جي سماجي ۽ معاشي ترقي لاءِ انتهائي اهم آهي. هن بعد چين جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي کي چين ۾ ٿيندڙ بين الاقوامي نمائش ۾ مهمان خصوصي طور شرڪت جي دعوت ڏني آهي. واضح رهي ته چين جو پرڏيهي وزير ٽن ڏينهن جي دوري تي ٽن وزيرن ۽ وفد جي ٻين ميمبرن سان گڏ آيو آهي.