افغانستان ۾ طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ پاڪستان ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ واڌ واضح طور محسوس ڪئي پئي وڃي. خاص طور خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان جا علائقا هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردن جي نشاني تي آهن. پاڪستان جي سلامتي ادارن بار بار اهو خدشو ظاهر ڪيو آهي ته افغانستان جي سر زمين پاڪستان خلاف استعمال ٿي رهي آهي، پر افغان حڪومت انهن خدشن کي سنجيدگي سان وٺڻ بدران يا ته انڪار ڪري ذميواري پاڪستان تي وجهي ٿي ڇڏي. ٽي ٽي پي ۽ ٻين هٿياربند گروهن کي افغانستان ۾ پناهه حاصل آهي جتي هو نه صرف محفوظ آهن، پر منظم به ٿي رهيا آهن. پاڪستان جي اندر ٿيندڙ ڪيترن ئي حملن جي منصوبابندي سرحد پار ڪئي وڃي ٿي ۽ پوءِ حملا آور واپس افغانستان هليا وڃن ٿا. اها صورتحال پاڪستان لاءِ انتهائي ڳڻتيءَ جوڳي آهي. ڇاڪاڻ ته هي رڳو دهشتگردي جو مسئلو نه رهيو آهي، بلڪه رياستي خود مختياري جو سوال بڻجي چڪو آهي.
پاڪستان گذريل ٻن ڏهاڪن دوران دهشتگردي خلاف جيڪا وڏي قرباني ڏني آهي ان جو اعتراف عالمي سطح تي به ڪيو پيو وڃي. هزارين فوجي اهلڪار پوليس ۽ عام شهري پنهنجي جانين جو نذرانو ڏئي چڪا آهن. پاڪستان جي معيشت سماج ۽ سياسي نظام کي به هن جنگ ۾ سخت نقصان پهتو آهي. ان باوجود پاڪستان مسلسل امن جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ ڪڏهن به افغانستان خلاف جارحاڻي پاليسي اختيار نه ڪئي آهي.
افغان طالبان اقتدار سنڀالڻ وقت واعدو ڪيو هو ته افغان سر زمين ڪنهن به ملڪ خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏني ويندي، پر عملي طور اهي واعدا پورا ٿيندي نظر نٿا اچن. تحريڪ طالبان پاڪستان جنهن کي مختصر طور TTP چيو وڃي ٿو ان بابت پاڪستاني سماج ۾ ٻه انتهاپسند خيال گردش ڪندا رهيا آهن، هڪ اهو ته هي گروهه رڳو دهشتگرد آهي ۽ ٻيو اهو ته هي رڳو رد عمل آهي. جڏهن ته حقيقت انهن ٻنهي سادن خيالن کان گهڻو وڌيڪ پيچيده ۽ خطرناڪ آهي، ڇو ته ٽي ٽي پي هڪ اهڙو فڪري، عسڪري ۽ تنظيمي ڍانچو آهي، جنهن جو وجود رڳو بندوق تي نه، پر هڪ اهڙي تشريح تي بيٺل آهي، جيڪا رياست سماج ۽ انساني زندگي کي گڏ هلڻ جي اجازت نٿي ڏئي. هي گروهه پاڪستاني رياست کي جائز نٿو مڃي، پاڪستان جي آئين کي رد ڪري ٿو، جمهوري عمل کي ڪفر قرار ڏئي ٿو. فوج، پوليس، عدالتن، اسڪولن، مسجدن ۽ عام ماڻهن کي پنهنجي جنگ جو ميدان بڻائي ٿو. اهو سڀ ڪجهه ڪنهن جذباتي رد عمل تحت نه، پر هڪ واضح نظرياتي حڪمت عملي تحت ڪيو وڃي ٿو. ٽي ٽي پي جي بنيادي دعويٰ اها آهي ته هو شريعت نافذ ڪرڻ چاهي ٿو، پر سوال اهو آهي ته ڪهڙي شريعت جنهن ۾ مارڪيٽن ۾ بم ڦاڙڻ کي جائز سمجهيو وڃي جنهن ۾ اسڪول ويندڙ ٻار دشمن بڻجن جنهن ۾ مسجدن ۾ نماز پڙهندڙ ماڻهو به محفوظ نه رهن. حقيقت اها آهي ته ٽي ٽي پي جي تشريح اسلام جي تاريخي فقهي ۽ اخلاقي روايتن خلاف آهي. ڇو ته اسلام ۾ رياست سان اختلاف جون به حدون آهن ۽ بيگناهن جي قتل جي ڪابه گنجائش ناهي. ٽي ٽي پي جو جنم هڪ مخصوص علاقائي ۽ تاريخي پسمنظر ۾ ٿيو، پر وقت سان گڏ اهو گروهه پنهنجي اصل دعوائن کان گهڻو اڳتي وڌي ويو ۽ هاڻي هڪ اهڙي تنظيم بڻجي چڪو آهي جنهن جو مرڪزي مقصد طاقت حاصل ڪرڻ آهي، نه ڪي سماجي اصلاح، نه ڪي اخلاقي تبديلي ۽ نه ئي عوامي ڀلائي. ٽي ٽي پي جي ڪاررواين جو جائزو ورتو وڃي ته اهو صاف نظر اچي ٿو ته انهن جو سڀ کان وڏو نقصان پاڪستاني عوام کي ٿيو آهي. هزارين عام شهري مارجي ويا، مارڪيٽون، اسڪول، عبادتگاهون ۽ جنازا نشانو بڻيا جنهن سان رڳو انساني جانين جو نقصان نه ٿيو، پر سماج ۾ خوف، عدم، اعتماد ۽ انتشار پيدا ٿيو. ٽي ٽي پي هميشه اهو موقف اختيار ڪيو آهي ته هو رياستي ادارن سان جنگ ۾ آهن، پر حقيقت ۾ انهن جي حملن جو نشانو عام ماڻهو رهيا آهن، جيڪا ڪنهن به طرح سياسي يا مذهبي جدوجهد نٿو چئي سگهجي. جيڪڏهن ڪو گروهه پنهنجي جدوجهد ۾ عوام کي دشمن سمجهڻ لڳي ته پوءِ اهو پاڻمرادو پنهنجي اخلاقي حيثيت وڃائي ويهي ٿو. ٽي ٽي پي جي تنظيمي ڍانچي تي نظر وجهجي ته اهو به واضح ٿئي ٿو ته هيءَ ڪا مقامي جذباتي تحريڪ نه، پر هڪ منظم عسڪري نيٽ ورڪ آهي، جنهن وٽ ڀرتيءَ جا نظام، مالي ذريعا، پروپيگنڊه، مشينري ۽ علاقائي رابطا موجود آهن، هي سڀ شيون اتفاق سان نٿيون ٿين بلڪه هڪ سوچيل سمجهيل حڪمت عملي جو نتيجو هونديون آهن. ٽي ٽي پي پنهنجي بيانن ۾ بار بار ظلم جو ذڪر ڪري ٿي، پر جڏهن انهن کان سوال ڪيو وڃي ته عام ماڻهن جو قتل ڪهڙي انصاف ۾ اچي ٿو ته ان جو ڪو واضح جواب نٿو ملي. ڇو ته سندن انصاف جو تصور رڳو طاقت تي بيٺل آهي، ٽي ٽي پي جو سڀ کان وڏو فڪري مسئلو اهو آهي ته اها اختلاف کي غداري سمجهي ٿي ۽ تنقيد کي جنگ قرار ڏئي ٿي. اهڙي سوچ ڪنهن به سماج کي اڳتي نٿي وٺي وڃي، بلڪه ان کي تباهي ڏانهن ڌڪي ٿي. پاڪستان ۾ گهڻ پاسائي مذهبي سوچ ملي ٿي، مختلف فقهي روايتون، صوفي اثر ۽ سماجي هم آهنگي هن ڌرتي جي سڃاڻپ رهيون آهن. ٽي ٽي پي ان سڄي گهڻ پاسائي تصور کي رد ڪري هڪ زبردستي جي تشريح مڙهڻ چاهي ٿو، جيڪا فطري طور رد عمل پيدا ڪري ٿي. ٽي ٽي پي جي باري ۾ هڪ اهم حقيقت اها به آهي ته هي گروهه وقت سان گڏ پنهنجو موقف بدلائيندو رهيو آهي. ڪڏهن چون ٿا ته هو رڳو قبائلي علائقن ۾ پنهنجا قانون لاڳو ڪرڻ چاهين ٿا، پوءِ هو چون ٿا ته هو پوري ملڪ ۾ نظام بدلائيندا، پوءِ وري چون ٿا ته هو رڳو ڪجهه پاليسين جي خلاف آهن اها غير مستقل مزاجي ظاهر ڪري ٿي ته اصل مقصد واضح ناهي سواءِ طاقت جي حصول جي. جڏهن به ڪنهن تنظيم جو مقصد رڳو طاقت بڻجي وڃي ته پوءِ اصول رڳو نعرا رهجي ويندا آهن. ٽي ٽي پي جي سرگرمين جو هڪ ٻيو سنگين پهلو اهو آهي ته اها پاڪستان جي اندروني استحڪام کي ڪمزور ڪرڻ چاهي ٿي، جنهن جو فائدو رڳو ملڪ جا دشمن کڻن ٿا. جيڪي پاڪستان کي ڪمزور ڏسڻ چاهين ٿيون. هڪ نيوٽرل تجزيو اهو چوي ٿو ته ٽي ٽي پي نه مذهبي تحريڪ آهي ۽ نه ئي سياسي رد عمل، پر اهو هڪ اهڙو هٿياربند گروهه آهي، جنهن پنهنجي وجود کي جاري رکڻ لاءِ تشدد کي بنيادي اوزار بڻايو آهي ۽ تشدد جڏهن مستقل حڪمت عملي بڻجي وڃي ته پوءِ اهو سماج کي سڌارڻ بدران ان کي ٽوڙي ڇڏي ٿو. پاڪستاني رياست جي پاليسين تي تنقيد ٿي سگهي ٿي ۽ ٿيڻ به گهرجي، پر ان تنقيد جو جواب بم ۽ خودڪش حملا نٿا ٿي سگهن. دهشتگردي کي مذهبي رنگ ڏيڻ سڀ کان وڏي غلطي آهي، اسلام بيگناهن جي قتل جي اجازت نٿو ڏئي ۽ نه ئي رياست سان اختلاف جو اهڙو طريقو جائز قرار ڏئي ٿو، جيڪي گروهه اسلام جو نالو استعمال ڪري قتل ۽ تباهي پکيڙي رهيا آهن اهي دراصل اسلام جي بدنامي جو سبب بڻجي رهيا آهن. پاڪستان ۽ افغانستان جا تعلقات تاريخي طور پيچيده رهيا آهن، پر موجوده حالتن ۾ ٻنهي ملڪن کي ذميواري سان اڳتي وڌڻو پوندو. افغانستان جيڪڏهن دهشتگرد گروهن کي نظر انداز ڪندو رهيو ته ان جا اثر صرف پاڪستان تائين محدود نه رهندا، بلڪه خطي جو امن مڪمل طور خطري ۾ پئجي ويندو. پاڪستان کي سفارتي سطح تي پنهنجو موقف وڌيڪ مضبوط نموني سان پيش ڪرڻو پوندو ۽ عالمي برادري کي اعتماد ۾ وٺڻو پوندو. ساڳي وقت افغانستان کي به اهو سمجهڻ گهرجي ته پاڙيسري ملڪ جي سلامتي خدشن کي نظر انداز ڪرڻ سٺي پاڙيسري جي اصولن خلاف آهي. دهشتگردي جو مقابلو صرف فوجي ڪارروائين سان نه، پر سياسي استحڪام، معاشي بهتري ۽ فڪري شعور سان به ڪرڻو پوندو. پاڪستان جيڪڏهن اندروني طور مضبوط رهندو ته ٻاهريان خطرا پاڻمرادو ڪمزور ٿي ويندا.