ايڊيٽوريلنئون

نفعي ۽ جنون جي جنگ “عظيم سراب”

هڪ گهرڙي کان ارتقا جو دور طئي ڪندي انسان عظيم تهذيبون تعمير ڪيون ۽ ايتري طاقت حاصل ڪئي جو خدا جو نائب بڻجندي هو خود خدا بڻجي چڪو آهي ۽ هاڻي هو پنهنجي ان ارڏائي، تڪبر ۽ غرور جي هڪ اهڙي واچوڙي ۾ ڦاسي چڪو آهي، جتان کيس نڪرڻ لاءِ رستو نه پيو ملي. ٻي عالمي جنگ کانپوءِ انسانن رياستون آزاد ڪري ادارا جوڙي جيئڻ لاءِ هڪ رستو ڳولهيو، عوام کي جمهوريت جو تحفو مليو ۽ عوام ان غلط فهميءَ جو شڪار ٿي ويو ته شايد مستقبل ۾ سندس راڄ رهندو ۽ عوام پنهنجا حق حاصل ڪندي اڳتي وڌندو ترقي ڪندو رهندو. تازو روس جا يوڪرين تي حملا وينزويلا جي صدر کي سندس زال سوڌو سندس سمهڻ واري ڪمري مان اغوا ڪرائي آمريڪا پهچائڻ، اسرائيل پاران بين الاقوامي عدالت جي توهين، آفريقا اندر نائيجر، گبون، مالي ۽ برڪينا فاسو ۾ فوج طرفان حڪومتن جا تخته اونڌا ٿيڻ ۽ پوءِ انهن ملڪن مان فرانس ۽ آمريڪا کي ٻاهر ڪڍي روس جي “ويگنر گروپ” کي گهرائي ويهارڻ جنهن سان روس کي انهن علائقن تي بغير ڪنهن جنگ جي آفريقا جي اهم اسٽريٽيجڪ علائقن تائين پهچ ملي وئي. هڪ اهڙي دنيا جو نقشو پيش ڪري رهيا آهن، جتي ڪوبه آرڊر نظر نٿو اچي. سڀني کان وڏو نقصان سڄي دنيا ۾ عوام جو ٿيو آهي. سڄي دنيا جو عام ماڻهو هر گذرندڙ ڏينهن سان بي يقيني جو شڪار ٿيندي پنهنجو پاڻ کي شڪ جي نظر سان ڏسي رهيو آهي.

هن وقت اسرائيل، آمريڪا ۽ ايران جي جنگ حقيقت ۾ تيل، طاقت ۽ اسلحي فروخت ڪرڻ جي جنگ آهي، ٽرمپ ان کي مذهبي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، فوج کي مذهب جي نالي تي خير ۽ شر جي اصطلاح استعمال ڪندي جنگ وڙهڻ لاءِ گرمائي رهيو آهي، جيڪا حقيقت ۾ هٿيارن جي صنعت مان وڏو نفعو ڪمائڻ لاءِ وڙهي پئي وڃي. هن وقت دفاعي ڪمپنين جا شيئرز تمام تيزيءَ سان مٿي وڃي رهيا آهن. انهن کي ميزائلن جي استعمال ٿيڻ سان نوان آرڊر ملي رهيا آهن. سعودي عرب ۽ ٻيا خليجي ملڪ پنهنجي دفاع لاءِ آمريڪا کان اربين ڊالرن جا نوان ڊفينس سسٽم خريد ڪرڻ تي مجبور آهن. “نار وارو لڪ” بند هجڻ ڪري سڌو سنئون تيل جي مارڪيٽ تي آمريڪي ڪمپنين جو قبضو هوندو ۽ ٻيو فائدو سعودي عرب کي ٿيندو جيڪو سالن کان ڳاڙهي سمنڊ وارو متبادل رستو پائيپ لائين ذريعي تيار ڪري رهيو آهي. هرمز جي بند ٿيڻ سان وڏو نقصان ايران، عراق ۽ ڪوويت کي ٿيندو. جڏهن ته سعودي عرب پنهنجو تيل دنيا جي مختلف ملڪن جن ۾ جاپان، مصر ۽ روٽرڊيم جتي هو اڳ ۾ ئي ذخيرو ڪري رکندو آهي ان تي وڌيڪ منافعو ڪمائي سگهندو. ٽرمپ هڪ واپاري سياستدان آهي، افلاطون “دي ريپبلڪ” ۾ چيو آهي ته واپاري طبقي کي سياست ۽ رياست جي معاملن کان پري رکڻ گهرجي، پر هن وقت سڄي دنيا جي وسيلن تي شاطر واپارين جو قبضو آهي ۽ پوري دنيا جو امن ۽ سڪون تباهه ٿي چڪو آهي ۽ ذريعا اهڙن سياستدانن جي هٿ ور چڙهيل آهن. اهڙي وقت ۾ ڪارل مارڪس جو ڪتاب “داس ڪئپيٽل” نفعي ۽ جنون جي جنگ کي سمجهڻ ۾ مدد فراهم ڪري سگهي ٿو. هن ڪتاب موجب جنگ سرمائيداري لاءِ هڪ معاشي ضرورت آهي ۽ ساڳي جاءِ تي مارڪس اهو به ٻڌائي ٿو ته سرمائيدار مذهب کي معاشري ۾ آفيم وانگر استعمال ڪرائي عوام کي خوابن ۽ مذهبي جنون ۾ گم ڪري ڇڏي ٿو.

جيڪڏهن اڄ مارڪس جي نظر سان هن جنگ کي ڏسجي ته ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل جي ويڙهه اصل ۾ سرمائيداري نظام جي بقا جي ويڙهه آهي. مذهبي نعرا عوام کي بيوقوف بنائڻ لاءِ آهن ته جيئن هو پنهنجي رت جو سودو تيل ۽ ڊالر جي بدلي ڪري سگهن. ڇو ته سرمائيدار نفعي ۽ جنون جو عظيم سراب تخليق ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ مذهب هڪ راند طور شامل آهي. ان لاءِ انسانيت کي شعوري حل ڪڍڻا پوندا، سوال اٿارڻا پوندا، پنهنجي رياست اندر پنهنجن مسئلن کي سمجهڻو پوندو. عقل جي بالادستي جي حصول لاءِ جيستائين ڪنهن به رياست ۾ معاشي وسيلن جي منصفاڻي ورڇ جو نظام قائم نه ٿيندو ملڪ ايئن ئي هلندا رهندا، عوام ائين ئي بيوقوف ٿيندو رهندو ۽ هي سراب ايئن ئي قائم رهندو. ٽرمپ جهڙي چالاڪ واپاري پلاننگ سان هڪ هڪ قدم اڳتي وڌندي آمريڪا جهڙي طاقتور ملڪ جي سياست کي ٽريپ ڪيو آهي. عوام مهانگائي جو شڪار آهي، هاڻي هيءَ جنگ آمريڪي عوام لاءِ به هڪ سراب بڻجي چڪي آهي. آمريڪي عوام ۽ باشعور طبقي سوڌو اسان سڀني کي پنهنجو پاڻ کي ان ڄار مان آزاد ڪرائڻ لاءِ سوال ڪرڻا پوندا. هر معاشري ۾ هر فرد کي پنهنجي جنگ وڙهڻ لاءِ شعور استعمال ڪرڻو پوندو. هيءَ جنگ طاقت جي جنگ آهي، جيڪا سرمائيدار جي لاءِ فائدو ۽ عوام لاءِ هڪ سراب ۽ تباهي آهي.