بلاگنئون

انساني جبلت، مذهب ۽ عالمي رنڊڪون

دنيا هڪ ڏکيو، منجهيل ۽ دلچسپ نظام آهي، هڪ اهڙو وهنوار، جتي انساني جبلت، ذاتي مفاد، گروهي وفاداري، رياستي گهرجون، مذهبن جي تعليم ۽ عالمي سياست هڪٻئي سان ڳنڍجي مسلسل ڪشمڪش پيدا ڪن ٿا ۽ انساني تاريخ ان ڪشمڪش جو سڀ کان وڏو ثبوت آهي. انسان جي جبلت صدين کان بقا، مفاد ۽ گروهي تحفظ لاءِ ڪم ڪيو آهي. شروعاتي انساني معاشرن ۾ خاندان يا قبيلي لاءِ جبلت ضروري هئي، اڄ به اهائي جبلت اسان جي سوچ، رويي ۽ فيصلي سازي ۾ نظر اچي ٿي. جبلت جي ان اثر جي سبب کان اسان جيڪڏهن گروهه، قوم يا مذهب جي مفاد کي انصاف ۽ حقيقتن تي اوليت ڏيون ٿا. اهوئي جبلتي مزاج مقابلي جو سبب بڻجي ٿو. انسان جبلت جي دٻاءُ ۾ مذهب ۽ عقيدن سان به قوميت ۽ گروهي سڃاڻپ جوڙي وڌي. اسلام سوڌو عيسائيت، يهوديت يا هندو مذهب سڀئي حق، انصاف ۽ مساوات جي تعليم تي بيٺل آهن. مذهبي تعليم اهو چٽو ڪري ٿي ته انسان ظالم ۽ مظلوم، حق ۽ انصاف جي اصول تي عمل ڪري، نه ڪي پنهنجي قوم، گروهه يا مذهب جي مفاد لاءِ استعمال ٿئي. انصاف، انساني سڌاري ۽ حق جو علمبردار ٿيڻ گهرجي، پر جڏهن اسان رياست يا مذهبي گروهه جي گهرجن واري نقطهءِ نظر کان سوچڻ لڳون ٿا ته انسانيت ۽ حقيقي تعليم اڪثر پوئتي رهجي وڃن ٿيون. رياستن ۽ فرد جا پنهنجا حڪم ۽ مفاد هوندا آهن ۽ اهي ڪڏهن ڪڏهن انصاف، حق ۽ مساوات جي رستي ۾ رڪاوٽ بڻجي وڃن ٿا. لفظ يا جذبا اڪثر حقيقت، انساني نقصان ۽ اصولن تي غالب اچي وڃن ٿا. اهوئي سبب آهي جو دنيا هڪ مشڪل ڌنڌو بڻجي وڃي ٿي، جتي سچ، انصاف ۽ انساني سڌاري کي برقرار رکڻ ايترو آسان ناهي. جديد دنيا ۾ جبلت ۽ ذاتي مفاد تي عالمي، ثقافتي مزاج، ٽرانسپورٽيشن ۽ پاپولر ازم جو اثر به چٽو آهي. ميڊيا، سياسي نعريبازي ۽ عوامي لفاظي اڪثر حقيقت کي ڌنڌلو ڪري ذاتي مفادن ۽ خوف تحت پيش ڪن ٿا. آمريڪا ۾ پاپولر ازم، ڀارت ۾ هندو توا ۽ پاڪستان ۾ سياسي نعرا انهيءَ جا مثال آهن. عالمي رابطا ۽ ثقافتي مزاج واري ترقي، تخليق ۽ جدت لاءِ ضروري آهن، پر جبلت ۽ جذبن کان بنا اهي معاشرن ۾ ثڪراءُ، مونجهارو ۽ افراتفري پيدا ڪري سگهن ٿا.

انسان جو دائرو سدائين دعوت، تعليم ۽ بصيرت تائين محدود هئڻ گهرجي. نافذ ڪرڻ يا دلين کي مجبور ڪرڻ مقصد ناهي. مذهب گروهه ناهي، بلڪه حق، انصاف ۽ مساوات جو علمبردار هئڻ گهرجي. جڏهن اسان جبلت، ذاتي مفاد ۽ تاريخي اثرن کي سڃاڻون ٿا ۽ پنهنجي ڳالھه ۽ عمل ۾ هڪ جهڙائپ پيدا ڪيون ٿا، تڏهن ئي انساني مزاج، عالمي معاشرت ۽ مذهبي اصول مضبوط ٿين ٿا ۽ ترقي ۽ سڌاري جي رستي تي قائم رهي سگهن ٿا. دنيا جي ڏکئي نظام ۾ انساني جبلت ۽ ذاتي مفاد کي سمجهڻ، بياني ۽ عمل ۾ هڪ جهڙائي پيدا ڪرڻ ۽ انصاف، حق ۽ آساني سڌارن کي اوليت ڏيڻ ضروري آهي. صرف انهيءَ صورت ۾ انساني مزاج، مذهبي ۽ ثقافتي امتزاج ۽ عالمي معاشرت وارين گهرجن تحت خوشحالي، استحڪام ۽ ترقي جي رستي تي قائم رهي سگهون ٿا. دنيا هڪ  گورک ڌنڌو ضرور آهي، پر عقل، انصاف ۽ بصيرت سان گڏ اسان انهيءَ ڌنڌي ۾ پنهنجو رستو روشن ڪري سگهون ٿا.