بلاگنئون

اتحاد ئي بقا آهي، اسلامي دنيا جا پنج درخشان ستارا شهادتون ۽ سازشون

جڏهن توهان هڪٻئي سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي نه بيهندا ته دشمن توهان کي ائين ئي هڪ هڪ ڪري نشانو بڻائيندو ۽ توهان جو شڪار ڪندو. تاريخ گواهه آهي ته جڏهن به مسلم ملڪ يا علاقائي طاقتن جا اڳواڻ ڌار ڌار ٿيا، نتيجو نقصان جي صورت ۾ نڪتو.

پھريون شهيد ذوالفقار علي ڀٽو: پاڪستان جي آئين جو باني ۽ ملڪ کي ايٽمي طاقت بنائڻ وارو اڳوڻو وزيراعظم، قائدِ عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اها شخصيت هئي، جنهن کي 4 اپريل 1979ع تي تختهءِ دار تي چاڙهي قتل ڪيو ويو. اها شهادت رڳو هڪ شخص جي نه، پر هڪ نظريي جي هئي. قربانين جو اهو سلسلو اتي ختم نه ٿيو؛ سندس ٻن پٽن ۽ هڪ بهادر ڌيءَ پڻ ملڪ ۽ جمهوريت لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪيا. مير شاهنواز ڀٽو کي 18 جولاءِ 1985ع ۾ پرڏيهه ۾ زهر ڏئي شهيد ڪيو ويو، جڏهن ته مير مرتضيٰ ڀٽو کي 20 سيپٽمبر 1996ع ۾ ڪراچيءَ جي رستي تي پنهنجن ساٿين سميت گوليون هڻي قتل ڪيو ويو. انهن سڀني صدمن کانپوءِ، عالمِ اسلام جي پهرين چونڊيل خاتون وزيراعظم، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو پڻ پنهنجي پيءُ جي نقشِ قدم تي هلندي، 27 ڊسمبر 2007ع تي راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ دهشتگردي جو نشانو بڻجي شهادت ماڻي. اڄ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي اولاد مان صرف محترمه صنم ڀٽو حيات آهي، جيڪا سياست کان پري پنهنجي اولاد سان گڏ رهي ٿي، جڏهن ته سياست ۾ هاڻي صرف شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو اولاد نوجوان بلاول ڀٽو زرداري ۽ سندس ڀيڻ آصفه پنهنجي خاندان جي ورثي کي اڳتي وڌائي رهيا آهن.

ٻيون شيخ مجيب الرحمان: بنگلاديش جو باني ۽ اڳوڻو صدر، شيخ مجيب الرحمان، جنهن کي “بنگا بندو” چيو ويندو آهي، تنهن جي زندگي ۽ موت جو داستان عبرت جو هڪ باب آهي. 15 آگسٽ 1975ع جي صبح جو سوير، ڍاڪا جي ڌان منڊي واري گهر جيڪو ان وقت صدارتي محل طور استعمال ٿيندو هو مٿس فوجي باغي گروپ حملو ڪيو. ان وحشياڻي حملي ۾ شيخ مجيب الرحمان سميت سندس خاندان جا 18 فرد شهيد ڪيا ويا. سندس گهر واري بيگم فضيلت النساءِ مجيب، ٽن پٽن شيخ ڪمال، شيخ جمال ۽ ننڍڙو شيخ راسل جيڪو صرف 10 سالن جو هو، ننهون سلطانه ڪمال ۽ روزي جمال، ڀاءُ شيخ ناصر ۽ ان کان علاوه ٻيا ويجها عزيز ۽ حفاظتي عملو پڻ ان قتلِ عام جو نشانو بڻيو. ان وقت شيخ مجيب جون ٻه ڌيئرون، شيخ حسينه ۽ شيخ ريحانه، جرمني ۾ هجڻ ڪري معجزاتي طور بچي ويون. ڪافي سال جلاوطنيءَ ۾ گذارڻ بعد، شيخ حسينه بنگلاديش واپس آئي ۽ پنهنجي پيءُ جي سياسي ورثي کي سنڀاليو. 1996ع ۾ جڏهن هوءَ پهريون ڀيرو وزيراعظم بڻي ته هن  پنهنجي خاندان جي قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ لاءِ قانوني جنگ شروع ڪئي. هن ان ڪاري قانون (Indemnity Act) کي ختم ڪيو، جنهن تحت قاتلن کي تحفظ حاصل هو. نتيجي طور ڪيترن ئي سازشي فوجي آفيسرن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ کين ڦاهي جي سزا ڏني وئي، پر سياست جو ڦيٿو عجيب آهي. جيڪا شيخ حسينه ڊگهي عرصي تائين بنگلاديش تي حڪمراني ڪندي رهي، تنهن کي آگسٽ 2024ع ۾ وڏي پيماني تي ٿيندڙ احتجاجي تحريڪ کانپوءِ اوچتو استعيفيٰ ڏيڻي پئي. 1975ع وانگر هڪ ڀيرو ٻيهر حالتون خراب ٿيون ۽ کيس جان بچائي ملڪ ڇڏڻو پيو. هوءَ هن وقت پنهنجي خاندان سميت ڀارت ۾ پناهه وٺي رهيل آهي.

ٽيون صدر صدام حسين: عراق جو اڳوڻو صدر صدام حسين، جنهن کي 30 ڊسمبر 2006 تي عيد جي ڏينهن ڦاسي ڏني وئي، ان جي زندگي عبرت جو هڪ اهڙو داستان آهي جتي سياست ۽ خانداني رشتن جو رت هڪ ٿي ويو. صدام جي زوال جي شروعات سندس پنهنجي گهر کان ٿي هئي. صدام حسين جا ٻه نياڻا (سندس ڌيئرن جا مڙس)، حسين ڪامل ۽ صدام ڪامل، جيڪي سڳا ڀائر به هئا، 1995 ۾ صدام کان بغاوت ڪري اردن هليا ويا هئا، پر جڏهن کين امان جو واعدو ڏئي واپس عراق گهرايو ويو ته 23 فيبروري 1996 تي کين وحشياڻي نموني قتل ڪيو ويو. تاريخي روايتن موجب، کين قتل ڪرڻ کان اڳ صدام جي ڌيئرن کان طلاق ڏياري وئي هئي ته جيئن قبائلي غيرت جي نالي تي کين خاندان هٿان ئي ختم ڪري سگهجي. جيتوڻيڪ سرڪاري طور تي چيو ويو ته اهو “عوامي غصو” هو، پر دنيا ڄاڻي ٿي ته ان پٺيان صدام حسين جو ئي هٿ هو. صدام جا ٻه پٽ، عدي صدام حسين ۽ قصي صدام حسين، جيڪي پنهنجي ظلم ۽ خوف جي ڪري سڃاتا ويندا هئا، آمريڪي حملي کانپوءِ روپوش هئا. 22 جولاءِ 2003 تي موصل شهر ۾ هڪ گهيري دوران مارجي ويا. انهن جي موت جي خبر ٻڌي عراق جي ڪيترن ئي حصن ۾ عوام پاران جشن ملهايو ويو ۽ هوائي فائرنگ ڪئي وئي. اهو جشن ان خوف ۽ ڏهڪاءُ جي خاتمي جي خوشي هئي، جيڪو عدي ۽ قصي عراقي عوام تي مڙهي رکيو هو. صدام حسين جنهن جي نالي کان ڪڏهن پوري دنيا ڏڪندي هئي، پاڻ به ڦاسي جي ڦندي تي چڙهي ويو. هڪ حڪمران جنهن پنهنجو ئي رت نياڻن ۽ مائٽن کي معاف نه ڪيو، تنهن جي انجام تي تاريخ اڄ به حيران آهي.

چوٿون ڪرنل معمر قذافي: لبيا جو اڳوڻو اڳواڻ ڪرنل معمر قذافي، جنهن کي ڪڏهن بهادري جي علامت ته ڪڏهن هڪ سخت گير حڪمران طور ڏٺو ويندو هو، تنهن جي 42 سالن جي حڪمراني جو خاتمو 2011 ۾ رت جي راند سان ٿيو. معمر قذافي جو قتل 20 آڪٽوبر 2011 تي سندس اباڻي شهر سرت ۾ نيٽو (NATO) جي حمايت يافته باغين پاران زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ کانپوءِ گوليون هڻي قتل ڪيو ويو. ان ڏينهن لبيا جي گهٽين ۾ سندس موت تي جشن ملهايو ويو، جيڪو هڪ ڊگهي آمريت جي پڇاڙي جو اعلان هو. قذافي جي خاندان کي به لبيا جي گهرو ويڙهه دوران سخت جاني نقصان کڻڻو پيو. معتصم قذافي کيس به 20 آڪٽوبر 2011 تي سرت مان گرفتار ڪيو ويو. هو قومي عبوري ڪائونسل (NTC) جي قيد ۾ هو، جتي کيس پراسرار حالتن ۾ قتل ڪيو ويو. سيف العرب قذافي هي قذافي جو ننڍو پٽ هو، جيڪو 30 اپريل 2011 تي طرابلس ۾ هڪ رهائشي ڪمپائونڊ تي نيٽو جي هوائي حملي ۾ مارجي ويو.

آخري پٽ سيف الاسلام قذافي کي 3 فيبروري 2026 تي لبيا جي شهر زنتان ۾ گهر اندر چئن هٿياربندن هٿان قتل ڪيو ويو. قذافي جي اڪيلي ڌيءَ، جنهن جي شادي 2006 ۾ پنهنجي سئوٽ احمد القذافي القحسي سان ٿي هئي. القحسي لبيا جي فوج ۾ ڪرنل هو ۽ 2011 ۾ فرانسيسي هوائي حملي ۾ مارجي ويو. عائشه قذافي پنهنجي خاندان سان گڏ پهرين الجزائر ۽ پوءِ عمان ۾ جلاوطني جي زندگي گذاري رهي آهي.

پنجون سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنائي: 86 سالن جي عمر ۾ به ايران جي روحاني رهبر آيت الله سيد علي خامنائي جو دشمن جي اکين ۾ اکيون وجهي بيهڻ، سندس ايماني طاقت جو ثبوت آهي. هڪ ڳالهه مڃڻي پوندي ته رهبرِ ايران آيت الله سيد علي خامنائي پنهنجي آخري گهڙين تائين عالمي استعمار اڳيان جهڪڻ کان انڪار ڪيو. آيت الله سيد علي خامنائي تي قاتلاڻا حملا ڪيترائي ٿيا، پر 1981ع واري حملي ۾ زخمي ٿي پيو هو،  جون 1981ع ۾ هڪ مسجد ۾ تقرير دوران مائڪرو فون ۾ لڪايل بم ڦاٽڻ ڪري خانمائي  سخت زخمي ٿيو هو، جنهن سبب سندس ساڄو هٿ هميشه لاءِ بيڪار ٿي ويو. اهو حملو ايراني مخالف گروپ (مجاهدين خلق) ڪيو هو، پر ايران ان جو ذميوار آمريڪي حمايت يافته عنصرن کي قرار ڏئي ٿو ۽ تازو اسرائيلي ۽ آمريڪا پاران ايران مٿان ٿيل حملي ۾ سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنائي ۽ سندس گهر واري، ڌيءَ، ننهون، پوٽو ۽ ڏوهٽي شهيد ٿي ويا تاريخ جي هر دور وانگر، اڄ به ڪجهه غدارن آمريڪا ۽ اسرائيل جي مالي لالچ ۾ اچي پنهنجي ئي قوم ۽ رهبر سان غداري ڪئي. دشمن کي گهربل جاءِ فراهم ڪرڻ ۽ جاسوسي ڪرڻ جهڙا عمل رڳو اهي ئي ڪري سگهن ٿا جيڪي ايمان جي دولت کان خالي آهن.

تاريخ جي ورقن تي نظر وجهجي ته هڪ حقيقت چٽي ٿي بيهي ٿي ته جڏهن به ڪنهن حڪمران يا رهبر پنهنجي قوم جي غيرت ۽ خودداريءَ جو سودو ڪرڻ کان انڪار ڪيو، تڏهن عالمي طاقتن جي اکين ۾ ڪنڊو بڻجي چڀڻ لڳو. ذوالفقار علي ڀٽو کان وٺي ڪرنل قذافي تائين، صدام حسين کان وٺي شيخ مجيب تائين ۽ هاڻوڪي دور ۾ آيت الله سيد علي خامنائي تائين اهي سڀ نالا ان فهرست ۾ شامل آهن، جن کي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ عالمي سازشن جو نشانو بڻايو ويو. ڪنهن کي عدالتي ڪارروائيءَ جي نالي تي خاموش ڪرايو ويو ته ڪنهن کي نام نهاد “انقلاب” جي آڙ ۾ قتل ڪرايو ويو. ڪٿي جنگبنديءَ جي پٺيان وار ڪيو ويو، ته ڪٿي وري قاتل اڄ ڏينهن تائين گمنام آهن، پر سياست جو هڪ اڻ لکيو قانون آهي ته: “عالمي سطح تي ٿيندڙ هر وڏي قتل جا پيرا آخر ۾ وڃي واشنگٽن يا تل ابيب جي دروازن تي ئي ختم ٿين ٿا.” اهي رڳو شخصيتون نه هيون، پر پنهنجي قومن جي بقا ۽ مزاحمت جون علامتون هيون. اڄ جڏهن اسان انهن جي شهادتن تي نظر وجهون ٿا ته معلوم ٿئي ٿو ته دشمن رڳو جسم کي ختم ڪري سگهي ٿو، پر انهن جي نظريي کي نٿو ماري سگهي. تاريخ جا اهي غدار جيڪي اڄ مالي لالچ ۾ اچي پنهنجن ئي رهبرن جي جاسوسي ڪن ٿا، اهي شايد وساري ويٺا آهن ته وقت جو بي رحم وهڪرو کين هميشه لاءِ مٽائي ڇڏيندو، پر حق جي راهه ۾ رت ڏيندڙن جا نالا هميشه لاءِ زنده رهندا.