بلاگنئون

توانائي بحران جي آڙ ۾ تعليم جي قرباني

سنڌ ۾ تعليم اڳ ۾ ئي ڪيترن مسئلن جي ور چڙهيل آهي. هڪ پاسي اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ، بنيادي سهولتن جي اڻهوند ۽ تعليمي معيار جي گهٽتائي جهڙا مسئلا موجود آهن ته ٻئي پاسي پاليسي ٺاهيندڙن جا اهڙا فيصلا به سامهون اچن ٿا جيڪي تعليم جي ٻيڙي کي وڌيڪ ٻوڙي رهيا آهن. تازو حڪومت طرفان تيل جي اگهن ۾ واڌ ۽ توانائي بحران کي جواز بڻائي 11 مارچ کان 31 مارچ 2026 تائين اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هي فيصلو ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏئي ٿو. سوال اهو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان هڪ خود مختيار رياست آهي ته پوءِ اسان جي معاشي ۽ توانائي پاليسيون ايتريون ڪمزور ڇو آهن جو ٻين ملڪن جي حالتن جو سڌو اثر اسان جي تعليمي نظام تي پوي ٿو؟ ايران ۽ اسرائيل جي جنگ کي ڪيترائي ڏينهن ٿي چڪا آهن، جنهن سبب عالمي سطح تي تيل جي اگهن ۾ واڌ آئي آهي، پر جيڪڏهن اسان جي رياست وٽ مضبوط توانائي پاليسي ۽ اڳواٽ حڪمت عملي هجي ها ته شايد اهڙي صورتحال ۾ تعليمي ادارن کي بند ڪرڻ جهڙو قدم کڻڻ جي ضرورت نه پوي ها. تعليم ڪنهن به قوم جي ترقيءَ جو بنياد هوندي آهي. دنيا جون ترقي يافته قومون جنگين ۽ بحرانن جي باوجود تعليم جو سلسلو جاري رکنديون آهن، ڇو ته انهن کي خبر هوندي آهي ته تعليم رڪجي وئي ته قوم جي ترقي به رڪجي ويندي. افسوس جو اسان وٽ جڏهن به ڪو بحران اچي ٿو ته سڀ کان پهرين قرباني تعليم جي شعبي کي ڏيڻي پوي ٿي. ڪڏهن ڪورونا وبا جي نالي تي مهينن جا مهينا تعليمي ادارا بند رهيا ته ڪڏهن سيڪيورٽي خدشن ته ڪڏهن ٻيا انتظامي مسئلا. هاڻي وري توانائي بحران کي جواز بڻائي تعليمي ادارن جا در بند ڪيا پيا وڃن.

هتي هڪ اهم سوال اهو به پيدا ٿئي ٿو ته جيڪڏهن تيل جي قيمتن ۾ واڌ سبب توانائي بحران پيدا ٿيو آهي ته پوءِ صرف تعليم جو شعبو ئي ڇو بند ڪيو وڃي ٿو؟ ڇا ٻين سرڪاري کاتن کي بند ڪرڻ جو سوچي نٿو سگهجي؟ ڇا ٻين ادارن ۾ بجلي يا ٻارڻ جو استعمال نٿو ٿئي؟ جيڪڏهن قرباني ڏيڻ ضروري آهي ته پوءِ اها قرباني سڀني شعبن کي گڏجي ڏيڻ گهرجي، نه ڪي رڳو تعليم کي. تعليم جي بندش جا اثر صرف ڪجهه ڏينهن يا هفتن تائين محدود ناهن هوندا، بلڪه انهن جا اثر سالن تائين محسوس ڪيا ويندا آهن. شاگردن جي پڙهائيءَ جو تسلسل ٽٽي وڃي ٿو، تعليمي ماحول متاثر ٿئي ٿو ۽ خاص طور تي سرڪاري اسڪولن جا شاگرد وڌيڪ نقصان برداشت ڪن ٿا. اهڙي صورتحال ۾ اهو خدشو وڌي وڃي ٿو ته تعليم اڳ ئي بحرانن ۾ گهيريل هجڻ باوجود وڌيڪ ڪمزور ٿي پوندي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومت عارضي حل ڪڍڻ بدران ڊگهي مدي واري پاليسي اختيار ڪري. توانائي جي شعبي ۾ خود ڪفالت حاصل ڪرڻ، متبادل توانائي ذريعن جهڙوڪ: شمسي توانائي ۽ هوا جي توانائي کي فروغ ڏيڻ ۽ تعليمي ادارن کي اهڙين سهولتن سان ليس ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. جيڪڏهن اسڪولن ۽ يونيورسٽين کي سولر توانائي تي منتقل ڪيو وڃي ته نه صرف توانائي بحران جو اثر گهٽجي سگهي ٿو، پر تعليم جو سلسلو به بنا رڪاوٽ جاري رهي سگهي ٿو. اسان کي اهو به سمجهڻ گهرجي ته تعليم کي هر بحران ۾ قرباني جو ٻڪرو بڻائڻ قومي مفاد جي خلاف آهي. جيڪڏهن قوم کي مضبوط بڻائڻو آهي ته پوءِ تعليمي ادارن کي بند ڪرڻ بدران انهن کي وڌيڪ فعال بڻائڻ گهرجي. پاليسي ٺاهيندڙن کي اهو احساس ڪرڻو پوندو ته تعليم جي درن کي بند ڪرڻ سان مسئلا حل ناهن ٿيندا، بلڪه مستقبل جا مسئلا وڌيڪ سنگين بڻجي ويندا. وقت جي ضرورت آهي ته حڪومت اهڙيون پاليسيون جوڙي جيڪي رڳو عارضي بحرانن کي منهن ڏيڻ لاءِ نه هجن، پر قوم جي مستقبل کي به محفوظ بڻائين. ڇو ته جيڪڏهن تعليم جو ٻيڙو ٻڏي ويو ته پوءِ ڪنهن به ترقيءَ جي اميد رکڻ رڳو خواب رهجي ويندو.