سنڌ ۾ تعليم اڳ ۾ ئي ڪيترن مسئلن جي ور چڙهيل آهي. هڪ پاسي اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ، بنيادي سهولتن جي اڻهوند ۽ تعليمي معيار جي گهٽتائي جهڙا مسئلا موجود آهن ته ٻئي پاسي پاليسي ٺاهيندڙن جا اهڙا فيصلا به سامهون اچن ٿا جيڪي تعليم جي ٻيڙي کي وڌيڪ ٻوڙي رهيا آهن. تازو حڪومت طرفان تيل جي اگهن ۾ واڌ ۽ توانائي بحران کي جواز بڻائي 11 مارچ کان 31 مارچ 2026 تائين اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هي فيصلو ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏئي ٿو. سوال اهو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان هڪ خود مختيار رياست آهي ته پوءِ اسان جي معاشي ۽ توانائي پاليسيون ايتريون ڪمزور ڇو آهن جو ٻين ملڪن جي حالتن جو سڌو اثر اسان جي تعليمي نظام تي پوي ٿو؟ ايران ۽ اسرائيل جي جنگ کي ڪيترائي ڏينهن ٿي چڪا آهن، جنهن سبب عالمي سطح تي تيل جي اگهن ۾ واڌ آئي آهي، پر جيڪڏهن اسان جي رياست وٽ مضبوط توانائي پاليسي ۽ اڳواٽ حڪمت عملي هجي ها ته شايد اهڙي صورتحال ۾ تعليمي ادارن کي بند ڪرڻ جهڙو قدم کڻڻ جي ضرورت نه پوي ها. تعليم ڪنهن به قوم جي ترقيءَ جو بنياد هوندي آهي. دنيا جون ترقي يافته قومون جنگين ۽ بحرانن جي باوجود تعليم جو سلسلو جاري رکنديون آهن، ڇو ته انهن کي خبر هوندي آهي ته تعليم رڪجي وئي ته قوم جي ترقي به رڪجي ويندي. افسوس جو اسان وٽ جڏهن به ڪو بحران اچي ٿو ته سڀ کان پهرين قرباني تعليم جي شعبي کي ڏيڻي پوي ٿي. ڪڏهن ڪورونا وبا جي نالي تي مهينن جا مهينا تعليمي ادارا بند رهيا ته ڪڏهن سيڪيورٽي خدشن ته ڪڏهن ٻيا انتظامي مسئلا. هاڻي وري توانائي بحران کي جواز بڻائي تعليمي ادارن جا در بند ڪيا پيا وڃن.