بلاگنئون

ايران تي مڙهيل جنگ جا نتيجا

ايران تي مڙھيل خونخوار جنگ کي اڄ پندرهون ڏينهن ٿيڻ وارو آهي. هن جنگ ايران جي رهبر سميت سڄي قيادت کي ماري ختم ڪري ڇڏيو آهي. ايران تي بدترين بمباري ٿي آهي. جنھن ۾ ايران جي قيادت کان وٺي معصوم ٻارڙن سميت هر طرح جو نقصان پهتو آهي، پر پوءِ  به ايران لڳاتار وڙهي رهيو آهي. هن آمريڪا جي ريڊار ۽ گلف عرب ملڪن ۾ آمريڪي اڏن کي نشانو بڻائي لانجهون ڪري وڌو آهي.

ايران اسرائيل تي ڪامياب حملا ڪري اسرائيل جي ناقابل شڪست هجڻ جي ڏند ڪٿا کي به ٽوڙيو آهي. هيستائين آمريڪي ھوائي فوج جا  F-15 جهاز ھٽ ٿي چڪا آهن. بحري ٻيڙي تي به حملي جا افواهه گردش ۾ آھن. نتيجي طور يو ايس ابراهم لنڪن کي گلف ريجن مان پوئتي ھٽڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي، جيڪو هاڻ هڪ هزار کان وڌيڪ ڪلو ميٽر پري ھندي وڏي سمنڊ م پنهنجا ڦٽ پيو چٽي. جڏھن ته  يو  ايس جيرالڊ فورڊ پڻ ريڊ سي ۾ بيٺل آهي جنھن جو شايد ٽوواليٽ سسٽم اڃان ٺيڪ ڪونه ٿيو آهي.  هيءَ جنگ ٽيڪنالاجيءَ جي جنگ آهي، ان ۾ آمريڪا پنهنجا ايف 15. ايف-35 بي ٽو 52 جهاز استعمال ڪيا آهن. جديد ترين ڊرون پڻ استعمال ڪيا آهن. ٻئي پاسي سندس انٽر سيپٽر  دفاعي نظام جنهن ۾  پيٽرياٽ ميزائل شڪن سسٽم، ٿاڊ سسٽم وغيره پڻ استعمال ٿيا آهن. ٽام هاڪ بمن بنڪر بسٽ بمن جو پڻ استعمال ٿيو آهي. هل پيٽرياٽ ميزائل چاليھه لک ڊالرن جو اچي ٿو. جڏهن ته ايران شاهد ڊرون، خيبر ۽ ٻين مقامي نالن سان سستن ڊرون ۽ ميزائلن سان مقابلو ڪيو آهي جنهن جو مثال شاهد ڊرون آهي جنھن جي قيمت ڏھ ھزار ڊالر ٿئي ٿي جنهن کي ڪيرائڻ لا۽ ٻه کان ٽي پيٽرياٽ آمريڪا کي فائر ڪرڻا پون ٿا. يوڪرين جي چار سال هلندڙ جنگ ۾ ٽوٽل ڇھه سئو پيٽرياٽ فائر ٿيا آهن. جڏهن ته ايران جنگ جي پهرين ٽن ڏينهن ۾ آمريڪا اٺ سئو پيٽرياٽ ميزائل فائر ڪري چڪو آهي. سو ايران جهڙو عالمي پابندين هيٺ آيل ملڪ دنيا جي ٻن بدمست هاٿين سان وڙهي رهيو آهي. يقينن سندس پويان روس ۽ چين مدد ۾ بيٺل آهن. اهي کيس ٽيڪنالاجي ۽ انٽيليجنس سروس پڻ فراهم ڪري رهيا آهن، پر عملي طور ميدان تي ايران اڪيلو وڙهي رهيو آهي. سڄي تباهي کي برداشت ڪري رهيو آهي. پهريون دفعو آمريڪا هي جنگ نيٽو فوج جي مدد کانسواءِ پيو وڙهي. سو آمريڪي اخلاقي طور، معاشي طور ڏينهون ڏينهن ڪمزور ۽ وائکو پيو ٿئي، ايران آبناءِ هرمز مان تيل رسد بند ڪري عالمي معيشت کي لوڏي ڇڏيو آهي.

ٻئي پاسي ايران گلف ملڪن جي غداري کي پڻ ظاهر ڪري ڇڏيو آهي، جن اندر اسرائيل جي سهولت ڪاري ڪئي پئي وڃي، جن صدام، قذافي،  اسد، عراق، لبيا ۽ شام کي تباھ ڪرڻ ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل جي حمايت ڪئي. انهن جي سر زمين تي آمريڪي ايسٽ کي تباھ ڪري هنن جا ھوش خطا ڪري ڇڏيا آهن. اسرائيل ۾ پهريون ڀيرو جيڪا تباهي ٿي آهي سا اڃان رپورٽ ئي ڪونه ٿي آهي، پر عالمي نشرياتي ادارا جيڪا رپورٽنگ پيا ڪن ان مان اندازو ٿئي ٿو ته اسرائيل کي هيل ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي. سڀ کان وڌيڪ ڳالهھ جيڪا هن جنگ ۾ ظاهر ٿي آهي سا آهي آمريڪي ٽيڪنالاجي جي هڪ ھٺي ٽٽڻ. چيني، روسي ۽ ايراني سستي ٽيڪنالاجي آمريڪي ۽ اسرائيل جي مهانگي ٽيڪنالاجيءَ کي مات ڏئي ثابت ڪيو آهي ته ايندڙ دور ۾ ان ٽيڪنالاجيءَ جو اهو دٻدٻو نه رهندو. هن جنگ جا ايندڙ وقت تي وڏا اثر ٿيندا. آمريڪا هن جنگ جي نتيجي ۾ هڪ وڏو هارائيندڙ ثابت ٿيو آهي. عالمي معيشت کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي. عرب ۽ گلف ملڪ دبئي جهڙا جيڪي ريت تي ماڙيون اڏيو ويٺا هئا تن کي ايندڙ وقت ۾ گهڻو ڪجهه ڏسڻو پوندو. ڏسجي ته اٺ ڪهڙي پاسي ٿو ويهي!! پر ايران همت جرئت ۽ حڪمت عملي سان آمريڪا جي نڪ ۾ نٿ وجهي ڇڏي آهي، هلندي جنگ ٽرمپ جو ڪلاڪ فون تي پيوٽن سان ڳالهائڻ ان ڳالهه جو دليل آهي. ٽرمپ جي نڙگهٽ ۾ هيءَ جنگ ڦاسي چڪي آهي، جنھن کي نه هو ڳهيو ٿو سگهي نه ڪو ٿڪيو ٿو سگهي. “تڪڙي ڪتي انڌا گلر ڄڻي” جي مثل، هيءَ تڪڙ ٽرمپ جي ڳلي ۾ پئجي وئي آهي. ايران آمريڪا جا نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن. تيل سٺ بيرل تان 120 بيرل تي پهتو وري ڪجهه گهٽيو آهي. سڄي دنيا جي اسٽاڪ ايڪسچينج اچي زمين تي ڦهڪو ڪيو آهي. گلف ملڪن ۾ امن ۽ سڪون وارو ماحول ڪونه رهيو آهي. جنگ ۾ بارود ۽ ڪيميائي هٿيارن جي استعمال سان ماحولياتي صورتحال وڌيڪ خراب ٿيندي. وار انڊسٽري ۾ وڌيڪ جديد هٿيارن جي ڊوڙ تيز ٿيندي. چيني ٽيڪنالاجي جي مارڪيٽ وسيع ٿيندي. مطلب ته جنگ هميشه تباهي آڻيندي آهي. سا هي جنگ پڻ سواءِ تباهي جي ٻيو ڪجهه به نه آهي. وقت جي ضرورت آهي ته يو اين اي کي فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي سگهه ۽ طاقت ڏني وڃي. اهو تڏھن ئي ممڪن آهي جڏهن آمريڪا جي جارحيت کي لغام اچي. اسرائيل ۽ ان جي پٺيان بيٺل قوتون ڪمزور ٿين يا انهن کي روڪيو وڃي. اهو تڏھن ئي ممڪن آهي جڏهن دنيا ڏاند جي هڪڙي سڱ تان لهي ٻن بلاڪن يا قوتن وٽ هجي.