بلاگنئون

پيٽرول جي ڦڙي ۾ قيد زماني جي ڪهاڻي!

زماني جا ڪجهه منظر اهڙا هوندا آهن، جيڪي ڏسڻ ۾ ته معمولي لڳندا آهن، پر انهن جي اندر هڪ وڏي ڪهاڻي لڪل هوندي آهي. شهر جي ڪنهن به مصروف چوڪ تي بيٺل پيٽرول پمپ، گاڏين جي ڊگهي قطار ۽ ماڻهن جا بيقرار چهرا، اهي سڀ جيتوڻيڪ جديد دور جي هڪ خاموش داستان جا ورق آهن. پيٽرول جي هڪ ڦڙي ۾ اڄ جو سڄو تمدن قيد آهي؛ اهو رڳو ڦڙو نه آهي، پر زماني جي معاشيات، سياست ۽ انساني بيچينيءَ جو عڪس آهي. ڪڏهن زماني جي قوتن جو مرڪز سون جا خزانا هوندا هئا، پوءِ صنعتن جا ڪارخانا بڻيا ۽ هاڻي تيل جا کوهه دنيا جي تقدير لکن ٿا. ڌرتيءَ جي پيٽ ۾ لڪل ڪاري پاڻياٺ تي اڄ سڄي دنيا جي سياست جا پاڇا پکڙيل آهن. اها عجيب ڳالهه آهي ته ڌرتيءَ جي اندرين اونداهيءَ مان نڪرندڙ اهو ڪارو گهاٽو مادو انسان جي شهرن کي روشني ڏئي ٿو، پر ساڳي وقت سندس زندگيءَ ۾ هڪ نئين قسم جي غلامي به پيدا ڪري ڇڏي ٿو. اسان جي سماج ۾ جڏهن پيٽرول جي قيمت وڌي ٿي، تڏهن اهو رڳو هڪ خبر نه هوندي آهي؛ اهو ته گويا زندگيءَ جي رفتار تي لڳل هڪ نئون ٽيڪس هوندو آهي. صبح جو مزدور جڏهن ڪم تي وڃڻ لاءِ رستو وٺي ٿو، تڏهن هن جي کيسي ۾ رکيل ڪجهه سڪا به ڄڻ ٿڪجي پون ٿا. ٽرانسپورٽ مهانگي ٿي وڃي ٿي، بازار جا اگهه بدلجي وڃن ٿا ۽ عام ماڻهوءَ جي روزمره جي زندگيءَ ۾ هڪ نئون بار شامل ٿي وڃي ٿو. اهو به هڪ الميو آهي ته پيٽرول جي قيمتن جو فيصلو گهڻو ڪري انهن ميزن تي ٿيندو آهي، جتي عام ماڻهوءَ جي آواز جي گونج به نه پهچندي آهي. عالمي مارڪيٽن جا انگ، ڪرنسيءَ جا لاها چاڙها ۽ پاليسين جا ڳوڙها حساب اهي سڀ گڏجي هڪ اهڙي ڪهاڻي لکن ٿا، جنهن جو انجام عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾ ظاهر ٿيندو آهي. ڄڻ ته ڪنهن پري شهر ۾ کنيل هڪ فيصلو، ڪنهن غريب مزدور جي چلهي جي باهه تي اثر انداز ٿي وڃي ٿو.

اسان جو ملڪ به هن عالمي راند جو هڪ ڪردار آهي. هتي جي معيشت گهڻو ڪري ٻاهران گهرايل تيل تي ڀاڙي ٿي. جڏهن عالمي مارڪيٽن ۾ مهانگائيءَ جي لهر اڀري ٿي، تڏهن ان جو ڇنڊو هتي جي بازارن تائين اچي پهچي ٿو، پر سوال اهو آهي ته ڇا هر ڀيري اسان جي قسمت اهڙي لهر جي رحم و ڪرم تي رهندي؟ ڇا اسان وٽ ڪو اهڙو تصور ناهي، جيڪو اسان کي هن دائري کان ٻاهر وٺي وڃي؟ دنيا جي ڪيترن سماجن اهو سوال گهڻو اڳ پڇي ڇڏيو آهي. انهن سج جي روشنيءَ ۾ توانائي ڳولهي آهي، هوا جي وهڪرن ۾ طاقت ڏٺي آهي ۽ پاڻيءَ جي روانيءَ مان نوان امڪان پيدا ڪيا آهن. اهي رستا شايد آهستي آهستي کولجن ٿا، پر اهي آزاديءَ جا در به کولين ٿا. ڇو ته جيڪو سماج پنهنجي توانائيءَ جا وسيلا پاڻ پيدا ڪري ٿو، اهوئي حقيقي معنيٰ ۾ خود مختيار ٿيندو آهي، پر اسان وٽ اڃان تائين ترقيءَ جو تصور گهڻو ڪري رفتار سان ڳنڍيل آهي. وڏيون شاهراهون، تيز رفتار گاڏيون ۽ روشنيءَ سان ڀريل شهر اهي سڀ ترقيءَ جا نشان سمجهيا وڃن ٿا، پر جيڪڏهن انهيءَ رفتار جي قيمت عام ماڻهوءَ جي سک ۽ سڪون سان ادا ٿئي ته پوءِ اها ترقي به ڪنهن سوال جيان لڳي ٿي. ڇو ته ترقي رڳو رفتار جو نالو نه آهي؛ ترقي انصاف ۽ توازن جو به نالو آهي. پيٽرول جي قيمتن جو مسئلو اسان کي هڪ گهري حقيقت ڏانهن وٺي وڃي ٿو. جديد تمدن جي بنيادن ۾ هڪ عجيب تضاد لڪل آهي. اسان ترقيءَ جا خواب ڏسون ٿا، پر انهن خوابن کي زنده رکڻ لاءِ اسان اهڙن وسيلن تي ڀاڙيون ٿا، جيڪي محدود به آهن ۽ سياسي مفادن جي ڄار ۾ به ڦاٿل آهن. اهوئي تضاد آهي، جيڪو وقت بوقت بحرانن جي صورت ۾ سامهون اچي ٿو ۽ پوءِ جڏهن ڪنهن شام جو پيٽرول پمپ تي اگهه بدلجڻ جو اعلان ٿئي ٿو، تڏهن اهو رڳو هڪ عدد جو بدلجڻ نه هوندو آهي؛ اهو گويا سماج جي هڪ نئين باب جي شروعات هوندي آهي. ماڻهن جي چهري تي هلڪي بيچيني، بازارن ۾ اگهن جو نئون حساب ۽ زندگيءَ جي رفتار ۾ هڪ نئون وزن اهي سڀ انهيءَ هڪ اعلان جا پاڇا هوندا آهن.

شايد انهيءَ ڪري پيٽرول جي هڪ ڦڙي کي رڳو قيمتي سمجهڻ وڏي سادگي هوندي. ان ڦڙي ۾ سياست جا پاڇا به آهن، معاشيات جا ڳوڙها حساب ڪتاب به آهن ۽ انسان جي مستقبل جا سوال به! جڏهن ڪوبه ماڻهو پنهنجي گاڏيءَ جو ٽينڪ ڀرائڻ لاءِ پمپ تي بيٺو هوندو آهي، تڏهن هو رڳو پيٽرول خريد نه ڪندو آهي؛ بلڪه هو ان زماني جي ڪهاڻيءَ جو حصو بڻجي ويندو آهي، جنهن ۾ ترقيءَ جا خواب به آهن ۽ حالتن جي تلخي به. پيٽرول جي اها مهڪ گويا اسان کي بار بار ياد ڏياريندي رهي ٿي ته معاشي پاليسيون صرف انگن اکرن جي راند نه آهن. انهن جي پٺيان لکين انسانن جون زندگيون، سندن خواب ۽ سندن روزمره جدوجهد لڪل هوندي آهي ۽ جڏهن به اگهه وڌن ٿا يا گهٽجن ٿا، تڏهن حقيقت ۾ اهو رڳو پيٽرول نه هوندو آهي جيڪو بدلجي ٿو؛ ان سان گڏ زندگيءَ جا ڪيترائي رنگ به بدلجي ويندا آهن.