“هيڏا هاڃان ٿين، ڀينر هن ڀنڀور ۾”، غيرت جي نالي هيٺ، سسئي پنهونءَ جي ڀنڀور جي پڌر ۾ ڪراچي جي ڪا ڪونج ماري وئي آھي. بهرحال هن پدر شاهي سماج ۾ سنڌ جي سونهن، سنڌ جي ڪونج مارڻ، انسانيت، قانون، دين، ڌرم، جا بَخيه، بي فڪر ٿي ٽوڙي ڇڏڻ، هاڻ گهڻن تڻن لاءِ آسان ٿي پيا آھن. ھن ڇڙواڳ جمهوريت ۾، وحشي کي اهڙي ناسوري غليظ عمل سبب، کيس سڀ پاسا با آسانيءَ سان ڦٻي وڃن ٿا. جڏھن ته شڪ، وهم گُمان جي بهانن جو خاتمو اڃان ٿي ناهي سگهيو. اهو سلسلو آخر ڪيستائين بي لغام جانور وانگر ائين پيو هلندو. وهم جو علاج ته جڳ مشهور ڏاهي، استاد حڪيم لقمان وٽ به نه هو، پر هن وحشي ڪا ٻي نه، پر پنهنجي اڳوڻي مڱ چيتنا ڪماري کي تحقيق، تصديق، تفتيش بنا ڪراچيءَ مان گهرائي ڀنڀور جي پڌر ۾ هڪ گهاٽي جهنگ ۾ ويساھ گهاتي سان پنهنجي قيد ڪڙول ۾ قابو ڪري بيدردي وچان، ان جي لڄالٽ ڪري پنهنجي مقصد جي حاصلات سان گڏ، کيس وحشي پڻي جو شڪار بڻائي قتل ڪري پنهنجو روح خوش ڪيو. سچ پچ وحشي جي اهڙي عمل سان هڪ قلمڪار جي جسم جا ستل وار به ڪانڊارجي پون ٿا، وحشي جنهن کي اِها خبر آھي يا ناهي ته منهنجي هن هڪ غليظ عمل سان سماج ۾ منهنجي لاءِ ڇا حقارت، نفرت، ڪاوڙ، ڪروڌ پيدا ٿيندو. هن وحشي جنهن، گهاتوئن جي شھر ڪراچي جي نه، پر سنڌ جي هڪ ڪونج جو قتل ڪيو آھي. هڪ ماڻھو جو قتل پوري انسانيت جي قتل ۾ شمار ٿئي ٿو، هن نه صرف پنهنجو وحشي پڻو ظاهر ڪيو آهي، پر هن هڪ معصوم ڪونج کان زندگي کسي ورتي آھي. سمجهه ۾ نٿو اچي ته ان قسم جا حيوان ۽ درنده صفت انسان اسان جي ارد گرد ڪيئن وڏا ٿي عام زندگيءَ ۾ پنهنجو حصو وجهن ٿا ۽ انهن جي اوسي پاسي رهندڙ ماڻهن کي انهن جي درندگيءَ جو احساس به نٿو ٿئي. هن وحشي نوجوان جي اهڙي عمل سان جمهوريت، قانون، امن، انسانيت، پيار، پريت، دين، ڌرم، جو ڪو قتل ٿيو آھي. هن واقعي سان ڀنڀور به لڄاري ٿي پيو آھي. انسان جي اندر جو ڀنڀور ڀُري ڀورَ ٿي پيو آھي، سنڌ جي هن ڪونج نياڻي چيتنا ڪماري جي بي گناھ قتل سان ڪائنات جو سارو ڀنڀور پڻ سندس لاءِ انصاف جو طلبگار آھي. اميد آهي ته هن معاملي جي مڪمل طور تي جاچ ڪئي ويندي ۽ ان قتل ۾ جيڪي به ڏوهاري ملوث آهن، انهن کي قانون جي ڪٽهري ۾ آڻي قانون مطابق سزا ڏني ويندي.