بلاگنئون

منشيات جو ڳڙھ بڻيل بدين ضلعو ۽ ايس ايس پي ڊاڪٽر سميع الله  سومرو مان عوام جون اميدون

ھن وقت منشيات سڄي سنڌ جو مسئلو بڻجي چڪو آھي. سنڌ جو ڪو اھڙو شھر، ڳوٺ، واھڻ، وستي نه  آھي جتي منشيات جو وڪرو نٿو ٿئي. سوشل ميڊيا تي ايندڙ خبرن موجب ھاڻ ته  قصو اتي وڃي پھتو آھي جو سنڌ جي ڪجھه ضلعن جي ايس ايس پيز تي اھي الزام لڳي رھيا آھن تھ منشيات جي ڊيلرن سان ھو خود ڊيل ڪن ٿا. ڪجھه ايس ايس پيز تي لڳندڙ اھڙن الزامن ۾ ڪيتري صداقت آھي ان حوالي سان جڏھن مون باريڪ بيني سان تحقيق ڪئي ته  اھڙن الزامن ۾ صداقت نظر آئي. ھاڻ جنھن ضلعن ۾ منشيات جي ڊيلرن سان خود ضلعي جو ڪماني ڊيل ڪندو تھ منشيات جي حوالي سان ان ضلعي جو ڇا ٿيندو ان جو اندازو ھر ساڃاهه وند لڳائي سگھي ٿو. حالت اھا آھي جو سموري سنڌ ۾ منشيا ھٽ جي وکر وانگر وڪرو ڪئي ٿي وڃي. جنھن ڪري مختلف نشن ۾ ٻار، نوجوان، پوڙھا ۽ عورتون اچي تباھه ٿي رھيا آھن. نشي جي ڪري ننڍا وڏا ڏوھه عروج تي آھن. ھاڻ ته  سنڌ ۾ منشيات جو وڪرو جھڙوڪ قانوني بڻجي ويو آھي. منشيات جي حوالي سان ڳالھه ڪبي ته  بدين ضلعو به  ٽاپ تي آھي، جتي ظفري، زيڊ-21، گٽڪو، مين پڙي ۽ ٻي جديد موت مار منشيات سان گڏ ھيروئن ۽ آئيس به  عام جام ھلي رھيو آھي. تازو ٽنڊو باگو مان آئيس جي حوالي سان ھڪ وڊيو وائرل ٿي آھي جنھن ۾ معصوم ٻار آئيس واپرائي رهيا آھن. ان وڊيو ۾ ڪيتري صداقت آھي ان حوالي سان ٽنڊو باگو جي ساڃاھه وند دوستن سان رابطي ۾ آھيان. آئيس واپرائيندڙ ٻارن جي اھا وڊيو پنھجي جاءِ تي، پر جيئن ته اسان لاءِ ساري سنڌ پرين جو پاڇو وانگر آھي. سڄي سنڌ ۾ رولاڪيون ڪندو رھان ٿو. صحافي تنظيم جي اڳواڻ ۽ تاريخي ماڳ مڪانن ۽ لطيف سائين جي پنڌ ۽ پيچرن جي تحقيق جي حوالي سان نھ صرف ثنڊو باگو سميت سڄي بدين ضلعي ۾ وڃڻ ٿئي ٿو، جتي مون منشيات ايئن وڪرو ٿيندي ڏٺي جھڙو ھٽ جو وکر وڪرو ٿيندو آھي. ساڃاھه وند دوستن ۽ ورڪنگ صحافي دوستن بدين ضلعي ۾ منشيات جي ھاڃن ۽ ان سان تباھه ٿيندڙ انساني زندگين ۽ معاشري جي بگاڙ بابت جڏھن ٻڌايو ته منهنجا لڱ ڪانڊارجي ويا. بدين ضلعي ۾ منشيات جو ڪاروبار ڪو نئون ڪونھي، ڪافي سالن کان ھلي ٿو ۽ ڏينھون ڏينھن وڌندو رھي ٿو. ھاڻ ته  منشيات جو ڪاروبار شھرن مان نڪري  ننڍن وڏن ڳوٺن واھڻن وستين تائين وڃي پھتو آھي. ضلعي بدين سميت سانگھڙ، حيدرآباد، مٽياري، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الھيار، ٺٽو، ڄامشورو، سجاول، گھوٽڪي، سکر، شڪارپور، لاڙڪاڻو، ڪنڌڪوٽ، شھدادڪوث، لاڙڪاڻو، نوشھروفيروز يا ڪراچي ھر ضلعي ۾ ايس ايس پي جي پاليسي ھلندي آھي، جيڪڏهن ايس ايس پي منشيات خلاف آھي ته  ضلعي ۾ منشيات بند، جيڪڏهن ايس ايس پي چاھي ٿو ته  منشيات ھلي ته ڊي ايس پيز ۽ ايس ايڇ اوز کي جرئت ڪونه ٿيندي ته  ھو منشيات فروشن خلاف ڪارروائي ڪن، پر جي ڪنھن ھمت يا جرئت ڪري ڪارروائي ڪئي ته انھي وقت لائين حاضر ھوندو. ڪافي منشيات فروشن جي سرپرستي ڪندڙ پوليس آفيسرن مان ڪافي آفيسر رٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ به اھو ڌنڌو ڪندا رهندا آهن. مون ڪجھه مھينا اڳ بدين جي بدلي ٿي ويل ايس ايس پي قمر رضا جسڪاڻي کي بدين ضلعي ۾ منشيات جي شھرن کان ڳوٺن تائين وڌيل ڪاروبار بابت عرض ڪيو ته جيڪڏهن منشيات بند ڪرائڻ اوھان جي وس ۾ ڪونھي تھ پوءِ گهٽ ۾ گهٽ آئيس ۽ هيروئن جو ڌنڌو بند ڪرايو، پر صاحب موصوف منشيات بند ڪونه ڪرائي سگھيو، پر پاڻ بدلي ٿي ويو ۽ خيرپورميرس مان ايس ايس پي ڊاڪٽر سميع الله سومرو کي بدين جو ايس ايس پي مقرر ڪيو ويو آھي. ڊاڪٽر سميع الله سومرو سان ڪافي سالن کان دعا سلام آھي. ڊاڪٽر سميع الله سومرو لکيل پڙھيل عوام دوست فرض شناس ايس ايس پي طور مشھور آھي، جتي به رھيو آھي پوليس کي عوام جو محافظ بنائڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس. بدين ضلعي جي ساڃاھه وندن کي اميد آھي ته  ڊاڪٽر سميع الله  سومرو بدين ضلعي ۾ نه صرف امن امان قائم رکڻ سان گڏ بدين ضلعي مان منشيات ختم ڪرائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪندو ۽ ماضي وانگر خلق خدا لاءِ آفيس جا در کولي ڇڏيندو. مختلف شھرن ۽ ڳوٺن ۾ کليل ڪچھريون ڪندو. بدين ضلعي جي پوليس کي عوام جو حقيقي محافظ بڻائيندو ۽ پوليس تي عوام جو اعتماد بحال ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ڪندو. ماضيءَ ۾ جتي بھ رھيو آھي ڏوھارين خلاف آپريشن ڪيا آھن. ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته ھي معصوم ٻارڙا ٽنڊوباگو جا آھن ۽ ھيءَ ويڊيو تيزيءَ سان سوشل ميڊيا تي وائرل ٿئي پئي. ٽنڊوباگو جا دوست رھنمائي ڪن ۽ آئيس جھڙي خطرناڪ نشي خلاف مھم هلائين ته جيئن معصوم زندگيون موت جي منهن مان بچي سگهن.