ايڊيٽوريلنئون

وچ اوڀر جي ڇڪتاڻ ۽ پاڪستان-چين اسٽرٽيجڪ ساٿ: عالمي سياست جو نئون رخ

وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي امن لاءِ سنجيده خدشا پيدا ڪري رهي آهي، جتي ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل وچ ۾ وڌندڙ تڪرار نه رڳو علائقي، پر پوري دنيا جي سياسي ۽ معاشي استحڪام تي اثرانداز ٿي رهيو آهي. هلندڙ جنگي صورتحال سبب تيل جي قيمتن ۾ واڌ، واپاري رستن ۾ خطرا ۽ عالمي معيشت ۾ بي يقيني جهڙا اثر نمايان ٿي رهيا آهن. اهڙي حساس وقت ۾ پاڪستان ۽ چين پاران گڏيل طور اسٽرٽيجڪ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو فيصلو هڪ اهم سفارتي اڳڀرائي طور ڏٺو وڃي ٿو، جيڪو نه رڳو ٻنهي ملڪن جي ويجهي لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿو، پر علائقي ۾ امن لاءِ سندن سنجيده ڪردار کي به ظاهر ڪري ٿو. پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا تاريخي طور “هر موسم جا دوست” طور سڃاتا وڃن ٿا. 1951ع ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام کان وٺي اڄ تائين ٻنهي ملڪن وچ ۾ اعتماد، تعاون ۽ گڏيل مفادن جي بنياد تي لاڳاپا مسلسل مضبوط ٿيندا رهيا آهن. خاص طور تي چين-پاڪستان اقتصادي راهداري (CPEC)  هن تعلق کي هڪ نئين معاشي ۽ اسٽرٽيجڪ سطح تي پهچايو آهي، جنهن ذريعي اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري سان پاڪستان جي توانائي، انفراسٽرڪچر ۽ واپار جي شعبن ۾ نمايان بهتري آئي آهي.

موجوده صورتحال ۾، جڏهن ايران سان لاڳاپيل بحران شدت اختيار ڪري رهيو آهي، پاڪستان ۽ چين جو گڏيل موقف انتهائي اهميت رکي ٿو. چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو اهو بيان، جنهن ۾ چيو ويو ته “چين ۽ پاڪستان هر حال ۾ اسٽرٽيجڪ ساٿي آهن”، ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ٻنهي ملڪن جي پاليسين ۾ گهري هم آهنگي موجود آهي. ايران جي حوالي سان گڏيل تعاون کي وڌائڻ جو فيصلو ظاهر ڪري ٿو ته ٻئي ملڪ علائقي ۾ استحڪام برقرار رکڻ لاءِ سرگرم ڪردار ادا ڪرڻ چاهين ٿا. چين هميشه عالمي تڪرارن ۾ متوازن ۽ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي. تازين حالتن ۾ به چين طرفان سڀني ڌرين، خاص طور آمريڪا ۽ اسرائيل، کي فوجي ڪارروائين کان پاسو ڪرڻ ۽ ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪرڻ جي اپيل عالمي امن لاءِ هڪ مثبت پيغام آهي. ساڳئي وقت، آبنائي هرمز جهڙي اهم سامونڊي رستي مان چيني جهازن جو محفوظ گذرڻ ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته چين پنهنجي معاشي مفادن جي تحفظ سان گڏ خطي ۾ استحڪام لاءِ به سنجيده آهي. هلندڙ جنگي ڇڪتاڻ جا اثر رڳو فوجي يا سياسي حدن تائين محدود ناهن، پر معاشي ۽ سماجي شعبن تي به گهرو اثر وجهي رهيا آهن. عالمي مارڪيٽن ۾ تيل ۽ گيس جي اگهن ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي، جيڪا هاڻي صرف اقتصادي نه پر جيو-پوليٽيڪل دٻاءُ جو اوزار به بڻجي چڪي آهي. ان جو سڌو اثر پاڪستان جهڙن ترقي پذير ملڪن تي پئجي رهيو آهي، جتي مهانگائي ۾ اضافو، ڪرنسي تي دٻاءُ ۽ درآمدي خرچن ۾ واڌ حڪومتن لاءِ نوان چئلينج پيدا ڪري رهيا آهن. ان کان علاوه، سامونڊي واپار، خاص طور آبنائي هرمز ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ خطري کي منهن ڏئي رهيو آهي، جيڪو عالمي سپلاءِ چين کي متاثر ڪري سگهي ٿو. پاڪستان جي لاءِ هي صورتحال هڪ اهم سفارتي امتحان پڻ آهي. هڪ طرف پاڪستان جا ايران سان پاڙيسري لاڳاپا آهن، ته ٻئي طرف سعودي عرب ۽ چين سان به گهرا اسٽرٽيجڪ ۽ معاشي تعلقات موجود آهن. اهڙي توازن کي برقرار رکڻ لاءِ پاڪستان کي انتهائي محتاط ۽ دانشمندانه پاليسي اختيار ڪرڻي پوندي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جو چين جو دورو به ان سلسلي ۾ هڪ اهم قدم آهي، جتي علائقائي صورتحال ۽ ٻه طرفن لاڳاپن تي ڳالهيون ٿي رهيون آهن. پاڪستان لاءِ ضروري آهي ته هو غيرجانبدار ۽ متوازن سفارتڪاري ذريعي سڀني ڌرين سان پنهنجا لاڳاپا برقرار رکي.

ماضي تي نظر وجهنداسين ته پاڪستان ۽ چين ڪيترن ئي اهم عالمي معاملن تي گڏيل موقف اختيار ڪيو آهي، جنهن ۾ گڏيل قومن ۾ هڪ ٻئي جي حمايت، دفاعي تعاون ۽ معاشي ترقيءَ جا منصوبا شامل آهن. اڄ جي دور ۾ جڏهن عالمي سياست تيزي سان تبديل ٿي رهي آهي، هاڻوڪو عالمي نظام هاڻي هڪ ملڪ جي بدران ڪيترن ئي طاقتن تي ٻڌل بڻجي رهيو آهي، جتي چين، روس ۽ علائقائي طاقتون وڌيڪ اثرانداز ٿي رهيون آهن. اهڙين حالتن ۾ اهڙا اسٽرٽيجڪ اتحاد وڌيڪ اهميت اختيار ڪري ويا آهن. خاص طور تي “بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئيٽو” تحت چين جي وڌندڙ اثر رسوخ سان پاڪستان جي اهميت به وڌي وئي آهي. تازن انگن اکرن موجب، چين پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري ساٿي آهي ۽ 2024ع تائين ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار جو مقدار 30 ارب ڊالرن کان وڌي چڪو آهي. ان کان علاوه، سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ صنعتي تعاون، زرعي ترقي ۽ ٽيڪنالاجي جي منتقلي تي ڌيان ڏنو پيو وڃي، جيڪو پاڪستان جي معيشت لاءِ هڪ نئين دور جو آغاز ثابت ٿي سگهي ٿو. هي صورتحال پاڪستان لاءِ چئلينج سان گڏ هڪ موقعو پڻ آهي، جتي هو علائقائي واپار ۽ ٽرانزٽ مرڪز طور پنهنجي حيثيت کي وڌيڪ مضبوط ڪري سگهي ٿو. آخر ۾، اهو چئي سگهجي ٿو ته وچ اوڀر جي ڇڪتاڻ جي پسمنظر ۾ پاڪستان ۽ چين جو اسٽرٽيجڪ تعاون نه صرف ٻنهي ملڪن جي مفادن لاءِ اهم آهي، پر اهو علائقي ۽ دنيا ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ به هڪ مثبت قدم آهي. بهرحال، اصل ڪاميابي تڏهن ممڪن ٿيندي، جڏهن وڏيون طاقتون سنجيدگي سان ڳالهين جو رستو اختيار ڪنديون ۽ تڪرارن کي سفارتڪاري ذريعي حل ڪنديون، جيئن عالمي سياست کي طاقت جي بجاءِ تعاون جي بنياد تي اڳتي وڌائي سگهجي.