بلاگنئون ڇا امِ رباب ۽ عوام، مائي جندو کان وڌيڪ ڪمزور آهن؟ April 1, 2026 Zahida Abro تاريخ 30 جنوري 2026 تي دادوءَ جي ماڊل ڪرمنل ڪورٽ 2018 واري مشھور ٽيڻن خونن جي ڪيس جو فيصلو ڏنو. سمورن اٺن جوابدارن کي 17 جنوري 2018ع ۾ ميھڙ ۾ مختيار چانڊيو، سندس والد ڪرم الله چانڊيو ۽ چاچي قابل چانڊيو جي قتل الزام کان آجو قرار ڏنو ويو. عدالت ۾ فيصلي جي ٻڌڻيءَ کانپوءِ ماٺار ڇانئجي وئي، پر عدالت کان ٻاھران فريادي جي وڪيل ۽ پنھنجي خاندان جو اڪيلو جيئرو آواز امِ رباب چانڊيو اوچي ڳاٽ بيٺل ھئي. سندس الفاظ فضا ۾ گونجيا: “منھنجا حوصلا بلند آھن، دنيا حيران آھي تھ سنڌ ۾ جاگيردارن کي قتل جو لائسنس ملي ويو آھي، آئون ان فيصلي جي خلاف ھاءِ ڪورٽ ۾ اپيل ڪنديس.” ھن وڌيڪ چيو تھ عوام اڳ ۾ ئي ضمير جي عدالت ۾ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آھي: “اسان ھي ڪيس عوام جي عدالت ۾ اڳ ۾ ئي کٽي چڪا آھيون.” اھا ھار نھ آھي اھا سنڌ جي لٽ ھاڻي زمين ۽ رت ھاڻي درياءَ جي وھڪرن ۾ گونجندڙ ھڪ اھڙي داستان جو نئون باب آھي جيڪو اسان کان سوال ڪري ٿو تھ ڇا امِ رباب ۽ اسان جو عوام مائي جندو کان وڌيڪ ھيڻو آھي؟”مائي جندو ڪير ھئي؟ 1942 ۾ ٽنڊي بھاول ۾ ڄاول ھڪ غريب ھارياڻي. 5 6 جون 1992 جي رات جو پاڪستان آرمي جي ھڪ دستي ميجر ارشد جميل جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ تي ڇاپو ھنيو، 9 بي ھٿيار ھارين کي اغوا ڪيو ويو ۽ کين ڀارتي ايجنٽ قرار ڏئي سنڌوءَ جي ڪناري گوليون ھڻي قتل ڪيو ويو. انھن 9 مان مائي جندو جا ٻھ پٽ بھادر ۽ منٺار ۽ ناٺي حاجي اڪرم بھ شامل ھئا. رياست جي طاقت سندن آڏو ھئي، ميڊيا منڊ ۾ خاموش رھيو، ڪا دانھن ڪا للڪار ڪانھ ھئي، پر مائي جندو ڪنڌ نھ نوايو، ھوءَ ملڪ جي سڀني کان طاقتور اداري جي سامھون صرف پنھنجن ڳوڙھن، دانھن ۽ ناقابل شڪست ارادي سان وڙھي. 1996 ۾ سندس ڌيئرن حاڪم زادي ۽ زيب النساءِ احتجاج طور پاڻ کي باھ ڏئي ساڙي طاقت جي دروازن تي پاڻ قربان ڪيو، جيئن حڪمران انصاف لاءِ مجبور ٿين. ٻئي نياڻيون شديد تڪليف ۾ گذاري ويون. سندن قرباني بي انصافي جي ڄار کي ڪمزور ڪيو، آرمي کي ميجر ارشد جميل تي ڪورٽ مارشل ڪرڻو پيو، آڪٽوبر 1996 ۾ کيس موت جي سزا ٻڌائي وئي. آرمي چيف ان جي تصديق ڪئي. صدر رحم جي درخواست رد ڪئي ۽ 28 آڪٽوبر 1996 تي جوابدار کي حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ ڦاھي چاڙھيو ويو. بعد ۾ سنڌ سرڪار مائي جندو کي زمين ۽ معاوضو ڏنو، پر نالي ماتر ۽ زمين پڻ بنجر، پر اھو واقعو طاقتور جي خلاف جوابداري جي علامت بڻجي ويو. مائي جندو سورھيائپ جو مثال بڻجي وئي. امان جندو اھا ماءُ جنھن جي آڏو رياست کي سيس نوائڻو پيو. سندس ڪھاڻي سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت ۾ محفوظ آھي تھ سڀ کان ڪمزور آواز بھ سچائي، اورچائي ۽ ھمت سان سڀني کان مضبوط ديوارن کي لوڏي سگهي ٿو.امِ رباب کي جيڪڏھن مائي جندو سان ڀيٽجي تھ 1999ع ۾ دادو ۾ ڄمندڙ ھڪ سورمي، جڏھن 2018 ۾ سندس دنيا اجاڙي وئي تھ ھوءَ قانون جي تعليم حاصل ڪري رھي ھئي. سندس پيءُ، ڏاڏي ۽ چاچي کي مبينا طور حڪمران پارٽي سان واڳيل جاگيردارن ھٿان ڌونئري ڏينھن ۾ گوليون ھڻي قتل ڪيو ويو. امِ رباب بھ ھمت نھ ھارائي. ھن قانون جي ترار ۽ احتجاج جو علم اڀو ڪيو. ھوءَ اگهاڙين پيرين سپريم ڪورٽ وئي. ٽرائل ڪورٽس ۾ اگهاڙين پيرين پيش ٿي. ھن 17 جنوري کي جاگيرداريت خلاف ڏھاڙو قرار ڏنو. ھن انقلاب جو سڏ ڏنو، جيڪو سندس شھيد خاندان ۽ جاگيرداري جي خلاف اٿندڙ ھر آواز کي ارپيل آھي. کيس موت جي ڌمڪين وارا خط مليا. انڊس ھاءِ وي تي مٿس حملا ڪيا ويا ۽ اٺن سالن تائين مقابلو ڪيائين، پر ھوءَ چوندي رھي تھ،“آئون پنھنجي رت جي آخري ڦڙي ۽ آخري ساھ تائين وڙھنديس.” اڄوڪو بريت وارو فيصلو ھڪ گهاءُ جيان آھي. سنڌ مٿان ڇانيل ڏھاڪا پراڻي جاگيرداري ۽ سياسي بي انصافي جي ڪتاب جو ھڪ نئون باب. طاقت، سياست ۽ بندوقن جي ايڪي سان ھڪ ڀيرو وري جوابدارن کي بچايو ويو، پر اڄ عدالت ٻاھران امِ رباب جي منھن ڏانھن ڏسو سندس ڳاث اوچو آھي، سندس پھھ پختو آھي، ھوءَ سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۽ ضرورت پئي تھ سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪرڻ جي تياري ڪري رھي آھي. ھوءَ ٿڪي نھ آھي، ورچي ڪانھ آھي.سوال آھي تھ ڇا امِ رباب ۽ سنڌ جو عوام مائي جندو کان بھ وڌيڪ ڪمزور آھي؟ اسان جي ڳوٺن توڙي شھرن جو جواب آھي تھ نھ. مائي جندو آرمي، رياست جي حتمي علامت جي خلاف ويڙھ ڪئي. امِ رباب شايد ان کان بھ وڌيڪ خطرناڪ دشمن سان جهيڙيو آھي. جاگيردار مافيا، جيڪا جمھوريت جو ماسڪ پھري اسيمبلين ۾ ويٺل آھي ۽ رياستي ادارن کي ڍال بڻائي رکيو اٿس. ٻنھي عورتن پنھنجا ويجها مائٽ ڪھايا، ٻنھي ان نظام کي منھن ڏنو جيڪو ھيڻن کي چيڀاٽڻ لاءِ جوڙيو ويو آھي، ٻنھي ٺاھ، سرچاءَ يا ماٺ کي قبول نھ ڪيو، ٻنھي ذاتي درد کي عوامي مھم ۾ بدلائي ڇڏيو. فرق ايترو آھي تھ مائي جندو جي جاکوڙ 1996 ۾ جوابدارن جي ڦاھي تي ختم ٿي، ام رباب جي جاکوڙ 2026 ۾ اڃان جاري آهي، پر سندن جذبو ساڳيو آھي. ھوءَ اڪيلي نھ آھي ھزارين سنڌ واسي، وڪيل، شاگرد، ھاري، پورھيت ۽ عورتن جون تنظيمون ساڻس گڏ آھن. سوشل ميڊيا، يوٽيوب ۽ روڊن تي سندس سڏن جا پڙاڏا آھن. اھا عوام جي عدالت جنھن جو ذڪر ھن اڄ ڪيو ان اڳ ۾ ئي ان نظام کي سزا ڏئي ڇڏي آھي، جيڪو وڏيرن جي حفاظت ڪري ٿو. ھيءَ اھا گهڙي آھي جڏھن سنڌ کي چونڊ ڪرڻ آھي تھ ڇا اسان اڄوڪي فيصلي کي انصاف جي قبر تي ھڪ ٻيو پٿر ٺھڻ ڏينداسين يا اسان امِ رباب سان بھ ايئن گڏجي بيھنداسين جيئن اسان جا اڳوڻا نسل مائي جندو سان بيٺل ھئا؟ مظلومن سان سندن خدا گڏ آھي، جيڪو ظالمن آڏو گوڏا نٿا کوڙي، امِ رباب اسان کي رستو ڏيکاريو آھي ھن غم کي بغاوت ۾ ۽ تڪليف کي تحريڪ ۾ بدلائي ڇڏيو آھي. بريت جو فيصلو پڄاڻي نھ آهي، ھاءِ ڪورٽ سپريم ڪورٽ ۽ تاريخ جي عدالت ۾ اڳين لڙائي جو ٻارڻ آھي.سنڌ جون نياڻيون ڪمزور رھيون آھن. مائي جندو جي جوش کان ويندي امِ رباب جي انصاف جي ڌر تتيءَ تي اگهاڙن پيرن پنڌ تائين انھن ھڪ ڪيڏارو لکيو آھي تھ ڪو بھ وڏيرو، سياسي ڍال، فيصلن ۾ ڪابھ اينگھه سچ کي سدائين لاءِ دفن نٿو ڪري سگهي، جاکوڙ جاري آھي، انصاف ڪو فيصلو نھ آھي، اھو ھڪ واعدو آھي، جنھن کي اسان کي پاڙڻو آھي. Post Views: 71