بلاگنئون

امِ رباب انصاف جي اوسيئڙي ۾ عدالت جا اٺ سال چڪر ڪيئن ڪاٽيا؟

گذريل ڏينهن ميهڙ واقعي جي فتويٰ ڏيڻ لاءِ دادو ۾ ڪرفيو لاڳو ڪندي عدالت اکيون بند ڪري اٺن سالن کان هلندڙ ڪيس جو فيصلو اٺن منٽن ۾ ٻڌائي انصاف جو جنازو ڪڍي ڇڏيو ۽ اٺن ئي جوابدارن کي ڪيس مان باعزت بري ڪري ڇڏيو. زي شعور ماڻهو عدالت جي اهڙي فيصلي بعد سوچي ٿو ته جيڪڏهن ائين ئي فيصلو ڏيڻو هو ته اٺ سال ضايع ڇو ڪيا؟ ڪرفيو واري صورتحال ڇو پيدا ڪئي ويئي؟ جيڪڏهن گهڙي پل عدالت جو فيصلو اکيون بند ڪري مڃي به وٺجي ته ڀلا امِ رباب جي والد، چاچي ۽ ڏاڏي کي آخر ڪنهن قتل ڪيو، اکين ڏٺن شاهدن جا بيان هڪ لهر جيان لڙهي ويا، ائين لڳو ڄڻ قتل ٿيا ئي ڪونه هئا، جنهن ڌيءَ جي اڳيان پنهنجي پيءُ، چاچي ۽ ڏاڏي جا لاش سامهون هجن اها ڪيئن تڙپي هوندي، انصاف لاءِ اٺ سال ڪيئن اوسيئڙو ڪيو هوندو؟ عدالت کي ذري جو به احساس نه ٿيو ان فيصلي بعد ماڻهن جو عدالت تان اعتماد ئي ختم ٿي ويو آهي. دادو جي ماڊل ڪرمنل ڪورٽ هاءِ پروفائل ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي، اٺ سالن جي قانوني جنگ کانپوءِ امِ رباب چانڊيو جي خاندان جي قتل ۾ ملوث سڀني اٺن جوابدارن کي آزاد ڪرڻ نهايت ڏکائيندڙ عمل آهي. آزاد ٿيل جوابدارن ۾ اقتداري ڌر پاڪستان پيپلز پارٽي جا اڳواڻ سردار احمد چانڊيو ۽ سندس ڀاءُ برهان خان چانڊيو، اڳوڻي ايس ايڇ او ڪريم چانڊيو، ستار چانڊيو، علي گوهر چانڊيو، مرتضيٰ چانڊيو، سڪندر چانڊيو ۽ ذوالفقار چانڊيو شامل هئا. فيصلي جي اعلان دوران عدالت اندر ۽ چوڌاري سخت سيڪيورٽي جا انتظام ڪيا ويا هئا. هي خوفناڪ واقعو 17 جنوري 2018 تي سنڌ جي شهر ميهڙ ۾ پيش آيو. جڏهن هٿياربند ماڻهن هڪ گهر تي حملو ڪري امِ رباب جي پيءُ، ڏاڏي ۽ هڪ چاچي کي قتل ڪري ڇڏيو. مارجي ويلن بابت اهو چيو پيو وڃي ته اهي هڪ ٻئي جا سياسي مخالف هئا. جيڪڏهن سياسي مخالف هئا ته ڪهڙي ڪتاب ۾ لکيل آهي ته مخالف کي گولين جو کاڄ بڻايو وڃي. مقتول خاندان جي مطابق، حملو مبينا طور تي ميهڙ جي هڪ قبائلي سردار، سردار احمد چانڊيو ۽ سندس پٽ جي حڪم تي ڪيو ويو هو. امِ رباب چانڊيو پنهنجي قتل ٿيل خاندان جي ميمبرن جي ڪيس جي پاڻ پيروي ڪري رهي هئي، جيتوڻيڪ رپورٽن موجب کيس موت جون ڌمڪيون ملي رهيون هيون. ڪيس 2021 ۾ ملڪ گير ڌيان حاصل ڪيو، جڏهن ننگي پيرين امِ رباب جي عدالت مان نڪرڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. ان وقت ميڊيا سان ڳالهائيندي، امِ رباب سنڌ حڪومت تي الزام لڳايو ته هو قتل جي ذميوارن کي تحفظ ڏئي رهي آهي، جنهن کانپوءِ سردارن کي وزارت تان هٽايو ويو ۽ جوابدارن جي حيثيت سان ڪورٽن ۾ ايندا رهيا. 30 مارچ 2026 تي دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ پاران ٻڌايل فيصلي هن سڄي داستان ۾ هڪ نئون موڙ آندو آهي، جتي قانوني طور تي جوابدار آزاد ٿي ويا آهن، پر سماجي ۽ فڪري طور تي جدوجهد جو شعلو اڃان به وڌيڪ ٻري پيو آهي.

امِ رباب چانڊيو جيڪا عدالت جي اڍنگهي رويي سبب نهايت ڏکوئيندڙ آهي جو اٺ سال مسلسل عدالت جا چڪر ڪاٽيندي ڪيس جي پيروي ڪندي رهي ۽ سردارن جي خوف ۾ ڪورٽ سڳوري اٺن منٽن ۾ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو ۽ ڪنهن تي به ڏوهه ثابت نه ٿيو ڄڻ واقعو ٿيو ئي نه هو. عدالتن مان انصاف ملڻ جي اميد تي يقين رکندڙ امِ رباب هاڻي خدا جي عدالت ۾ دانهيندي رهي ٿي. ڇو ته هن ملڪي نظام ۾ سرمائيدارن ۽ ظالمن کي هر ڏوهه ڪرڻ بعد آزاد ڪيو ويندو آهي. جڏهن ته مظلومن جي پڪار کان ڪن لاٽار ڪندي کيس مايوسيءَ جي ڌٻڻ ۾ اڇلايو ويندو آهي ۽ امِ رباب سان به ائين ئي ٿيو. بهرحال جڏهن سيشن ڪورٽ مان اهڙو فيصلو اچي ٿو جتي جوابدارن کي “بري” ڪيو وڃي ته قانوني طور تي معاملو اتي ختم ناهي ٿيندو. هاڻي سڄي اميد هاءِ ڪورٽ تي هوندي آهي. هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل (Appeal) جا ڪجهه اهڙا پهلو آهن جيڪي ڪيس جو رخ مٽائي سگهن ٿا:

(1) حقيقتن جو ٻيهر جائزو(Re-appreciation of Evidence) ​: سيشن ڪورٽ اڪثر ڪري “ٽيڪنيڪل” بنيادن تي فيصلو ڏيندي آهي، پر هاءِ ڪورٽ وٽ اهو اختيار آهي ته هوءَ سڄي ڪيس جي رڪارڊ، گواهن جي بيانن ۽ خاص طور تي ميڊيڪل رپورٽ کي ٻيهر پرکي. جيڪڏهن هاءِ ڪورٽ کي لڳي ٿو ته هيٺين عدالت ثبوتن کي سمجهڻ ۾ غلطي ڪئي آهي يا Misreading  ڪئي آهي ته هوءَ فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي سگهي ٿي. (2) ان ۾ CDR ۽ سائنسي ثبوتن جي اهميت: ​اڄڪلهه اعليٰ عدالتون (هاءِ ڪورٽس/سپريم ڪورٽ) جديد ثبوتن جهڙوڪ: CDR، Geofencing  ۽ Forensic  رپورٽن کي وڌيڪ اهميت ڏئي رهيون آهن. جيڪڏهن وڪيل صفائيءَ سان اهو ثابت ڪري سگهي ته جوابدارن جي لوڪيشن واقعي واري هنڌ هئي ۽ انهن جا پاڻ ۾ رابطا هئا ته هاءِ ڪورٽ ان کي Circumstantial Evidence طور قبول ڪري سگهي ٿي، جيڪو جوابدارن لاءِ مشڪل پيدا ڪري سگهي ٿو. (3) سرداري اثر ۽ شفافيت: ​سيشن ڪورٽ مقامي سطح تي هوندي آهي جتي سردارن جو اثر، پوليس تي دٻاءُ ۽ گواهن کي ڊيڄارڻ تمام آسان هوندو آهي. هاءِ ڪورٽ جو ماحول ۽ اتي جو پروسيجر وڌيڪ شفاف هوندو آهي. اتي “وڏيرا شاهي” جو سڌو اثر گهٽجي ويندو آهي، جنهن ڪري انصاف جي اميد وڌي ويندي آهي. (4) چارج فريم ۽ فني غلطيون: ​ڪڏهن ڪڏهن سيشن ڪورٽ ۾ پراسيڪيوشن  (سرڪاري وڪيل) يا پوليس ڄاڻي واڻي ڪيس ۾ اهڙيون خاميون ڇڏيندي آهي ته جيئن جوابدارن کي رستو ملي. هاءِ ڪورٽ انهن فني غلطين کي پڪڙي سگهي ٿي ۽ ڪيس کي ٻيهر ٻڌڻ  (Retrial) جو حڪم به ڏئي سگهي ٿي.

​​امِ رباب لاءِ هاڻي هاءِ ڪورٽ ۾Appeal against Acquittal (بري ٿيڻ خلاف اپيل) داخل ڪرڻ واحد رستو آهي. سنڌ جي قانوني تاريخ ۾ اهڙا ڪيترائي مثال آهن جتي هيٺين عدالتن مان بري ٿيل ماڻهن کي هاءِ ڪورٽ يا سپريم ڪورٽ سزائون ٻڌايون آهن. جهڙوڪ: شاهه رخ جتوئي ڪيس يا ٻيا هاءِ پروفائل ڪيس. ​ياد رکو قانوني جنگ صبر جو امتحان هوندي آهي. 6 سال سيشن ڪورٽ ۾ لڳا آهن ته هاءِ ڪورٽ ۾ به وقت لڳندو، پر جڏهن معاملو اعليٰ عدالتن ۾ وڃي ٿو ته اتي “سرداري رعب” کان وڌيڪ “قانون جي ڪتاب” جي اهميت هوندي آهي ۽ اميد آهي ته امِ رباب جو اڳيون قدم کيس ڪاميابيءَ سان همڪنار ڪندو، ان ڪري کيس مايوس ٿيڻ نه گهرجي. ڀل سندس جوابدار سڄي شهر ۾ گولين جي گونجار ڪري خوف ڦهلائي قلم 144 جي ڀڃڪڙي ڪندي جشن ملهائين، پر قانون جي هٿڪنڊي مان ڪڏهن به آزاد ٿي نه سگهندا.