ايڊيٽوريلنئون

فهميده لغاري سانحو: علم جا مرڪز آخر خوف جا اڏا ڇو بڻجي ويا؟

ميرپورخاص ۾ ميڊيڪل جي 21 سالن جي شاگردياڻي فهميده لغاري جي مبينه خودڪشي جو واقعو نه صرف هڪ خاندان لاءِ ناقابلِ برداشت الميو آهي، پر اهو سڄي سماج، خاص طور تي تعليمي ادارن لاءِ هڪ وڏو سواليه نشان بڻجي سامهون آيو آهي. هڪ ذهين، ٽاپر ۽ مستقبل جي ڊاڪٽر بڻجڻ جي خواهشمند نياڻي جو اهڙي ريت زندگيءَ جو خاتمو ڪرڻ، اسان جي نظام ۾ موجود خامين کي بي نقاب ڪري ٿو. ابتدائي رپورٽن موجب، فهميده لغاري کي مبينه طور ڪاليج جي ڪجهه استادن ۽ شاگردن طرفان حراسان ڪيو پئي ويو، جنهن ۾ بليڪ ميلنگ، ڌمڪيون ۽ سوشل ميڊيا تي جعلي اڪائونٽن ذريعي ڪردار ڪشي به شامل هئي. وارثن جو چوڻ آهي ته هنن بار بار ڪاليج انتظاميا کي شڪايتون ڪيون، پر کين انصاف نه مليو، بلڪه دٻاءُ وڌو ويو ته شڪايت واپس ورتي وڃي. جيڪڏهن اهي الزام صحيح ثابت ٿين ٿا، ته پوءِ اهو رڳو فردن جو قصور ناهي، پر هڪ ناڪام اداري ۽ غير ذميوار نظام جو چٽو ثبوت آهي. اسان جي تعليمي ادارن کي علم جا مرڪز سمجهيو ويندو آهي، جتي شاگردن کي نه رڳو تعليم، پر اخلاقي تربيت ۽ محفوظ ماحول به فراهم ڪيو وڃي ٿو، پر جڏهن اهي ئي ادارا حراسانی، ڌمڪين ۽ استحصال جا مرڪز بڻجي وڃن، ته پوءِ والدين پنهنجي نياڻين کي اعليٰ تعليم لاءِ ڪيئن موڪليندا؟

خاص طور تي ميڊيڪل جهڙن ادارن ۾ جتي شاگردن تي اڳ ئي ذهني دٻاءُ گهڻو هوندو آهي، اهڙي قسم جا واقعا انهن جي نفسياتي حالت کي وڌيڪ بگاڙي ڇڏين ٿا. هي واقعو ان ڳالهه جي به نشاندهي ڪري ٿو ته اسان وٽ حراسانی خلاف قانون ۽ پاليسيون ته موجود آهن، پر انهن تي عملدرآمد انتهائي ڪمزور آهي. ڪيترن ئي ادارن ۾ اينٽي هراسمنٽ ڪميٽيون صرف ڪاغذن تائين محدود آهن، جڏهن ته متاثر شاگرد يا شاگردياڻيون خوف، بدنامي يا مستقبل جي خدشن سبب آواز اٿارڻ کان ڪيٻائين ٿيون. نتيجي طور اهڙا واقعا وڌندا وڃن ٿا ۽ آخرڪار ڪنهن معصوم جي زندگي ختم ٿيڻ تائين پهچي وڃن ٿا. حڪومتي سطح تي، سنڌ جي وڏي وزير پاران واقعي جو نوٽيس وٺڻ ۽ صوبائي وزيرن طرفان متاثر خاندان سان همدردي جو اظهار يقيناً هڪ مثبت قدم آهي، پر صرف بيانن ۽ يقين ڏيارڻ سان مسئلا حل نٿا ٿين. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته جاچ شفاف، غير جانبدار ۽ تيز رفتار هجي، ۽ جيڪي به ذميوار هجن، انهن کي قانون موجب سخت سزا ڏني وڃي. جيڪڏهن هن ڪيس ۾ انصاف نه ٿيو، ته اهو ٻين اهڙن واقعن لاءِ به هڪ خطرناڪ مثال بڻجي سگهي ٿو. ان سان گڏ، تعليمي ادارن ۾ احتساب جو نظام مضبوط ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. هر ڪاليج ۽ يونيورسٽي ۾ فعال اينٽي هراسمينٽ سيل قائم ڪيا وڃن، جتي شاگرد بنا ڪنهن خوف جي شڪايت داخل ڪري سگهن. شڪايت ڪندڙ جي سڃاڻپ کي محفوظ رکڻ، ان کي قانوني ۽ نفسياتي مدد فراهم ڪرڻ، ۽ فوري ڪارروائي کي يقيني بڻايو وڃي.

والدين ۽ سماج جو ڪردار به هتي انتهائي اهم آهي. اسان کي پنهنجن ٻارن، خاص طور تي نياڻين سان ويجهڙائپ رکڻ گهرجي، انهن جي مسئلن کي سنجيدگي سان ٻڌڻ گهرجي، ۽ انهن کي اهو اعتماد ڏيڻ گهرجي ته هو ڪنهن به تڪليف ۾ اڪيلا ناهن. ساڳئي وقت، سماجي سطح تي به حراسانی جهڙن مسئلن خلاف شعور پيدا ڪرڻ ضروري آهي، جيئن اهڙين حرڪتن کي برداشت ڪرڻ بدران فوري طور تي روڪيو وڃي. ميرپورخاص جو هي سانحو صرف هڪ خبر نه، پر هڪ وارننگ آهي-اهڙي وارننگ، جيڪا اسان کي ٻڌائي ٿي ته جيڪڏهن اسان هاڻي به پنهنجي نظام کي درست نه ڪيو، ته اهڙيون قيمتي زندگيون ضايع ٿينديون رهنديون. هاڻي وقت آهي ته لفظن کان اڳتي وڌي عملي قدم کنيا وڃن، جيئن هر شاگرد، خاص طور تي هر نياڻي، پاڻ کي محفوظ محسوس ڪري سگهي ۽ پنهنجي خوابن کي بي خوف ٿي ساڀيان ڪري سگهي. فهميده لغاري جي موت کي صرف هڪ انگ يا خبر بڻجڻ نه ڏنو وڃي، پر ان کي تبديليءَ جو نقطو بڻايو وڃي-اهڙي تبديلي، جيڪا انصاف، تحفظ ۽ عزت کي يقيني بڻائي.