بلاگنئون

ايران ڏيھي دفاعي ٽيڪنالاجيءَ ۾ خود ڪفيل ڪيئن ٿيو؟

ڏکڻ اولهه ايشيا، عربي جزيره نما ۽ اتر آفريڪا تائين پکڙيل آھي، جن جون حدون وڏي پيماني تي 20 صدي جي نوآبادياتي معاهدن (جنھن کي سائڪس-پڪوٽ پلان به چيو وڃي ٿو) جي شڪل ۾ آهن. ٻي عالمي جنگ کانپوءِ  اسرائيل جو وجود ٿيو جيڪو آمريڪا ۽ برطانيا طرفان ڀرپور مالي، اخلاقي ۽ ٽيڪنيڪل  مدد ملڻ سبب ھڪ طاقتور ملڪ بڻجي اڀريو، جنھن زمين تي يھودين کي آباد ڪري اسرائيل ملڪ ٺاهيو ويو، اھا دراصل فلسطين جي سر زمين آھي. نتيجي طور فلسطينين ۽ يھودين ۾ ويڙھه جو ٿيڻ اڻٽر ھو. اسرائيل سان پھرين ويڙھه پنج عرب ملڪن (مصر، اردن، شام، عراق، لبنان) 1948 ۾ ڪئي. تنھن کانپوءِ ننڍي پئماني تي عرب ملڪن ۽ اسرائيل ۾ جھڙپون ته ٿينديون رھيون، پر ايران پھريون دفعو 1982 ڌاري اسرائيل جي خلاف لبنان جي حزب الله جي حمايت ۽ مدد ڪئي. ايئن ايران ۽ اسرائيل ۾  پراڪسي جنگ جو سلسلو شروع ٿيو. 1985 ۾ ايران فلسطيني گروپ  حماس جي مدد  شروع ڪئي ۽ اسرائيل به شام ۾ موجود ايراني فورسز ۽ ان  جي حمايتي شيعه گروپن مٿان حملا جاري رکيا. عربن ۽ اسرائيلين ۾ جنگين جو اھو سلسلو جاري رھيو. ٻئي طرف  اسرائيل جي مخالفت ۾ ايران فلسطيني ويڙھاڪ گروپن حماس  سان گڏ پي ايل او  جي حمايت جاري رکي. اسرائيل سمجھي پيو ته ايران مان سندن وجود کي خطرو آھي ۽ ان کي اسرائيلين جي نسل ڪشي جي نيت رکڻ جي برابر سمجھي پيو. اهو ئي سبب آھي جو يورپي ملڪ ۽ آمريڪا ھر وقت چون پيا ته اسرائيل کي پنھنجي تحفظ ڪرڻ جو حق آھي. جڏھن ته ايران جو موقف ھو ته فلسطين ھڪ رياست آھي يا فلسطين ۽ اسرائيل ٻه الڳ رياستون ھجن. ھڪ رياست جو مطلب ته ايران به  اسرائيل جو خاتمو پيو چاھي.

تنھنڪري اسرائيل ايران جي مٿان پابنديون لڳائڻ ۽ ملٽري چڙھائين  جي خواھش ڪئي. اسرائيل جي ان خواھش جي تڪميل لاءِ آمريڪا، يورپي يونين ۽ يونائيٽيڊ نيشنز طرفان انرجي، مالياتي ۽ ملٽري سيڪٽرز ۾ وڏي پئماني تي پابنديون لڳايون ويون، جن ۾ ٻاھران سامان گھرائڻ، خريداري، تيل ۽ گئس ۽ ٻيو ڪيميڪل سامان، ايراني بينڪن جا اثاثا منجمد ڪرڻ، مالياتي ڏيتي ليتي، ھٿيارن جي خريد و فروخت، نيو ڪليئر ۽ ميزائيل پروگرام، جھاز راني، سرڪاري عھديدار جي ملڪ کان ٻاھر وڃڻ  جھڙيون پابنديون شامل آھن. عالمي اداري UN آمريڪا، يورپي يونين  کان علاوه ٻين ملڪن به ايران تي اھڙيون پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون، اھو ان ڪري ھو ته جيئن ايران  نيوڪليئر ۽ ٻين جنگي ھٿيارن جي ٺاھڻ جي سگھه حاصل نه ڪري سگھي.  اسرائيل جي خواھش تي ايران تي پابنديون ته لڳي چڪيون، ايران به اھي پابنديون ختم ڪرائڻ لاءِ ڪوشش به ڪندو رھيو. انٽرنيشنل ائٽمڪ انرجي ايجنسي (IAEA) سان به ڀرپور تعاون ڪندو رھيو، پر آمريڪا جي اثر رسوخ جي ڪري پابنديون نه ھٽي سگھيون. ايران به  سمجھي چڪو ته جڏھن پابنديون نٿيون ھٽن ته ھڪ ڏينھن آمريڪا ۽ اسرائيل گڏجي ايران تي سڌو حملو ضرور ڪندا.  ان ڪري ايران جنگي ساز و سامان جي حصول لاءِ نيون حڪمت عمليون جوڙي ورتيون، جيئن ممڪن حملي کي منھن ڏئي سگھجي. ان لاءِ ٻين جنگي ساز و سامان خريد ڪرڻ سان گڏ ٽيڪنالاجي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. عام طور تي ھر  ملڪ چاھيندو آھي ته ڪوبه ٻيو ملڪ کانئن سامان خريد ڪري جيئن ججھو ناڻو ڪمائي سگھجي، پر ايران ان ڪوشش ۾ رھيو ته ٻين ملڪن تي ڀاڙڻ بجاءِ ٽيڪنالاجي خريد ڪري جنگي يا گھرو استعمال جون شيون ٺاھڻ لاءِ ٽيڪنالاجي خريد ڪجي. جنھن ۾ ھو ڪامياب ٿيو. جنھن ۾ ايران Reverse Engineering  ڪنھن ٺھيل شيءِ جي ساخت  کي سمجھڻ لاءِ ان کي پوري طرح کولي يا پرکي ان جھڙي ٻي شيءِ تيار ڪرڻ  جي اصول تحت تجزيو ڪرڻ، سامان جي اندروني پرزن جو ڪم، سافٽ ويئر ڊزائين، ڊاڪيومينٽس، ھڪ جھڙيون شيون ٺاھڻ ڪوڊ کي انسان جي سمجھڻ واري ڪوڊ ۾ تبديل ڪرڻ، اصل صورت ۾ آڻڻ، جوڙجڪ، ٽوڙڻ، کولڻ (Disassembling)  ختم ڪرڻ Decompiling  فارمولا ٺاھڻ شامل آھن. آخر ايران ڊوائيس، PCB ۽ ڪنٽرول ڪارڊس ٺاھڻ ۾ مھارت حاصل ڪري ورتي. انھن شين ٺاھڻ لاءِ خام مال ته ايران وٽ اڳ ۾ ئي موجود هو. ان لاءِ صنعتون ٺاھي پيداوار شروع ڪئي. ھن وقت ايرانReverse Engineering Technolgy  جي واڌاري ۾ خود ڪفيل ٿي چڪو آھي. اڄ ايران جي پاور ۽ ميزائيل ٽيڪنالاجي ڏيھي (Indigenous) آھي. جڏھن ته شروعاتي طور تي اھا ٽيڪنالاجي سوويت يونين، چائنا ۽ اتر ڪوريا کان گھرائي وئي. انھيءَ مقصد جي حصول لاءِ ايران شروعاتي طور ھڪ ماھر انجنيئرز تي مشتمل ھڪ جٿو  جوڙي ورتو، جن 1993 ۾  مختلف فرمن جھڙوڪ TAVANIR – IDRO -SABA  کي گڏ ڪري  ھڪ  جماعت (Conglomerate) جنھن کي بعد ۾ مئپنا (MAPNA GROUP)  جو نالو  ڏنو ويو. جنھن کي تيل ۽ گئس پاور سيڪٽرز ۾ گئس ۽ اسٽيم ٽربائينز، ٽربو ڪمپريسرز، ٽربائين بليڊز، وينز، پاور جنريٽرز، اسٽيم جنريٽرز، بجلي ۽ ڪنٽرول سسٽمز ٺاھڻ جون ذميواريون ڏنيون ويون. پاور سيڪٽر ۾ مئپنا گروپ 222 ميگا واٽ جي MGT-75  ايڊوانس ايف ۽ اي ڪلاس ٽربائين ٺاھڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ان سان گڏ گئس ٽربائين لاءِ گھربل سامان 90 سيڪڙو (پارٽس) بغير ڪنھن ٻاھرئين ملڪ جي مدد جي ايران ۾ ئي ٺھي  پيو. ايران جو شمار  دنيا جي  مک پنج گئس ٽربائينون ٺاھيندڙ مينو فيڪچررز  ۾ شامل آھي. تقريبن مئپنا گروپ جون پنھنجون ٺھيل ايف ڪلاس جون 15 ٽربائينون ايران ۾ آپريشنل آھن. ان کان علاوه ايران طرفان  رشيا ۾ سيمينز جرمني جي لڳل گئس ٽربائينز کي تبديل ڪرڻ لاءِ گئس ٽربائينون فراھم ڪيون آھن. تقريبن 2025 تائين ايران گئس ٽربائينون ٺاھڻ ۾ پاڻڀرو  ٿي چڪو آھي ۽ دنيا جي ٻين ملڪن کي پڻ فراھم ڪري پيو. مئپنا ايران جون ٺھيل V94.2 ماڊل جون 180  گئس ٽربائينون ايران جي شھرن ارميا، اصالوء، علياباد جي پاور پلانٽس تي لڳل آھن.  ان کان علاوه رشيا، شام ۽ عراق کي پڻ فراھم ڪيون ويون آھن. ايران جي ٽوٽل پاور جنريشن ڪئپسٽي 2024 تائين 92000 ميگاواٽ آھي. مئپنا ايران پاڪستان سميت دنيا جي ٻين ملڪن ٽيڪنيڪل سروسز جو خدمتون پڻ سرانجام ڏئي رھيو آھي. ان سلسلي ۾ 2010 ۾ 415MW   گڊو ٿرمل پاور پلانٽ جي بحالي جو ٺيڪو مليو، جتيSiemens V94.2   گئس ٽربائين لڳل آھن. منھنجي اتي I&C Engineer انسٽرومينٽ ۽ ڪنٽرول انجنيئر طور مقرري هئي 415MW  جي ڪيميڪل پلانٽ جو  ڪنٽرول سسٽم جو (Automation System) ھڪ مھينو کن ڪم نه پيو ڪري. ڪافي ڪوششن باوجود مسئلو حل نه ٿيو. 2012 ۾ مئپنا جا انجنيئر اتي آيل ھئا. مون انھن کي دورو ڪرايو ۽ مشورو ڪيو، جنھن تي ھنن ٻڌايو ته ساڳيو ئي سسٽم ايران ۾ لڳل آھي. واپس وڃي ڪجھه ڊاڪومينٽس ڏسي توھان کي ان جو حل ڳولھي ڏينداسين. ھڪ ھفتي کانپوءِ ھنن نشاندھي ڪئي ته انٽرفيس ڪنٽرول ماڊيول تبديل ڪرڻ سان مسئلو حل ٿي سگھي ٿو، جيڪو  تبديل ڪرڻ سان  مسئلو حل ٿي ويو.

مطلب ته ايرانين  پاور ٽيڪنالاجي ۾ وڏي مھارت حاصل ڪئي آھي. گئس ٽربائينس جي بحالي جو ڪم سخت  پابندين جي  باوجود 2016 ۾ مڪمل ڪيو ۽ گڊو ٿرمل جي پاور جنريشن ڪئپسٽي ۾ واڌارو ڪيو. ايران ميزائيل ٽيڪنالاجي ۾ به پاور ٽيڪنالاجي وانگر گذريل ٻن ڏھاڪن جي تجربن ۽ ارتقائي مرحلن مان گذرڻ  کانپوءِ رورس انجنيئرنگ جي اصول  تحت ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آھي. گھڻو وقت اڳ ايران سخت پابندين جي باوجود دنيا جي مختلف ملڪن جھڙوڪ: سوويت يونين، اتر ڪوريا، چائنا مان ميزائيل گھرائي انھن تي تجربا ڪيا ۽ پاڻ انھن جھڙا ميزائيل ٺاھيا. انھن تجربن لاءِ ايران ٽڙيل پکڙيل زير زمين ميزائيل شھر قائم ڪيا جيڪي  تھران، اصفھان، خرمشھر، سمنان ۽ ڪرمانشاھه جي جابلو علائقن جي حدن ۾ آھن، انھن تائين رسائي صرف ڳجھين سرنگهن جي ذريعي ئي ممڪن آھي. ھن وقت ايران ڪيترن ئي قسمن جا بيلسٽڪ، ڪروز  ميزائيل ۽ ڊرونز  ٺاھڻ جي صلاحيت رکي ٿو، جيڪي ھڪ دفعو فائر ٿيڻ کانپوءِ پنھنجي مقرر جڳھه کي نشانو بڻائين ٿا. بنيادي طرح ھي ميزائيل ۽ ڊرونز ايران جي اسلامڪ رووليوشنري گارڊز (IRGC) جي دستي پاران ٺاھڻ شروع ڪيا ويا. جنھن ۾  ويجھي، وچ واري ۽ پري واري  مار جا اھي فتح-110  فتح-1 شھاب-3  خرمشھر (خيبر)، 1500 کان 2000 ڪيميائي مادو  کڻي 2000-3000 ڪلو ميٽر تائين جي نشاني تي پھچي  ان کي تباھه ڪري سگھن ٿا. ان کان علاوه ايران سخت ٻارڻ وارا سيجل (Sejjil) خيبر شڪن ميزائيل به ٺاھڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هينئر ايران ميزائيل ٺاھڻ ۾ به ٻين ملڪن تي انحصار ڪرڻ بجاءِ  خود ڪفيل ٿي چڪو آھي. ايران جو نيوڪليئر پروگرام نيوڪليئر ريئڪٽر ٽيڪنالاجي جي واڌ ويجھه لاءِ مختلف تجربن ۽ مرحلن مان گذري پيو. جنھن جو دارومدار رشين نيوڪليئر ٽيڪنالاجي جي ھلندڙ پاور پلانٽ تي آھي. ايران 360MW   جي صلاحيت جو IR-360  ھلڪي واٽر ريئڪٽر جو خزستان صوبي ۾ ايرانين ڊزائينڊ ھلڪي واٽر ريئڪٽر جو نيوڪليئر پاور پلانٽ لڳائي پيو.

ائٽمڪ آرگنائيزيشن ايران فيبروري 2024 ۾ ھرمزگان صوبي جي ميناب ۽ سرڪ شھرن جي ڀرسان ھرمز نيوڪليئر پاور پلانٽ تي ڪم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ھو. ان کان علاوه بجلي جي پيداوار لاءِ سمال ماڊيولر ريئڪٽرز جي واڌ ويجھه تي پڻ ڪم ڪري رھيو آھي. ھڪ ھزار ميگا واٽ جو بوشھر نيوڪليئر پاور پلانٽ-1 مڪمل رشين ٽيڪنالاجي جو 2011 کان آپريشنل آھي. يونٽ نمبر  2 ۽ 3 رشيا جي پارٽنرشپ سان 2019 کان زير تعمير آھن، جيڪو 2029 ۾ مڪمل ٿيڻو آھي. فردو فيول انرچمينٽ پلانٽ (FFEP) ھڪ مضبوط ايرانين جي سھولتڪاري  آھي، جيڪو قم شھر ڀرسان جبلن جي اندر  100 ميٽر زير زمين آھي. ھي ايران جي نيوڪليئر پروگرام لاءِ مرڪزي حيثيت رکي ٿو، جنھن ۾ 3000 سينٽري فيوجز  يورينيم جو 60 سيڪڙو صفائي سان  افسوده ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. اھا جڳھه خاص طرح ملٽري حملن کان بچاءُ لاءِ منتخب ڪئي وئي. رپورٽن موجب ھن پروجيڪٽ کي جون 2025 ۾ آمريڪا B-2 اسپرٽ اسٽيلٿ بمبارن ۽ GBU-57 Massive Ordnance Penetrators بنڪر بسٽر جي حملن ذريعي تمام گھڻو نقصان رسايو  آھي. نطنز نيوڪليئر فيسيلٽي به يورينيم کي افزوده ڪرڻ لاءِ 25 فوٽ ٿلھي  ڪانڪريٽ شيلڊ  جي زير زمين فيسيلٽي آھي. ان لاءِ گئس سينٽري فيوجز  ممڪنه ھوائي حملن کان بچڻ لاءِ زير زمين 130 کان 160 فوٽ ٺاھيل آھي. اھا پھريون دفعو سال 2002 ۾ ايران جي پيپلز مجاھدين طرفان ظاھر ڪئي وئي ۽ بين الاقومي ائٽمڪ انرجي ايجنسي  IAEA نگراني ھيٺ آھي. جون 2025 ۾ اسرائيلي ايئرفورس  ۽ آمريڪي B-2 بمبار اسپرٽ جي حملي  ۾ ھن کي جزوي طور نقصان پھتو.

اصفھان نيوڪليئر ٽيڪنالاجي سينٽر ايران جو وڏي ۾ وڏو سائنٽيفڪ سينٽر آھي. ھن جي ٽيڪنالاجي زياده تر چائنا جي آھي ۽ يورينيم ڪنورجن فيسيلٽي (USF) طور استعمال ٿئي پئي. ھن جي صلاحيت   10 ميگا واٽ آھي. ان جي ڪجھه حصي جو معائنو يو اين او جي ائٽمڪ انرجي ايجنسي طرفان ڪيو ويو. ھن سينٽر تي گريفائيٽ سب ڪرٽيڪل ريئڪٽر  (GSCR) ۽ منيئچر نيوٽران سورس ريئڪٽر تي تحقيقي ڪم ڪيو وڃي پيو. فيبروري 28 کان ھلندڙ جنگ ۾ به ھن ٽنھي سينٽرس يعني فردو، نطنز ۽ اصفھان تي به آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان حملا ڪيا ويا آھن جن ۾ ڪافي نقصان ته ٿيو آھي، پر ايران جي اختيارين پاران ٻڌايو پيو وڃي ته مک فيسيلٽي کي ڪو نقصان نه پھتو آھي.