ڏکڻ اولهه ايشيا، عربي جزيره نما ۽ اتر آفريڪا تائين پکڙيل آھي، جن جون حدون وڏي پيماني تي 20 صدي جي نوآبادياتي معاهدن (جنھن کي سائڪس-پڪوٽ پلان به چيو وڃي ٿو) جي شڪل ۾ آهن. ٻي عالمي جنگ کانپوءِ اسرائيل جو وجود ٿيو جيڪو آمريڪا ۽ برطانيا طرفان ڀرپور مالي، اخلاقي ۽ ٽيڪنيڪل مدد ملڻ سبب ھڪ طاقتور ملڪ بڻجي اڀريو، جنھن زمين تي يھودين کي آباد ڪري اسرائيل ملڪ ٺاهيو ويو، اھا دراصل فلسطين جي سر زمين آھي. نتيجي طور فلسطينين ۽ يھودين ۾ ويڙھه جو ٿيڻ اڻٽر ھو. اسرائيل سان پھرين ويڙھه پنج عرب ملڪن (مصر، اردن، شام، عراق، لبنان) 1948 ۾ ڪئي. تنھن کانپوءِ ننڍي پئماني تي عرب ملڪن ۽ اسرائيل ۾ جھڙپون ته ٿينديون رھيون، پر ايران پھريون دفعو 1982 ڌاري اسرائيل جي خلاف لبنان جي حزب الله جي حمايت ۽ مدد ڪئي. ايئن ايران ۽ اسرائيل ۾ پراڪسي جنگ جو سلسلو شروع ٿيو. 1985 ۾ ايران فلسطيني گروپ حماس جي مدد شروع ڪئي ۽ اسرائيل به شام ۾ موجود ايراني فورسز ۽ ان جي حمايتي شيعه گروپن مٿان حملا جاري رکيا. عربن ۽ اسرائيلين ۾ جنگين جو اھو سلسلو جاري رھيو. ٻئي طرف اسرائيل جي مخالفت ۾ ايران فلسطيني ويڙھاڪ گروپن حماس سان گڏ پي ايل او جي حمايت جاري رکي. اسرائيل سمجھي پيو ته ايران مان سندن وجود کي خطرو آھي ۽ ان کي اسرائيلين جي نسل ڪشي جي نيت رکڻ جي برابر سمجھي پيو. اهو ئي سبب آھي جو يورپي ملڪ ۽ آمريڪا ھر وقت چون پيا ته اسرائيل کي پنھنجي تحفظ ڪرڻ جو حق آھي. جڏھن ته ايران جو موقف ھو ته فلسطين ھڪ رياست آھي يا فلسطين ۽ اسرائيل ٻه الڳ رياستون ھجن. ھڪ رياست جو مطلب ته ايران به اسرائيل جو خاتمو پيو چاھي.