هن ڌرتيءَ کي هميشه محبت، همدردي، ڀائيچاري ۽ انسانيت جي علامت سمجهيو ويندو رهيو آهي، پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اڄ اها ئي ڌرتي ظلم، ناانصافي ۽ استحصال جي ور چڙهيل نظر اچي ٿي. اڄ سماج ۾ سڀ کان وڏو فرق دولت، طاقت ۽ اثر رسوخ جو بڻجي چڪو آهي، جنهن عام انسان کي بيوس ۽ لاچار بڻائي ڇڏيو آهي. اڄ اسان جو سماج واضح طور ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو آهي. هڪ پاسي بااثر خاص ماڻهو آهن، جيڪي سياست، بيوروڪريسي، ڪاروبار، عدليه ۽ ميڊيا تائين رسائي رکن ٿا ۽ ٻئي پاسي عام ماڻهو آهن، جيڪي محنت ڪري به پنهنجن بنيادي حقن کان محروم آهن. اهي عام ماڻهو، جيڪي ڏينهن رات محنت ڪن ٿا، پر پوءِ به انصاف، روزگار ۽ تحفظ کان پري آهن. هن فرق جي بنياد تي ملڪ ۾ هڪ اهڙو نظام قائم ٿي چڪو آهي، جتي قانون ڪتابن ۾ ته موجود آهي، پر عملي طور اثر رسوخ سڀ کان وڏو قانون بڻجي ويو آهي. جن وٽ سفارش، واسطا ۽ فون ڪال جي طاقت آهي، انهن لاءِ هر در بند آهي. جن وٽ ڪجهه به ناهي، انهن لاءِ قانون به سزا بڻجي ويو آهي. رياستي ادارا، جيڪي عوام جي خدمت لاءِ قائم ڪيا ويا هئا، اڄ پنهنجي اصل مقصد کان هٽي چڪا آهن. اڄ هر کاتي، هر آفيس ۽ هر اداري ۾ فيصلا ضمير ۽ قانون بدران خاص ماڻهن جي مرضي سان ٿين ٿا. حڪم سرڪاري فائلن مان نه، پر ذاتي ملاقاتن ۽ فون ڪالن مان نڪرندا آهن. اهڙي صورتحال ۾ ادارا پنهنجي خودمختياري وڃائي ويٺا آهن ۽ عملي طور مفلوج بڻجي چڪا آهن.