بلاگنئون

اسلام آباد امن مذاڪرات-مستقل جنگبندي معاهدي لاءِ هڪ سنگ ميل؟ 

ڪالھه تائين پوري دنيا جون نگاهون آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ اسلام آباد مذاڪرات تي کتل هيون. هي اسلام آباد جي تاريخ جو هڪ تمام وڏو ايونٽ ھو، جيڪو پوري دنيا لاءِ اهميت جو حامل آهي. 28 فيبروري تي آمريڪا ۽ اسرائيل پاران ايران تي حملا شروع ڪيا ويا. جواب ۾ ايران اسرائيل جي ڪيترن ئي شهرن ۽ علائقن تي ميزائل داغيا ۽ ڊرون حملا ڪيا. ان سان گڏوگڏ خليج جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ موجود آمريڪي اڏن تي به حملا ڪيا ويا، جن ۾ سعودي عرب، قطر، متحده عرب امارات، بحرين، عراق ۽ ڪوويت به شامل آهن. جيئن جيئن جنگ طول پڪڙيندي وئي، ملٽري کانسواءِ اسٽريٽيجڪ ماڳ، معاشي اهميت جا ٽارگيٽ، سول انفرااسٽرڪچر ۽ ملڪيتون به حملن جي زد ۾ آيون، جنهن ڪري انساني المين ۾ اضافو ٿيندو ويو. آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملن جي جواب ۾ ايران پوري دنيا لاءِ ڪليدي اهميت رکندڙ “آبنائي هرمز” کي بند ڪري ڇڏيو ۽ صرف محدود ملڪن جي جهازن کي گذرڻ جي اجازت ڏني. جنهن ڪري تقريبن 20,000 جهاز خليج ۾ ڦاسي پيا. ان جي ڪري پوري دنيا ۾ تيل جي رسد متاثر ٿي. تيل جي کوٽ سبب قيمتون تمام گهڻيون وڌي ويون ۽ ترقي يافته ملڪن سان گڏ باقي ملڪن ۾ به مهانگائيءَ جو طوفان اچي ويو. دنيا جي معيشت تي هڪ تمام وڏو اثر پيو، گروٿ سلوڊائون ٿي وئي وغيره.

يورپي ملڪن، برطانيه، روس ۽ چين سميت ڪيترائي ملڪ امن ڪرائڻ جي ڪوششن ۾ مصروف ٿي ويا. پاڪستان کي معاشي چيلنجن کانسواءِ، جنگ ۾ ڌر بڻجڻ کان وٺي ملڪ ۾ شيعه برادريءَ جي هڪ وڏي تعداد سبب اندروني بي چينيءَ جو به خدشو هو. ان سان گڏوگڏ تمام اهم ايڊوانٽيجز به آهن، جهڙوڪ: ايران جو هڪ اهم پاڙيسري ملڪ هجڻ ۽ گذريل سال جي تلخيءَ باوجود سٺن لاڳاپن جو قائم رهڻ. ٻئي طرف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حڪومت سان وزيراعظم شهباز شريف جي حڪومت ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جي ويجهڙائي ۽ خصوصي لاڳاپن جو هجڻ. ان ڪري تمام دنيا جي ملڪن جون نظرون پاڪستان تي ڄمي ويون. پاڪستان پهرين ڏينهن کان امن جي ڪوششن ۾ مصروفِ عمل ٿي ويو. ايران ۽ عرب ملڪن کانسواءِ آمريڪي عملدارن سان هنگامي رابطا ڪيا ويا. بالآخر چاليهن ڏينهن جي شديد جنگ کانپوءِ چين سان ملي ڪري صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ايران کي ٻن هفتن جي عارضي جنگبنديءَ لاءِ قائل ڪيو ويو ۽ اسلام آباد ۾ ڌرين کي امن مذاڪرات لاءِ راضي ڪيو ويو. صدر ٽرمپ گذريل اڱاري جي رات هاڻوڪي عارضي جنگبندي ۽ اسلام آباد ۾ مذاڪرات ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو ۽ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. ٻئي طرف ايران به جنگبنديءَ جي حمايت ڪئي ۽ امن مذاڪرات ۾ شامل ٿيڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي. ڌرين جي وچ ۾ ڇنڇر جي ڏينهن امن مذاڪرات شروع ٿيڻ جو طئي ٿيو ۽ مذاڪرات لاءِ اسلام آباد جي چونڊ ڪئي وئي. اهڙي طرح اسلام آباد پوري دنيا جي ملڪن جي توجھه جو مرڪز بڻجي ويو. جمعي جي ڏينهن کان ڌرين جي وفدن جي آمد شروع ٿي ۽ ڇنڇر جي ڏينهن پاڪستان جي ميزبانيءَ ۾ باقاعدي طور آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ سڌي ريت تاريخي مذاڪرات جو آغاز ٿيو.

جنگ جي مستقل خاتمي لاءِ ايران آمريڪا کي ڏهن نقطن تي مشتمل پلان پيش ڪيو آهي. ان کان اڳ آمريڪا ايران کي پندرهن نقطن تي مشتمل پلان ڏنو هو جيڪو ايران رد ڪري ڇڏيو هو. ايران جي امن پلان تي آمريڪي حڪومت غور ڪري ان کي مذاڪرات جي بنياد طور اهم قرار ڏنو آهي.

امن مذاڪرات ۾ سڀ کان اهم ۽ هنگامي نوعيت جا ٻه معاملا آهن:

(هڪ) جنگبنديءَ جي ٻئي ڏينهن ئي اسرائيل لبنان تي هڪ تمام وڏو حملو ڪري ڏنو، جنهن ۾ لبنان اندر تمام گهڻو جاني نقصان ٿيو. پوري دنيا ۾ اسرائيل جي اهڙي عمل تي سخت رد عمل ظاهر ڪيو ويو ۽ سخت تنقيد ڪئي وئي. ايران سخت احتجاج ڪندي خبردار ڪيو ته آمريڪا پاران اسرائيل جي اهڙي عمل کي روڪيو وڃي ورنه مذاڪرات جو عمل متاثر ٿيندو. اسرائيل جو چوڻ هو ته لبنان جنگبنديءَ جي پلان ۾ شامل ناهي ۽ جيستائين حزب الله کان هٿيار نٿا ورتا وڃن ۽ اسرائيل کي انهن مان خطرا موجود رهندا، تيسين مٿن حملا جاري رکيا ويندا. اهڙي طرح اسرائيل هڪ نئون تڪرار کڙو ڪري ڇڏيو. لبنان جو معاملو جيڪو ايران ۽ آمريڪا جي امن پلان ۾ شامل نه هو، اسلام آباد مذاڪرات ۾ هڪ وڏي تڪرار طور شامل ٿي ويو. لڳي ائين ٿو ته اسرائيل اهڙو عمل ڄاڻي واڻي ڪيو آهي، ورنه ايران سان صلح جي صورت ۾ حزب الله جا اسرائيل تي وار جاري رهي سگهيا ٿي، جيڪڏهن امن حل ۾ لبنان ۽ حزب الله تي ڪا پابندي نٿي لڳائي وڃي. هاڻي صورتحال هيءَ بڻجي وئي آهي ته لبنان به امن حل ۾ شامل ٿي ويندو ۽ تشڪيل پائيندڙ امن معاهدي ۾ اسرائيل ۽ حزب الله جي وچ ۾ جنگبنديءَ لاءِ به ڪا صورت ڪڍي ويندي.

(ٻيو) فوري ۽ اهم مسئلو آبنائي هرمز جي کلڻ جو آهي. ايران آبنائي هرمز کولڻ لاءِ راضي آهي، پر هو آبنائي هرمز تي پنهنجو ڪنٽرول چاهي ٿو ۽ هر گذرندڙ جهاز تي ٽيڪس مڙهڻ چاهي ٿو. ٻئي طرف آمريڪا آبنائي هرمز کي هر طرح جي اچ وڃ لاءِ فري ۽ بغير ڪنهن رڪاوٽ جي چاهي ٿو. هي معاملو حل ڪرڻ سولو ناهي. ايران طرفان هي هڪ تمام وڏو پريشر پوائنٽ آهي، جنهن جي بدلي ۾ ايران پنهنجا ٻيا مطالبا حل ڪرائڻ چاهيندو. مثال طور: ايران جو چوڻ آهي ته سندس جوهري پروگرام تان پابنديون ختم ڪيون وڃن، ٻين مطالبن ۾ معاشي پابندين جو خاتمو، ايران خلاف گڏيل قومن ۽ ٻين بين الاقوامي ادارن جي قراردادن جو خاتمو، ايران جا منجمد اثاثا واپس ايران حوالي ڪرڻ ۽ ايران خلاف مستقبل ۾ حملا نه ڪرڻ جي خاطري يا ڪمٽمينٽ شامل آهن. ايران مطابق سندس 120 ارب ڊالرن جا اثاثا مختلف پابندين سبب منجمد آهن. هي هڪ تمام وڏي رقم آهي، جنهن جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته آءِ ايم ايف کان هڪ يا ٻه ارب ڊالر وٺڻ لاءِ پاڪستان جي هر حڪومت سخت کان سخت فيصلا ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندي آهي. آمريڪا پاران ايران جي ايٽمي پروگرام کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ کانسواءِ ڪنهن به صورت ۾ راضي نه ٿيڻ جو بار بار اشارو ڏنو ويو آهي. صدر ڊونلڊ ٽرمپ ان کي پنهنجي “ريڊ لائين” قرار ڏئي چڪو آهي. هو چوي ٿو ته ايران جوهري هٿيار ٺاهڻ جو پروگرام ختم ڪري ۽ (آمريڪا ۽ اسرائيل جي بقول) انڊسٽريل گريڊ جي يورينيم جي افزودگي بند ڪري ۽ ان گريڊ تائين افزوده ٿيل مواد آمريڪا حوالي ڪري. ايران بهرحال ڪيترائي ڀيرا واضح ڪيو آهي ته سندس اهڙو ڪوبه پروگرام ناهي. هن معاملي کي ظاهر آهي حل ڪرڻ آسان ناهي. ايران جا باقي مطالبا ۽ معاملا وڏي حد تائين ايران جي جوهري ۽ ميزائل ڊولپمينٽ پروگرام سان منسلڪ آهن. جيستائين ان تي ڪو سمجهوتو نٿو ٿئي، باقي معاملا به التوا ۾ رهندا.

اسلام آباد امن مذاڪرات مان ٻن ڏينهن جي مختصر عرصي ۾ سڀني تڪرارن جي حل جي اميد رکڻ غير حقيقي هوندو. البته فوري مسئلا جهڙوڪ: آمريڪا-ايران ۽ گڏوگڏ لبنان/حزب الله ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگبندي ۽ آبنائي هرمز جي کلڻ جي قوي اميد ھئي. باقي معاملن کي حل ڪرڻ لاءِ امن عمل کي جاري رکڻ تي يا نسبتن هلڪن شرطن تي ايران کي آبنائي هرمز کولڻ تي راضي ڪرڻ. باقي معاملن جو حل تلاش ڪرڻ ۽ مستقل جنگبنديءَ لاءِ امن مذاڪرات جاري رهڻ جي اميد هئي. اڳتي هلي مستقل جنگبندي جو معاهدو ٿيڻ جو رستو. هن اسلام آباد مذاڪرات ذريعي نڪرڻ جي به اميد هئي جيڪو ڪجهه وقت کانپوءِ ٿي سگھيو پئي. اهو معاهدو ڪيستائين تشڪيل پائيندو، ان وقت، وقت جو تعين ڪرڻ يا اندازو لڳائڻ ڪنهن لاءِ به ڏکيو آهي. مستقل جنگبنديءَ جو معاهدو جيڪڏهن ڌرين ۽ خطي جي باقي ملڪن، اسرائيل ۽ عرب ملڪن سميت، جي مڪمل اطمينان مطابق ٿئي ٿو ۽ ڌريون ان تي سچي دل سان عمل ڪن ٿيون ته ان سان خطي ۾ پائيدار امن جي راهه هموار ٿيندي. ورنه ڪنهن به طاقت پاران امن جي گارنٽي ڏيڻ ڏکي نظر اچي ٿي. بهرحال دنيا کي اسلام آباد مذاڪرات مان امن جون جيڪي اميدون ھيون، اهي في الحال پوريون نه ٿي سگھيون. آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس چوويهه ڪلاڪ اسلام آباد ۾ ترسڻ کانپوءِ آچر ڏھاڙي بغير ڊيل حاصل ڪرڻ جي مايوس ٿي موٽي ويو. ايران جو وفد به پنھنجي ملڪ واپس ويو ھليو. اسلام آباد ۾ آمريڪا ۽ ايران جون ڳالهيون بغير ڪنهن معاهدي جي ختم ٿي ويون، هر ڌر ڳالهين جي ناڪامي جو الزام ٻئي تي لڳايو. آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس ايران سان 21 ڪلاڪن جي ڳالهين دوران ڪيئي ڀيرا صدر ٽرمپ سان ڳالهايو ۽ کانئس ھدايتون وٺندو رهيو. جنهن کانپوءِ پاڪستان ڇڏڻ وقت جي ڊي وينس چيو ته تهران انهن جي “آخري ۽ بهترين آڇ” کي قبول نه ڪرڻ جو انتخاب ڪيو. جيتوڻيڪ ھن اھڙي آڇ جي وضاحت ڪونه ڪئي.

ڳالھيون ختم ٿيڻ کانپوءِ صدر ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪي فوج ايران خلاف پنهنجي جنگ کي “مناسب وقت” تي “ختم” ڪندي ۽ اهو ته ايران پاڪستان ۾ ڳالهين دوران پنهنجي ايٽمي عزائم کي ڇڏڻ لاءِ تيار نه هو. ان کان علاوه صدر ٽرمپ آمريڪا جي فوج کي هرمز کي بلاڪ ڪرڻ جو به چئي ڇڏيو. ايران جي پرڏيهي وزارت چيو ته آچر تي اسلام آباد ۾ ڳالهين جي رڪجڻ کانپوءِ ڪنهن کي به اميد نه هئي ته ڳالهيون هڪ سيشن ۾ ڪنهن معاهدي تي پهچنديون. وزارت جي ترجمان اسماعيل بغائي چيو ته “قدرتي طور تي، شروعات کان وٺي، اسان کي هڪ سيشن ۾ ڪنهن معاهدي تي پهچڻ جي اميد نه رکڻ گهرجي ها. ڪنهن کي به اهڙي اميد نه هئي.” ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي آمريڪا تي الزام لڳايو ته هو “گول پوسٽون منتقل ڪري رهيو آهي” جڏهن ٻئي ڌريون اسلام آباد ۾ ڳالهين ۾ معاهدي کان “انچ پري” هيون. مطلب ته ھو معاھدي جي ويجهو پھچي چڪا ھئا، پر آمريڪا مسلسل پنھنجو موقف بدلائيندو رھيو.  اسلام آباد ۾ جنگ جي خاتمي لاءِ ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ ڳالهيون بغير ڪنهن معاهدي جي ختم ٿيڻ کانپوءِ، پاڪستان جي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار زور ڀريو آهي ته آمريڪا ۽ ايران کي جنگبندي جي معاهدي کي برقرار رکڻ گهرجي. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته اسلام آباد ٻنھي جھيڙيندڙ ڌرين جي وچ ۾ امن ڳالهين جي سهولت فراهم ڪندو رهندو. ڳالھين جي ناڪاميءَ کانپوءِ صدر ٽرمپ جي بيان تي عمل ڪندي آمريڪي فوج جو چوڻ آهي ته هو (سومر ڏھاڙي) صبح 10 وڳي (14:00 GMT) کان شروع ٿيندڙ ايراني بندرگاهن ۾ داخل ٿيڻ ۽ نڪرڻ وارن سڀني سامونڊي ٽرئفڪ کي بلاڪ ڪندو. آمريڪا جي اھڙي عمل تي برطانيه جي وزيراعظم اسٽارمر چيو آهي ته دٻاءُ ڪيترو به هجي، برطانيه ايران خلاف جنگ ۾ نه ڇڪبو ۽ هرمز جي آبنائي جي بندش جي حمايت نه ڪندو. ھوڏانھن ٽرمپ جي بحري بندش جي ڌمڪي کانپوءِ چين سڀني ڌرين کي پرامن رهڻ جي اپيل ڪئي آهي صبر جو مطالبو ڪيو آهي.

اسرائيلي فوج ڏکڻ لبنان ۾ وري هوائي حملا ڪيا. جواب ۾ حزب الله به اسرائيلي فوجين تي حملي جي دعويٰ ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته “هي جواب ان وقت تائين جاري رهندو جيستائين اسان جي ملڪ ۽ اسان جي ماڻهن خلاف اسرائيلي-آمريڪي جارحيت بند نه ٿيندي.” جيتوڻيڪ ھن وقت خليج جي صورتحال وري ڪشيده ٿي وئي آھي، پر اميد اھا آھي ته ڌرين جي وچ ۾ بيڪ ڊور ڊپلوميسي جاري رھندي. اسلام آباد ڳالهيون، اڳتي ھلي آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ مستقل جنگبنديءَ جو معاھدو ٿيڻ لاءِ ٺوس بنياد ثابت ٿينديون.