بلاگنئون

ڪارو ڪاري سنڌي سماج لاءِ ناسور بڻجندو پيو وڃي…!

سنڌ، جيڪا صوفي ازم، محبت، رواداري ۽ امن جي ڌرتي طور سڃاتي وڃي ٿي، اتي ڪارو ڪاري ظالماڻي رسم جيڪا انساني جانين کي ڳڙڪائيندي  رهي ٿي. “ڪارو ڪاري” نالي هيءَ رسم نه رڳو هڪ سماجي مسئلو آهي، پر هڪ گهرو ناسور بڻجي زندگيون ڳڙڪائي رھي آهي. ھيءَ رسم سنڌي سماج جي چهري تي هڪ ڪارو داغ بڻجي وئي آھي. هن رسم جي نتيجي ۾ بي شمار بيگناهه عورتون ۽ ڪڏهن ڪڏهن مرد به پنهنجي جان وڃائي ويهندا آهن ۽ اهو سڀ ڪجهه “غيرت” جي نالي تي ڪيو ويندو آهي، جيڪو اصل ۾ انسانيت جي توهين آهي. اھا ڪھڙي غيرت چئبي جنھن ۾ ٻالڪ پڻي کان ويندي جواني تائين ھٿن ۾ ٻار وڏا ڪري پوءِ ڪارو چئي ان کي بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏجي. “ڪارو ڪاري” جي اصطلاح تحت عورت کي “ڪاري” ۽ مرد کي “ڪارو” قرار ڏنو ويندو آهي، جڏهن انهن تي الزام لڳايو وڃي ٿو ته هو ڪنهن غير اخلاقي لاڳاپي ۾ ملوث آهن. افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته گهڻن ڪيسن ۾ اهڙا الزام بنا ڪنهن ثبوت جي لڳايا ويندا آهن ۽ پوءِ بنا ڪنهن قانوني ڪارروائي جي، متاثر ماڻهن کي قتل ڪيو ويندو آهي. هي عمل نه رڳو قانون جي کليل ڀڃڪڙي آهي، پر سماجي بي رحمي جو انتهائي مثال پڻ آهي. “ڪارو ڪاري” سنڌي سماج ۾ ڪا اوچتو پيدا ٿيل رسم ناهي، پر ان جون پاڙون تمام پراڻي قبائلي ۽ جاگيرداري نظام ۾ ملن ٿيون. هي رسم تاريخ جي انهن دورن سان لاڳاپيل آهي، جڏهن معاشرو قانون بدران رواجن ۽ قبيلي جي اصولن تي هلي رهيو هو. قديم وقتن ۾ خاص طور تي جڏهن رياستي قانون مضبوط نه هئا، تڏهن هر قبيلو پنهنجا ضابطا پاڻ ٺاهيندو هو. انهن ضابطن ۾ “عزت” ۽ “غيرت” کي وڏي اهميت ڏني ويندي هئي ۽ عورت کي خاندان جي عزت سان ڳنڍيو ويندو هو. جيڪڏهن ڪنهن عورت بابت شڪ به پيدا ٿيندو هو ته هن غير اخلاقي عمل ڪيو آهي ته قبيلو يا خاندان بنا ڪنهن جاچ جي سزا ڏيندو هو، جيڪا اڪثر موت هوندي هئي. اهڙيءَ طرح “ڪاري” ۽ “ڪارو” جا لفظ استعمال ٿيڻ لڳا. سنڌ ۾ خاص طور تي هيءَ رسم ان وقت وڌيڪ مضبوط ٿي، جڏهن جاگيرداري نظام وڌيو. وڏيرا ۽ سردار پنهنجن علائقن ۾ پنهنجا قانون هلائيندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ذاتي مفادن لاءِ به ماڻهن تي “ڪارو ڪاري” جا الزام لڳايا ويندا هئا. ڪيترين ئي حالتن ۾ زمين جي تڪرار، دشمني يا جبري شاديءَ کان بچڻ لاءِ به هن رسم جو غلط استعمال ڪيو ويو. ڪجهه ماهرن جو خيال آهي ته هيءَ رسم رڳو سنڌ تائين محدود نه هئي، پر دنيا جي ٻين قبائلي سماجن ۾ به “غيرت جي نالي تي قتل” جهڙيون روايتون موجود رهيون آهن، جيڪي وقت سان گڏ مختلف علائقن ۾ مختلف نالن سان سڃاتيون ويون. سنڌ ۾ ان کي “ڪارو ڪاري” چيو ويو. برطانوي دور ۾ جڏهن هندستان ۾ قانوني نظام قائم ٿيو، تڏهن به اهڙيون روايتون مڪمل طور ختم نه ٿي سگهيون. ڇاڪاڻ ته ٻهراڙي وارن علائقن ۾ قبائلي اثر اڃان به مضبوط رهيو. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ به خاص ڪري سنڌ جي اندروني علائقن ۾ هيءَ رسم جاري رهي.

اڄ جي دور ۾ جيتوڻيڪ ملڪ ۾ واضح قانون موجود آهن ۽ “غيرت جي نالي تي قتل” کي جرم قرار ڏنو ويو آهي، پر ڪارو ڪاري جهڙي رسم اڃان تائين ڪيترن ئي سنڌ، بلوچستان، خيبر پختونخواهه، پنجاب، گلگت بلتستان جي علائقن ۾ زنده آهي. پوئين سال ھڪ ڪيس ايترو ته زور شور سان وائرل ٿيو جيڪو بلوچستان جي ڪنھن علائقي جي وڊيو هئي اھو پڻ واقعو ٿيڻ کان ڪجھه ڏينھن پوءِ وائرل ٿيو جنھن ۾ مرد ۽ عورت کي ڪجھه قاتل سر عام گوليون ھڻي مارڻ جو منظر ھو، سو هيل وري سنڌ ۾ ھي خيرپور ضلعي ۾ اھڙو ٻيو واقعو روبينا خالده چانڊيو کي سر عام گوليون ھڻندڙن وڊيو منظر عام تي گردش ڪري پئي. ان وڊيو کانپوءِ سڄي سنڌ خوف جي ور چڙھي وئي ۽ بالا حڪومتي ادارن، وزيرن، پوليس آءِ جي واقعي جو نوٽيس ورتو. ٻئي پاسي سول سوسائٽي، سماجي تنظيمن ۽ سياسي، ادبي، صحافتي ماڻھو سراپا احتجاج ڪندي نظر آيا. ھڪ ٻي وڊيو منظر عام تي آئي جيڪا شمائلا جي ھئي جنھن کي پڻ ڪارو قرار ڏئي بيدري سان ماريو ويو. اهڙي طرح لاڙڪاڻي جي ماءُ ۽ ڌيءَ کي پڻ بيدردي سان مارڻ کانپوءِ ھڪ جڙتو واقعو رپورٽ ڪرائي ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي ته ماني پچائڻ ۾ دير ڪئي وئي. افسوس ھڪ ئي مھيني ۾ ايترا واقعا هڪٻئي جي پويان منظر عام تي آيا، پر ادارن  ڪھڙو ڪردار ادا ڪيو، صرف ايف آءِ آر داخل ڪري ھڪ اڌ گرفتاري کانپوءِ خاموش، ان تي نه ڪو ايڪشن ٿيو، نه حد جو ايس ايڇ او معطل ٿيو. منھنجي خيال ۾ ڪارو ڪاري جو ريشو ان ڪري وڌي رھيو آھي جو سوچ، تعليم جي کوٽ ۽ قانون تي مڪمل عملدرآمد نه ٿيڻ آهي. ڪارو ڪاري سنڌي سماج ۾ قبائلي رواجن، جاگيرداري نظام ۽ عورتن کي ملڪيت يا عزت سان ڳنڍڻ واري سوچ مان جنم ورتو ۽ وقت سان گڏ هڪ ظالماڻي رسم جي صورت اختيار ڪري وئي، جيڪا اڄ به سماج لاءِ هڪ وڏو چئلينج بڻيل آهي.

ڪيترن ئي ھنڌن تي ايئن پڻ ڏٺو ويو آھي ته ڪنھن ماڻھو کي مالدار ڏسي ان جي ملڪيت ڦٻائڻ لاءِ پڻ ان تي ڪارو ڪاري جو الزام مڙھي گھر جي ڪنھن عورت کي ان سان ڪارو ڪري ھن کان ڏنڊ ڏوھه ڀرايا ويا. ڪيترن ھنڌن تي ته ڪارو ڪاري ڪري ھڪ گھري ننڊ ستل عورت کي مارڻ کانپوءِ ڪاري چئي اڳلي ڪارو چيل مرد کان سڱ چٽين ۾ ورتا ويا. ھڪ واقعو رتوديرو تعلقي ۾ ٿيو ھڪ عورت پنجيتاليھه سالن جي ھئي سندس مڙس پنجاھه سالن جو هو، کين اولاد نه ھو، پر گھر زمين مال ملڪيت گنج هئن ان مائي جي ڏير جا پٽ جن ان عورت کي رات جي وقت ڪھاڙين جا وار ڪري اهو چئي ماري ڇڏيو هو هوءَ ڪاري آهي، پر حقيقت ۾ سندن ملڪيت هن جي دشمن بڻجي وئي. جنهن کانپوءِ سندن چاچو فريادي ٿيو ۽ ڪيس ڪمزور ٿي ڪجھه سالن ۾ ڏوهاري آزاد ٿيا. حقيقت ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪارو ڪاري جو الزام ذاتي دشمني، ملڪيت جي تڪرار يا ٻين مفادن لاءِ پڻ استعمال ڪيو ويندو آهي. اهڙي طرح هي رسم صرف “غيرت” جو مسئلو نه رهي، پر هڪ اوزار بڻجي وئي آهي، جنهن ذريعي ڪمزور ماڻهن کي نشانو بڻايو وڃي ٿو. هن ناسور کي ختم ڪرڻ لاءِ سماج جي هر فرد کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان خاموشي ٽوڙيون، ظلم خلاف آواز اٿاريون ۽ هڪ اهڙو سماج ٺاهيون، جتي ڪنهن به نياڻي کي پنهنجي پسند جي زندگي چونڊڻ جي سزا موت نه ملي. ڇو ته ڪابه غيرت ڪنهن بيگناهه جي زندگي کان وڏي نه هوندي آهي ۽ انسانيت کان وڏي ڪابه قيمت ناهي.