سنڌ صوبي ۾ ھينئر تازو ئي جونيئر سائنس ٽيچر جون ٽيسٽون ورتيون ويون جنهن جو اشتھار گذريل سال مئي ۾ جاري ڪيو ويو ھو ۽ ڏٺو وڃي ته خاص سائنس جي حوالي سان پوسٽون تخليق ڪرڻ سنڌ گورنمينٽ جو تمام بھترين ڪم آھي ۽ اسان مڃون ٿا ته پوري پاڪستان ۾ صرف سنڌ صوبي کي ئي اھو اعزاز حاصل آھي، جنهن پھريون دفعو خالص سائنس جون پوسٽون تخليق ڪري سنڌ صوبي جو مان مٿانھون ڪيو آھي. مطلب ته سنڌ کي پيوئر سائنس استادن جي ضرورت آھي، جنهن کي ڪلاس پنجين کان اٺين تائين جي سائنس پڙھائڻي پوندي. ھاڻي ڏسو pst ۽ jest جا جيڪي استاد آھن انهن کي سائنس سان گڏ ٻيا به سبجيڪٽ پڙھائڻا آھن. جھڙوڪ: سنڌي، اردو، انگلش، اسلاميات وغيره. ھاڻي جونيئر سائنس ٽيچرز جيڪي ڀرتي ٿيندا اھي سائنس پڙھائيندا جنهن سان تعليم ۾ سڌارو ايندو. اسان ڏسون ته جديد سائنسي ۽ ٽيڪنالاجي جي دور ۾ پاڪستان ھينئر ڪٿي بيٺو آھي ۽ ڀارت، آمريڪا ۽ يورپي ملڪ ڪٿي، مطلب ته اسان وٽ شروع کان سائنس صرف نالي خاطر پڙھائي وئي آھي ۽ پريڪٽيڪل ڪم صفا زيرو ڪرايو ويو آھي، سو اسان کي ھي موقعو مليو آھي سنڌ بلڪه پوري پاڪستان ۾ سائنسي تعليم اجاڳر ڪرڻ جو. بدقسمتي سان پنجن سالن کانپوءِ فريش گريجوئيٽن کي موقعو مليو پاڻ کي اڳيان آڻڻ جو، پر پوءِ به افسوس 70+ وارا شاگرد به خطري ۾ آھن جو متان ھو جونيئر سائنس ٽيچر پوسٽ لاءِ سليڪٽ نه ٿين. ڇاڪاڻ ته سيٽون بلڪل ٿوريون آھن، سڄي سنڌ صوبي جون صرف 1237 سيٽون متعارف ڪرايون ويون آھن. جڏهن ته پاس اميدوارن مردن توڙي عورتن جو تعداد گهڻو آھي. ھاڻي سڄي سنڌ جا پرائمري ايليمينٽري اسڪول ان کانسواءِ ھينئر انگن اکرن موجب سنڌ جا 496 پرائمري اسڪول اپگريڊ ٿيا آھن. ايليمينٽري اسڪولن ۾ جتي ظاھر آهي سائنس ٽيچرس گھرجن، ھر اسڪول کي گھٽ ۾ گھٽ 8 کان 10 استاد گھرجن سائنس جا ته سوچيو جونيئر سائنس ٽيچرس جون ڪيتريون پوسٽون خالي ھونديون؟ جيڪڏهن pst ۽ jest جا آرٽ جا استاد 40+ ڀرتي ٿي سگھن ٿا ته جونيئر سائنس ٽيچرس ڇو نه؟ حالانڪه ھن ٽيسٽ ۾ ھر پورشن سائنس جو الڳ الڳ رکيل ھو. ھن ٽيسٽ ۾ جيڪي 40+ اميدوار آھن سي به قابل آھن، ھنن جو آواز ٻڌو ھي توھان کي تعليمي ميدان ۾ مايوس نه ڪندا. اسان جو سنڌ جي تعليم واري وزير محترم سائين سردار شاهه صاحب کي نماڻو عرض آھي ته مھرباني ڪري جلد کان جلد جونيئر سائنس ٽيچرس جون سيٽون وڌايون وڃن ۽ قابل نوجوانن جي چھرن تان مايوسي ختم ڪئي وڃي. سائنس ٽيچرس اڄ جي دور خاص طور تي سنڌ صوبي جي اھم ضرورت آھن.